ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پارٽيءَ جي حڪومت ۽ مريم جي مخالفت

Editorial-Article- Umer Qazi

ميان نواز شريف جي موٽ ايتري معمولي ناهي جو ان جو اعلان وفاقي وزير جاويد لطيف کان ڪرايو وڃي. ميان نواز شريف جڏهن به ايندو، تڏهن هن جي اچڻ جو مهينو ۽ تاريخ مريم نواز ٻڌائيندي. جيڪڏهن اهو ڪو اعزاز آهي ته اهڙو اعزاز نواز شريف پنهنجي ان ننڍي ڀاءَ کي به نه ڏيندو، جنهن سان هن جا وڏا اختلاف آهن. اهي اختلاف جيڪي پارٽي ۽ خاندان جي مفاد ۾ لڪايا ويا آهن پر هاڻي جڏهن مريم صاحبه پاڻ انهن اختلافن تان پردو هٽائي رهي آهي ته پارٽيءَ وارا ڪيستائين پابند رهندا؟ هونءَ به اهو معاملو گهڻي دير تائين راز جي صورت ۾ نه رهڻو هو. اهو راز فاش ٿيڻو هو. اهو راز فاش ٿي ويو. جڏهن ته ڳالهه ايڏي وڏي به نه هئي. جڏهن پيٽرول جي قيمت ۾ تاريخي اضافو ڪيو ويو، تڏهن مريم ڪجهه نه ڪڇيو پر هاڻي جڏهن پيٽرول جي اگهه ۾ ستن روپين جو اضافو آندو ويو آهي ته مريم نواز حڪومت سان پنهنجو اختلاف ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ واضع طور تي لکيو آهي ته هوءَ حڪومت جي فيصلي سان سهمت ناهي. هوءَ فيصلي جي مخالف آهي. هوءَ عوام سان گڏ بيٺل آهي.

مريم نواز ته عوام سان گڏ بيهڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته عوام هن سان گڏ بيهي ٿو يا نه؟ اهو احساس نه صرف نواز شريف ۽ سندس جانشين ڌيءَ مريم نواز پر مسلم ليگ ن جي هر اڳواڻ کي شدت سان آهي ته عوام مسلم ليگ کان ناراض آهي. انهن سڀني کي اهو خوف به ورائي ويو آهي ته عمران خان انهن کان پنجاب کسي رهيو آهي. جڏهن ته ڪجهه ڌرين جو اهو خيال به آهي ته عمران مسلم ليگ نواز کان پنجاب کسي چڪو آهي. اهو پنجاب ئي آهي، جيڪو فيصلو ڪري ٿو ته پاڪستان تي ڪير حڪومت ڪندو؟ پنجاب کي وڃائڻ جو سمورو نقصان ميان نواز شريف ۽ مريم نواز توڙي انهن جا حامي حلقا شهباز شريف جي کاتي ۾ وجهي رهيا آهن. هو چئي رهيا آهن ته شهباز شريف جي شوق جي قيمت نه صرف شريف خاندان پر پوري پارٽيءَ کي ادا ڪرڻي پئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته جيڪي به معاملا ٿين ٿا، انهن ۾ تحريڪ انصاف اڀري اچي ٿي ۽ مسلم ليگ عوامي سطح تي پنهنجو منهن لڪائي گهمڻ تي مجبور آهي. ڇو ته هن مهل جيڪا به مهانگائي آهي، اها موجوده حڪومت جي پاليسين جو نتيجو آهي. ان حوالي سان ماڻهو پريشان ٿي مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ ۽ مولانا فضل الرحمان جي حڪومت خلاف ڳالهائين ٿا ۽ اها گفتگو مسلم ليگ ن جو پنجاب ۾ پورو بنياد کوکلو ڪري رهي آهي ۽ ميان نواز شريف کي ان جو تمام گهڻو اونو آهي.

مسلم ليگ ن ۾ شريف خاندان جا جيڪي به اختلاف پلبا رهيا آهن، اهي پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن کان ڪڏهن به لڪل نه رهيا آهن. جڏهن هن وقت انهن اختلافن جي گونج وڌي وئي آهي. ڇو ته ميان نواز شريف ۽ مريم نواز کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان کي هٽائي حڪومت ۾ اچڻ جو فيصلو انتهائي نامعقول هو. انهن کي ڪجهه وقت انتظار ڪرڻ کپندو هو. عمران خان عوام ۾ غيرمقبول ٿي رهيو هو ۽ هن کي ٻيهر مقبول بڻائڻ جو ڪم تمام گهڻو نقصان وارو ثابت ٿيو آهي. هن وقت به مسلم ليگ ن جون جيڪي پارٽي ميٽنگون ٿين ٿيون ۽ جيڪي به معاملا بحث هيٺ اچن ٿا، انهن ۾ حڪومت سبب پارٽيءَ کي پوندڙ نقصان جو اسم سڀ کان گهڻو بحث هيٺ اچي ٿو ۽ ميان شهباز شريف ته ان صورتحال سبب ايترو گهڻو گهٻرايل آهي جو هو پارٽيءَ جون ميٽنگون به اٽينڊ نه ٿو ڪري ۽ سرڪاري مصروفيت جا بهانا بڻائي هو پارٽي ميٽنگ کان ڪنڌ ڪڍائي ٿو. جڏهن ته هو پارٽيءَ جو صدر آهي.

سپريم ڪورٽ پاران نااهل ٿيڻ جي صورت ۾ ميان نواز شريف نه صرف ملڪ جي وزارت اعظميٰ واري پوزيشن وڃائي پر هو پارٽيءَ جي صدارت جي به لائق نه رهيو. اهڙي صورتحال ۾ هن وٽ ٻيو ڪو آپشن نه رهيو ۽ هن پنهنجي ننڍي ڀاءَ کي پارٽيءَ جو صدر بنايو ۽ هن جي ڌيءَ جيڪا هن جي اصل سياسي وارث آهي، ان کي نائب صدر بڻايو ويو. اصولي طور تي نائب صدر کي پنهنجي پارٽي صدر جو هر حڪم مڃڻ گهرجي ۽ هن کي گهٽ ۾ گهٽ منظرعام تي اچي ڪنهن به قسم جو اختلاف ظاهر نه ڪرڻ کپي پر مريم نواز منڍ کان وٺي پنهنجي چاچي جي خلاف ڪا نه ڪا ڪرت ڪندي رهندي آهي. جڏهن مسلم ليگ ن اتحادين سان گڏجي اڃان حڪومت ۾ نه آئي هئي، تڏهن به مريم نواز تمام گهڻا جتن ڪيا هئا ته هن جو چاچو وزير اعظم ٿيڻ واري ضد تان لهي وڃي. هن ان سلسلي ۾ جلسن جي اسٽيج تان عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ڪيئي ڀيرا تقرير دوران عوام کي چيو ته هٿ کڻي ٻڌايو ته ڇا ڪپتان جو ڪيل سرڪاري گند جو بار اسان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ گهرجي؟ عوام انڪار ڪيو پر عوامي انڪار جي ڪهڙي اهميت؟ ٿيڻو اهو ئي هو، جيڪو ميان شهباز شريف جي من ۾ هو. هن مولانا فضل الرحمان ۽ خاص طور تي آصف زرداريءَ سان ملي عمران خان جي ڪمزور حڪومت کي ڪيرائي ڇڏيو پر هاڻي انهن جي لاءِ معيشت جي حوالي سان تباهه ٿيل نظام کي هلائڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويو آهي. انهن کي بار بار اهڙا فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جن جي ڪري عوام انهن کان گهڻو پري وڃي رهيو آهي ۽ اها تڪليف ميان نواز شريف محسوس ڪري رهيو آهي.

ميان نواز شريف کي معلوم آهي ته پنجاب ۾ آصف زرداريءَ جو نالو مثبت طور تي نه ورتو ويندو آهي ۽ ميان نواز شريف جي پارٽيءَ آصف زرداريءَ خلاف ايتري ته تنقيد ڪئي آهي ۽ هن جي مخالفت ۾ عوام کان ايتريون ته تاڙيون وڄرايون آهن جو هاڻي جڏهن هو هن سان گڏجي بيهن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ ڳالهيون ڪري مسڪرائن ٿا ۽ ٽهڪ ڏئي هڪ ٻئي سان هٿ ملائين ٿا ته پنجاب جي ماڻهن ۾ سياست جي منافقت جو احساس تمام گهڻو شديد ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح نواز شريف جا حامي حلقا هاڻي ان طرح سان نه ٿا سوچين ۽ نه ٿا محسوس ڪن، جيئن هو اڳ ۾ ڪندا هئا. پنهنجي ٻوليءَ وارن ماڻهن ۾ وڌندڙ ناپسنديدگي ميان نواز شريف جي لاءِ تمام گهڻي پريشانيءَ جو ڪارڻ آهي ۽ ان صورتحال ۾ هن وٽ ٻيو ڪو رستو نه رهيو آهي، سواءِ ان جي ته هو واپس وري ۽ پنهنجي ڀاءَ جي حڪومت تي “جائز تنقيد” ڪري عوام ۾ پنهنجي مقبوليت جو گراف وري وڌائي پر ڇا اهو ممڪن آهي؟

ميان نواز شريف ته گهڻي وقت کان وٺي واپس ورڻ جي لاءِ اتاولو ويٺو آهي پر هو پنهنجي واپسيءَ جي قيمت طور تي جيل قبول ڪري. ميان نواز شريف جي هاڻي صحت ۽ عمر به اهڙي ناهي جو جيل جون سختيون سهي سگهي پر هو جڏهن جوان هو، تڏهن به جيل کان تمام گهڻو ڊڄندو هو. هن مهل ته هن لاءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته جهاز مان لهي جيل ۾ وڃي. هونءَ به اهو ممڪن ناهي. ڪنهن طرح سان به ممڪن ناهي ته ميان نواز شريف پنهنجي پارٽيءَ جي حڪومت ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءَ جي حڪمرانيءَ ۾ جيل جو منهن ڏسي. ان صورت ۾ ته اتحادي حڪومت ۾ بغاوت پيدا ٿي پوندي. اهو ئي سبب آهي ته شهباز شريف تمام گهڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو جيترو وقت به ميان نواز شريف کي ٻاهر رکي سگهي ٿو ته رکي. هو سدائين پنهنجي ڀاءَ ۽ پارٽيءَ کي اهو تاثر ڏيندو رهيو آهي ته هو نواز شريف جي لاءِ رستو صاف ڪري رهيو آهي پر هاڻي پارٽيءَ جو شڪ پڪ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. ان ڪري مريم نواز پنهنجي چاچي جي حڪومت خلاف بغاوت جو نعرو هنيو آهي ۽ چيو آهي ته هوءَ حڪومت جي ان فيصلي سان اتفاق نه ٿي ڪري. ڇا حڪومت هن جي بيان کي ڪا اهميت ڏيندي؟

مريم نواز سدائين شهباز شريف جي سياسي فيصلن ۽ پاليسين تي تمام سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ جڏهن به ميڊيا ميان شهباز کان ان باري ۾ پڇا ڪئي آهي ته اهو ئي چيو آهي ته مريم نواز ٻار آهي. هن جي ارڏائي کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي طرح ميان شهباز شريف جي اها پاليسي مريم نواز جو سياسي قد نه وڌڻ ڏيڻ جو هڪ سبب بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي انهن سمورن سببن کي تهس نهس ڪرڻ لاءِ ميان نواز شريف پاڻ پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جو ايندڙ مهيني ۾ اچڻ ممڪن نه ٿو لڳي. ڇو ته اڃان تائين ميان نواز شريف ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۾ معاملا طئه نه ٿيا آهن. جيتوڻيڪ بظاهر اهو محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي ٻنهي ڌرين ۾ اختلافن جي شدت ساڳي نه رهي آهي پر پوءِ به ان صورتحال کي کير کنڊ قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. جيستائين ميان نواز شريف ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۾ معاملا بنهه بهتر ٿين، تيستائين ميان نواز شريف جي واپسي ممڪن محسوس نه ٿي ٿئي. پر ان سلسلي ۾ پارٽيءَ توڙي خاندان ۾ اهو تاثر به وڌي ويو آهي ته ميان شهباز شريف نه رڳو اهو چاهي نه ٿو ته ميان نواز شريف موٽي اچي پر هو پنهنجي ڀاءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي. ان ڪري هاڻي ميان نواز شريف جا معاملا اڪلائڻ جي ذميواري پارٽيءَ جي ٻين سينئر قيادت جي حوالي ٿي آهي ۽ اها قيادت پنهنجي قائد جي واپسيءَ واري رستي کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.

مريم نواز مسلم ليگ ن جي اندر حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هو پيٽرول جي قيمت ۾ تمام گهڻي واڌاري تي چپ رهي پر هن جي سانت کي ستن روپين جي اضافي ٽوڙي ڇڏيو. هوءَ پنهنجي پارٽيءَ جي حڪومت خلاف پنهنجو ٽوئيٽر سرگرم ڪري رهي آهي. ڇا مريم کي شهباز شريف سندس والد معرفت منع ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button