
جاپان جي مشهور فيشن ڊزائنر هاني موري عرف ميڊم بٽر فلائي 96 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وئي آهي. ميڊيا مطابق هاني موري عرف ميڊم بٽر فلائي فيشن ڊزائنگ ۾ ايندڙ جاپان جي پهرين عورت هجڻ جو اعزاز پڻ رکي ٿي. سندس موت جي خبر ان جي آفيس وارن ڏني آهي. هو وڏن اداڪارن جا ڪپڙا ڊزائن ڪيا هئا.