ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تيل جي وڌندڙ قيمتن کي ڪير گهٽ ڪندو؟

Editorial-Article- Rashid Leghari

پاڪستان ۾ مهانگائي عوام جو مقدر بڻجي وئي آهي. مهانگائي جي پٺيان به هڪ مافيا آهي، حڪومت ۽ حڪمرانن سان گڏ هتي جا واپاري ۽ صعنتڪار به مهانگائي جا ذميوار آهن. هن وقت پاڪستان ۾ پيٽرول جي مهانگو ٿيڻ پٺيان به اهڙي مافيا جو هٿ ٿي سگهي ٿو. پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن انساني زندگي کي بي حد متاثر ڪيو آهي. ملڪ ۾ هڪ طرف گاڏيون مهانگيون ڪيو ويون آهن، اتي ٻئي طرف تيل جي قيمتن کي ڏسجي ته عوام پنهنجي ئي گاڏين مان کار کائڻ لڳو آهي. هتي گاڏين جي مهانگي ٿيڻ کي ڊالر جي ملهه سان ڀيٽيو وڃي ٿو. ڊالر ڀلين گهٽ به ٿئي پر گاڏين جون قيمتون گهٽ نه ٿينديون آهن.
هن وقت هر ڪار 20 لک کان مٿي جي آهي. گهٽ قيمت واري گاڏي خريد ته ڪري سگهجي ٿي پر هن مهانگي پيٽرول تي هلڻ جي قابل به نه هوندي. گاڏين جي سروي رپورٽ موجب هن وقت پاڪستان ۾ آبادي جي لحاظ کان 10 سيڪڙو ماڻهن وٽ پنهنجون ذاتي گاڏيون آهن. وچولي طبقي ۽ نوڪري پيشه طبقي لا گاڏي رکڻ ضروري به هوندو آهي. گاڏي ناهي ته انسان جو هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سفر عذاب کان گهٽ ناهي. جيتوڻيڪ پيٽرول جي مهانگي ٿيڻ کانپو ٽيڪسي جي گاڏين جا ڀاڙا به چوٽ چڙهي چڪا آهن.

پيٽرول جي 7 روپيا مهانگي ٿيڻ سان پيٽرول جون قيمتون ٻيهر چوٽ چڙهي ويون آهن. ساڳئي ريت ڊيزل جي مهانگي ٿيڻ سان زراعت جو بحران اڻٽر هوندو. ڊيزل ۽ پيٽرول جي مهانگي ٿيڻ ۽ هاڻوڪي برساتن سبب خوراڪ جو بحران پڻ ڏسڻ وٽان هوندو. مارچ، اپريل ۾ جتي پاڻي جي شديد کوٽ هئي، پاڻي جي بحران کانپو وري جولا کان جيڪا برساتن تباهي آندي آهي. ان سان سنڌ ۾ پوکيل فصل تباهه ٿي ويا آهن. ڊيزل جي مهانگي ٿيڻ سان زرعي فصلن تي آيل خرچ به آبادگار نه ڪڍي سگهندا. جنهن سان هڪ نئين بحراني صورتحال کي عوام منهن ڏيندو، اهڙي حالتن جا ذميوار هي حڪمران ئي آهن. عمران خان جي حڪومت کانپو هي حڪومت به تيل جي قيمتن کان گهٽ ڪرڻ لا تيار ناهي. جنهن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. عالمي مارڪيٽ ۾ 17 روپيا تيل سستو ٿيڻ باوجود هتي ڏينهن به ڏينهن تيل مهانگو ٿي رهيو آهي. تيل مهانگي ٿيڻ جي سزا عوام ئي ڀوڳيندو آهي. هتي ته تيل مهانگو ڪيو پيو وڃي. فرض ڪريون حڪومت اعلان ڪري ته اسان وٽ عوام کي تيل ڏيڻ لا ذخيرا موجود نه رهيا آهن ته پو جيڪا انارڪي هن ملڪ ۾ ڦهلجندي ان جو اندازو حڪمرانن کي به نه هوندو. اها انارڪي ڪنهن تبديلي نه پر هڪ تباهي جي صورت ۾ نمودار ٿيڻي آهي. ان تيل جي بحران جو هڪ نمونو اسان سريلنڪا ملڪ ۾ ڏٺو آهي. سريلنڪا جي معيشت جو گهڻو دارومدار سياحت تي ئي هو. ڪرونا جي وبا کانپو سياحت جي بند ٿيڻ سان ۽ سريلنڪا کي عالمي مالياتي ادارن کان ملندڙ امداد بند ٿيڻ کانپو استعمال لا تيل موجود نه هو. سمنڊ تي جيڪو تيل سان ڀريل جهاز اچي بيٺو اهو به واپس انڪري هليو ويو ته سريلنڪا ملڪ وٽ تيل خريد ڪرڻ لا پئسا نه هئا. اهو تيل سان ڀريل ٻيڙو وري واپس هليو ويو. جيڪو تيل وري انڊَيا خريد ڪيو. جنهن بعد وري سريلنڪا وٽ جيڪو تيل پهتو ته ان کي وٺڻ لا عوام پيٽرول پمپ تي ٽن کان 4 ڏينهن قطار ۾ بيٺل نظر آيا. جنهن کانپو حڪومت ٽيڪسي گاڏين کانسوا ذاتي گاڏين کي تيل ڏيڻ لا بندش لڳائي ڇڏي. ميڊيا جي عالمي ادارن رپورٽ ڪيو پئي ته سريلنڪا ۾ عوام جڏهن تيل وٺڻ لا نڪرندو هو ته پاڻ سان گڏ ٻن کان ٽن ڏينهن جو کاڌو به پاڻ سان گڏ کڻي نڪرندو هو. ان سان ان شخص جو سمورو معاشي سرڪل به رڪجي ويو. جنهن سان رياست کانپو هڪ خاندان به معاشي بحران ۾ داخل ٿيندو ويو. سريلنڪا جي معاشي بحران کانپو پاڪستان ۾ تيل سميت ٻين شين جي کوٽ کانپو هتي جو معاشي سرڪل به رڪجي ويندو. اسان ڏٺو آهي ته هن رياست ۾ عوام پهرين کان ئي غربت ۽ ڪسمپرسي ۾ پيل آهي. جنهن وٽ پاڻ کي مارڻ کانسوا ٻيو ڪو رستو به هوندو.
2 ڏينهن اڳ تيل جي وڌندڙ قيمتن تي اپوزيشن جي اڳواڻن ۽ پارٽين به تنقيد ڪئي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز تيل جي قيمتن تي تنقيد ڪئي آهي. آصف زرداري چيو ته وفاقي حڪومت ڪالهه پيٽرول ۾ پوڻا 7 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو آهي ۽ گڏ آهي، اهڙي قسم جي فيصلن تي صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته اسان سڀ هن حڪومت ۾ عوام کي رليف ڏيڻ آيا آهيون ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ئي اسان جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. مريم نواز چيو آهي ته ھڪ پئسي جو بھ ٻوجهه عوام تي وجھي نٿي سگھان ۽ جيڪڏھن حڪومت جي ڪا مجبوري آھي تھ ان فيصلي ۾ مان شامل ناھيان. هي تنقيد خبرن جي حد تائين ٺيڪ لڳي ٿي پر هي به اقتدار ۾ آيا ته اڃا به تيل جون قيمتون وڌايون وينديون.
جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت اڃا وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪندي، جيڪو پنهنجي بيان ۾ بار بار چئي رهيو آهي ته پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو فيصلو مناسب آهي، عوام اسان تي اعتماد ڪري. هن چيو ته گئس جو سرڪلر ڊيٽ 1400 ارب رُپين تائين پهچي ويو آهي. ايل اين جي لوڪل گئس جي اگهن تي وڪرو ڪئي وئي. ڊالر ڪنٽرول مان نڪري ويو هو، اسان ڊالر کي 239 رُپين تي ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪيو پر هاڻ ڊالر هيٺ اچي رهيو آهي. هن چيو ته درآمد گهٽ ٿيندي ته رُوپيو مضبوط ٿيندو، اسان غيرضروري شين جي درآمد تي پابندي لڳائي آهي. 10 سيڪڙو ايڪسپورٽ نه ڪرڻ وارن تي واڌو ٽئڪس لاڳو ڪنداسين. هن چيو ته جلد آءِ ايم ايف بورڊ سان ميٽنگ ٿيندي، جنهن بعد اسان کي پئسا ملي ويندا. پيٽروليم شين جي اگهن بابت ناڻي وزير چيو ته پيٽرول جو معاملو آٽوميٽڪ آهي، حڪومت اوگرا فارمولي تحت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائيندي آهي. اسان نه ٽئڪس وڌايو نه گهٽايو آهي، اسان پيٽروليم شين جي سمري وزيراعظم ڏانهن اُماڻي هئي جيڪا هن منظور ڪري ورتي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين ڊالر 235 رُپين تي وڃي پهتو هو ان باوجود اسان پيٽرول ٽي رُپيا سستو ڪيو ته ڪنهن پڇاڻو نه ڪيو، هاڻ ايندڙ هدف مهانگائي گهٽائڻ آهي جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل هيٺ آڻڻ هدف آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هر فيصلي جو پابند آهيان ۽ ذميواري سان بيٺل آهيان. هاڻ اسان پاڪستان کي سريلنڪا سان نٿا ڀيٽي سگهون، مستقبل ۾ پڻ ڏکيا فيصلا ڪندا رهنداسين. مفتاح اسماعيل جي هن بيان مان ئي انداز لڳائي سگهجي ٿو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون ڪٿي پهچنديون. عالمي مالياتي ادارن جون اڃا شرطون به وڌنديون، جنهن کي سمورا حڪمران پورو به ڪندا آيا آهن. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن کي گهٽ نه ڪيو ويو ته ماڻهو جو جيئڻ به مشڪل بڻجي ويندو. پو هي عوام ئي نه رهندو ته حڪمران پنهنجي حڪمراني ڪنهن تي ڪندا. انڪري عوام دوست پاليسين جو لاڳو ٿيڻ ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button