ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪامريڊ نذير عباسي جي شھادت ۽ اڄ جون حالتون

Editorial-Artilce- Nisar Leghari

حڪمران طبقن جي ڪوشش ھوندي آھي ته انقلابي ماڻھن کي مختلف لالچون ڏئي خاموش ڪرائجي پر ڪو ماڻھو هر قسم جي جبر، لوڀ ۽ لالچ کان مٿانهون ٿي ويندو آھي ته ان کي جسماني طرح ختم ڪيو ويندو آھي پر تاريخ جو اهو عجيب فيصلو هوندو آھي ته خاموش فرد مفاهمت ڪندڙ فرد پنهنجي فطري عمر گذاري هليو ويندو آھي پر اهي ماڻھو لازوال ٿي ويندا آھن جيڪي وقت جي رهزنن هٿان قتل ڪيا ويندا آھن.
هن وقت به ڪامريڊ نذير عباسي جي شھادت کي 42 سال گذري ويا پر هي انقلابي اڏول ڪردار جيڪو ضيائي فوجي آمريت ۾ پهرين مسنگ پرسن بنايو ويو پو کيس 9 آگسٽ 1980 تي سخت تشدد ڪري لاوارث ڄاڻائي ايڌي حوالي ڪيو ويو ۽ حاڪمن ڄاتو ته هاڻ ھي لاش ھميشه لاوارث رهندو پر تاريخ جو فيصلو ٻيو هو.
اڄ انهي نذير عباسي جي فڪر جا ماڻھو سندس قرباني کي ياد ڪري چوندا آھن ته اسان جو رستو شھيد نذير عباسي جو رستو. اڄ به نذير عباسي جام شھادت کان پو سرخرو آھي
فوجي آمريت هڪ جسم کي ختم ڪيو هڪ خيال هڪ مقصد کي هميشا لا زنده ڪري ڇڏيو.

ڪامريڊ نذير عباسي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي هاري تنظيم سنڌ ھاري ڪميٽي، ڊي ايس ايف ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ سميت سنڌ جي ٽريڊ يونينن کي منظم ڪرڻ وارن سڀني محاذن تي سرگرم هو. هو گهڻ طرفين صلاحيتن جو مالڪ هو، جنهن جي ڪري هن جلدي سموري سنڌ ۽ ملڪ ۾ مقبوليت حاصل ڪري ورتي. فوجي آمريت ڇتي ٿي پئي هڪ ئي وقت هو وري جمهوريت جي بحالي واري ظاهري توڙي ڳجهي تحريڪ جو اهم سرگرم ڪردار ٿي اڀريو. انهي سرگرمي جي ڪري تنظيم به پابندي مڙھيل هوندي تمام ٿوري ڪيڊر هوندي سماج جي متحرڪ حلقن ۾ مقبول ٿي وئي مٿان وري سرد جنگ جي اثر سوويت انقلاب جي اثر اسان جي سماج تي گهڻ طرفا اثر ڇڏيا.

آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي لا جدوجهد

افسوس جوڳي صورتحال آھي ته هن وقت به ساڳيون حالتون آھن جيڪي اسي جي ڏھاڪي ۾ ھيون پر ان وقت عوام اندر سڌي فوجي آمريت خلاف نفرت عروج تي هئي سياسي قوتن جي وڏي ساک هئي نذير عباسي ۽ سوين سياسي ڪارڪنن جي شھادتن گرفتارين سخت مارشل لا نيٺ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياالحق خلاف هڪ وڏي تحريڪ ايم آر ڊي کي جنم ڏنو جنهن ۾ آمريڪا ۽ ان جي خوني تنظيم سي آ اي جي آشيرواد تي هلندڙ فوجي آمريت نيٺ ڪمزور ٿي وئي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي پوئتي هٽڻو پيو.

فوجي آمريتن عوام جي خوف کان اڻ سڌي آمريت لاڳو ڪرڻ کان پو مسلسل لهرايو آھي. باقي هنن محترمه شھيد بينظير ڀٽو کان وٺي نواز شريف تائين کين پنهنجو غلام بڻايو آھي کين ڪرپٽ ڪري بدنام ڪيو آھي ۽ ھنن جي امڪاني طاقتور ٿيڻ سبب هنن جي مٿان وري عمران خان جهڙي آمريت جي سڌي پپيٽ Puppet ڪٺ پتلي کي اڳيان آندو آھي ته جيئن عوام کي بيوقوف بڻائي سگهجي.
جيڪڏھن حقيقت پسند ٿي ڏٺو وڃي ته آمريت خلاف جدوجهد جون ڪاميابيون به آھن پر پيپلز پارٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي غداري آمريتي قوتن سان سازباز عوام جي قربانين تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، هاڻ ھڪ نئين دور جو آغاز ٿي رهيو آھي جنهن ۾ نام نهاد جمهوري قوتون اسٽيبلشمينٽ جون آلئه ڪار آھن هر طرف ساڄي ڌر آھي عوام مان مزاحمت کي ختم ڪيو ويو آھي اڄ به عوام کي اهو ڪوڙ پيو ٻڌايو وڃي ته قومي ۽ طبقاتي جبر ختم نه ٿيندو خاموش رهو برداشت ڪريو پر اهو سڀ ڪجهه عارضي آھي.

ڪميونسٽ پارٽي وطن دوست عوام دوست ڌرين ان وقت به سمجهيو پئي ته جيستائين هن خطي ۾ قومن جو مسئلو ۽ جمهوريت جي بحالي حل نه ٿيندا ان وقت تائين سماج اڳتي نه وڌي سگهندو ۽ نذير عباسي انهي خيال جي مڪمل ترجماني پئي ڪئي هو قومي طبقاتي جمهوري جدوجهدن کي هڪ وڏي عوامي مزاحمت جي صورت ۾ ڏسندو هو. سندس ڪجهه ڪالم انهي ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا سندس ڪم پڻ جنهن جي ڪري کيس ڪوئٽا جي قلي ڪئمپ ۾ آمريتي قوتن وارننگ ڏني هئي ته اڳتي توکي زنده نه ڇڏينداسين. نذير عباسي هن رستي جي چونڊ ڪري چڪو هو، هو انقلاب جو عاشق هو. بقول سندس انقلابي ساٿياڻي ڪامريڊ حميدا گهانگهرو سندس وني جي

عاشق زهر پياڪ وهه ڏسي وهسن گهڻو
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشا هيراڪ
توڙي چڪن چاڪ ته به آگ نه ڏين عام کي (ڀٽائي)

ڪامريڊ نذير عباسي ڪميونسٽ بالشويڪ نظريي جي اهڙي تجسيم هو جنهن جو هتي مثال گهٽ ملندو آھي پر نذير اهو مثال ڇڏي انهي خال کي هميشه لا ڀري ڇڏيو آھي.

هن وقت قومي جمهوري طبقاتي جدوجهد جي صورتحال ۽ نذير عباسي جو پيغام:

هن وقت مايوسي به آھي ته اميد پڻ اسان جو نسل تاريخ جي عجيب موڙ تي آھي جتي هڪ طرف نيون مزاحمتون جنم وٺي رهيون آھن عوام دشمن قوتون پنهنجون سڀ اٽڪلون تشدد لالچ دوکي جا حربا هلائي ناڪام ٿي چڪيون آھن حڪمران جماعتون اقتدار ۽ دولت جي ڦرلٽ لا ڪتن جيان وڙهي رهيون آھن.
حڪمران طبقا عوام دشمن قوتون اگهاڙيون ٿي چڪيون آھن فڪري طرح ھنن جو سرماياداري نظام جمهوريت سڀ ناڪامي جو شڪار آھن هن وقت ڪامريڊ نذير عباسي جي جدوجهد جي سموري ورثي کي وري سنڀالڻ جي ضرورت آھي.
پورهيت طبقو مظلوم قومون خاص طرح سنڌ شديد استحصال جو شڪار آھي ڌارين جون لوڌون آڻي سنڌ وطن جي اقتدار اعليٰ کي سنڌ جي عوام کان کسيو پيو وڃي ان خلاف سنڌ جي نوجوانن جي جدوجهد غيرمعمولي سياسي اظھار ۽ تحريڪ کي جنم ڏنو آھي، جيڪا تحريڪ هاڻ اڃا سگهاري عوامي ۽ جمهوري ٿيندي. اهو خاص طرح ٽڙيل پکڙيل منڌل کاٻي ڌر کي سمجهڻ گهرجي مونجهارن مان فوري طور نڪري اچڻ گهرجي. هن وقت عوام جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آھي.

مظلوم قومن جي جدوجهد ۽ ڪامريڊ نذير عباسي جو رستو:

جيستائين هن خطي ۾ ھڪ به قوم ۽ فرد غلام آھي هتي انساني سماج قائم ڪرڻ ممڪن نه آھي انڪري سمورين قومن فردن کي بنيادي حق ڏيڻا پوندا تڏھن ئي هي خطو سامراجيت جي خوني چنبي مان به نڪري سگهندو

نذير عباسي جو رستو اسان جو رستو
قومن جي نجات جو رستو اسان جو رستو
پورهيت طبقي جي نجات جو رستو نذير عباسي جو رستو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button