اڄ کان ڇٽيهه سال اڳ سترھين آگسٽ 1988ع تي پاڪستاني تاريخ جي بدترين ڊڪٽيٽر جنرل ضياالحق جو هڪ ڀوائتي ھوائي حادثي ۾ اوچتو موت ٿيڻ جي نتيجي ۾ جيڪا خوشگوار سياسي ڪايا پلٽ ٿي ان جو ميوو ھن ملڪ جي ماڻهن کي اڄ ڏينهن تائين نصيب نه ٿي سگھيو آهي. انھي بدنصيبي جو مکيه ڪارڻ ھي آهي ته 23 ڪروڙ وطن واسين جي نسلن جي قسمت جا فيصلا ڪرڻ جو اختيار اڃا به ساڳين ئي واڳ ڌڻين جي ھٿ وس آهي توڙي ملڪ مٿان مارشل لا مڙهيل ھجي يا نه ھجي.
جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ سياسي ڪارڪنن خاص ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ عام ورڪرن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ، سمري فوجي ڪورٽ ذريعي سخت سزائون ڏيڻ ۽ ڦٽڪا هڻي سندن جسم تان کل لاهي ڇڏڻ، حق سچ واري ڳالهه لکندڙ صحافين کي نوڪرين مان ڪڍي قيد ڪرڻ ۽ جيل اندر ڦٽڪا هڻڻ ته جنرل ضياءَ ۽ سندس ڪمدارن ھڪڙو عام رواجي دستور ٺاھي ڇڏيو هو.
جنرل ضيا جي آکاڻي باقي بچيل پاڪستان جي الھندي حصي تي پيپلز پارٽيءَ جي شھيد ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي جنرل گل حسن ھٿان اقتدار جون واڳون حوالي ٿيڻ کان ڪجھه سالن بعد شروع ٿئي ٿي. ھي سال 1974ع جي ڳالهه آهي، جڏهن پاڪستان جو سپهه سالار جنرل ٽڪا خان رٽائر ٿيڻ جي ويجهو ھو. آرمي جي قاعدن مطابق آرمي چيف جي رٽائر ٿيڻ کان گھٽ ۾ گھٽ ٽي مھينا اڳ سندس جاءِ والاريندڙ نئين فوجي سربراهه جو نالو پڌرو ڪري ڇڏبو آهي ته جيئن رٽائر ٿيندڙ چيف ملڪ جي مختلف ڪور ڪمانڊرس سان الوداعي ملاقاتون ڪري سگهي ۽ نئون چيف پنهنجي سڀ کان وڏي اھم ذميواري سنڀالڻ واسطي تياري ڪري وٺي. اول ته ڊسمبر 1971ع ۾ ئي جنرل ٽڪا خان کي فوجي سربراهه مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي ان وقت ئي مخالف ڌر جي اڳواڻن خان عبدالولي خان، نوابزاده نصرالله خان، مير غوث بخش بزنجو، عطاءُ الله مينگل، عاصمه جهانگير جي والد ملڪ جيلاني، سنڌ مان جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ حفيظ قريشي وغيره سخت مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته جنرل ٽڪا خان کي انٽرنيشنل ميڊيا The Butcher of Bengal جو اڻوڻندڙ لقب ڏيئي بدنام ڪري ڇڏيو هو ۽ ان کان به وڏي ڳالهھ ته پاڪستان جي ننڍن صوبن جا تڏھوڪا قومپرست اڳواڻ بنگال ۾ جنرل يحيى خان جي حڪم تي ٿيل فوجي آپريشن کي نفرت ڀريل نظرن سان ڏسندا هئا. جنرل ٽڪا خان کي آرمي چيف بڻائي ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پيرن تي پھريون ڪھاڙو ھنيو ۽ ٻيو موتمار ڪھاڙو جنرل ضيا جھڙي رھزن کي فوجي سپهه سالار ٺاھي ھڻي ڇڏيائين. جنرل ٽڪا خان آخري ڏينهن تائين وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان سچو وفادار ساٿي رهيو. ان ڪري ئي ڀٽو صاحب ساڳيو اھڙو ئي ھڪ وفادار ۽ حڪم جو غلام آرمي چيف چونڊڻ واسطي سينيئر موسٽ آفيسرن جا نالا به طلب ڪيا ته جيئن ھر ھڪ جي تاريخ، جاگرافي، فوجي ڪارنامن جو سربستو احوال پڙهي چونڊ ڪري سگهي. ان زماني ۾ سڀني کان سينيئر جنرل عبدالمجيد ملڪ هو، جيڪو چڪوال جي پوٺوھاري علائقي جو ھو. جنرل عبدالمجيد ملڪ کي مون 1985ع ۾ تڏھن ڏٺو جڏهن ھو رٽائرمينٽ کانپوءِ سياست ۾ آيو ۽ تڏهوڪي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کيس پنهنجي ڪابينه ۾ وفاقي وزير مقرر ڪيو. سندس شرافت ۽ نيڪ نيتيءَ کي اکين سان ڏسي آئون حيران ٿيندو ھئس (۽ اڄ به حيرت ۾ آھيان) ته هن ڀلي ماڻهوءَ جو حق ماري، سينارٽي لسٽ ۾ ستين نمبر تي ھوندي به جنرل ضياءَ جھڙي جونيئر ۽ نھايت منافق شخص کي ڀٽو صاحب ايڏو وڏو اھم عھدو آخر ڇو ڏنو؟ انھي سوال جو جواب مون کي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ کان ڏهه سال پوءِ صدر ڪراچيءَ جي مشهور ايراني ھوٽل تي اوچتو گڏجي ويل ڀٽو صاحب جي رازدار بورچي نورو مغل وٽان مليو. آئون ھميشه انھيءَ اڻ تڻ ۾ هوندو ھئس ته خبر ناهي ھي باخبر نوڪر جيئرو آهي يا دشمنن کيس ماري فنا ڪري ڇڏيو. آئون نور محمد مغل کي تڏهن کان سڃاڻندو ھئس، جڏهن ھو مير رسول بخش ٽالپر جي ڦليلي پار بنگلي تي بورچي ھوندو ھو. 1968ع ۾ قاضي محمد اڪبر سان لاڳاپا ختم ڪرڻ بعد ڀٽو صاحب حيدرآباد ۾ جڏهن به ايندو هو ته مير صاحب جي بنگلي تي ترسندو هو. آئون پڪي قلعي حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي اخبار “ھلال پاڪستان” لاءِ رپورٽنگ ڪرڻ بھاني مير صاحب جي بنگلي تي پھچي ويندو ھئس. مون کي ھڪ ڏينھن اھا ڄاڻ ملي ته نورو مغل کي ذوالفقار علي ڀٽو مير رسول بخش ٽالپر جي اجازت سان پاڻ وٽ بورچي مقرر ڪيو آهي ۽ ھاڻي ھو حيدرآباد ڇڏي ڀٽو صاحب سان گڏ رهندو آهي. اچون ٿا نوري طرفان ٻڌايل جنرل ضياءَ جي دوکيبازي واري سازش ڏانهن جنهن ۾ کيس ڦاسائڻ جو ڏوهه نور محمد ھن ريت قبوليو:
“ان ڏينهن وزيراعظم صاحب ملتان ۾ صاحبزادہ فاروق علي خان جي رھائش گاهه تي ترسيل ھو. اڃا جنرل ٽڪا خان جي رٽائر ٿيڻ ۾ پنج ڇھه ھفتا ھئا. رات ملتان ۾ ٽڪي ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ڀٽو صاحب وھنجي سھنجي ڪمپليٽ سوٽ پائي اسلام آباد اسھڻ لاءِ سنبريو پئي ۽ آئون سندس بوٽ صاف ڪرڻ ۾ لڳو پيو هئس ته بيڊروم جو در کڙڪيو. ڀٽو صاحب آرسيءَ ڏانهن نھاري وارن کي ڦڻي ڏيئي رهيو هو ته مون سوچيو ڏسان ته سھي ته ڪير ٿو دروازو کڙڪائي. ٻاھر نڪري ڏسان ته ملتان جو ڪور ڪمانڊر جنرل ضياءَ مون کي چنبڙي پيو ته خدا جي واسطي پرائيم منسٽر صاحب سان بيٺي پير ملائي ڇڏيو، ھي ڏسو ڪلام پاڪ جو ننڍو ناياب نسخو سعودي عرب جي حڪومت پاران مون کي سوکڙيءَ طور مليو ھو، سو صاحب کي پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.”
وراڻيائين ته، سعودي عرب مان آيل سوکڙي سا به ڪلام پاڪ جي. تنھن کي ڀٽو صاحب نظر انداز نه ڪري سگهيو. ھن کان ريشمي رومال ۾ ويڙهيل قرآن شريف وٺي، ان کي چمي، اکين تي رکيائين ۽ جنرل ضياءَ کي “ٿينڪ يو ويري مچ” چيائين. موٽ ۾ ضياالحق ڪنڌ جھڪائي صاحب کي عرض ڪيو ته مون کي ملڻ لاءِ وقت ڏيو. وزير اعظم ڀر ۾ بيٺل پنهنجي ملٽري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪور ڪمانڊر کي پي ايم هائوس راولپنڊيءَ ۾ گھرائي مون سان ملايو. اھو چوڻ شرط نوري مغل اوڇنگارون ڏيئي روئڻ سان گڏ پنهنجو منھن مٿو پٽڻ شروع ڪيو ته هن کي نه ملايان ھا ۽ ميٽنگ ۾ مصروف آھي جھڙو بھانو ڪري در تان ئي ڀڄائي ڇڏيان ھا ته صاحب جو وار به ونگو نه ٿي سگهي ھا. ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر جي مطالبن کي مڃي، ڀٽو صاحب پنجاهه سٺ تڪن تي نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو ٺاهه ڪري ورتو ھو.
مون کي پروفيسر غفور احمد جي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اھو پتو پئجي ويو هو ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ اپوزيشن پارٽين (ان وقت به مخالف ڌر جي اتحاد ۾ 9 سياسي جماعتون ھيون، جن کي 9 ستارا به سڏيو ويندو هو ۽ اتفاق سان اڄ پي ڊي ايم ۾ پڻ 9 پارٽيون شامل آهن) وچ ۾ سمورن تڪراري تڪن تي نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو معاھدو ٿي وڃڻ کانپوءِ جنرل ضياالحق پاران ملڪ تي مارشل لا مڙهي اقتدار تي قبضو ڪرڻ وارو فيصلو غير قانوني ۽ غير آئيني ھو.
بھرحال نور محمد مغل ايراني ھوٽل ۾ مون کي ڏسي رنو ته هو پر خوشي به ٿيس ته ھي تاريخي سچائي نيٺ هڪ ڏينهن ڪنهن اخبار ۾ يا ڪتابي صورت ۾ دستگير ڀٽي منهنجي حوالي سان شايع ڪندو. نيٺ خدا جي خلق کي ڄاڻ ملي ويندي ته نورو مغل مرڻ کان اڳ پنهنجو ھي ڏوهه ھڪ سينيئر صحافيءَ سان قبول ڪري مئو. ڪجهھ ڏينهن کان پوءِ اخبارن ۾ خبر ڇپي ته نور محمد مغل نالي ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي رازدار بورچيءَ کي نامعلوم ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ جو موت آمريڪي سفير رابن رافيل ۽ تڏهوڪي آ ايس آ سربراهه اختر عبدالرحمان ۽ ٻين ڊزن کن فوجي آفيسرن سميت بھاولپور ڀرسان بستي لال ڪمال ۾ ٿي چڪو ھو. جنرل ضياءَ پاڪستان جي بڻ بڻياد ۾ جيڪو نفرتن جو زھر اوتي ويو آهي، ان جو اثر اڃا ڪيترائي نسل افغاني پناهگيرن جي دھشتگردي ھٿان ڀوڳيندا.