ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات متاثرن جي ترت سهائتا جي ضرورت

Editorial

ملڪ ۾ وسندڙ برساتن وڏي پئماني تي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي متاثر ڪيو آهي. هڪ پاسي ماڻهن جو فصل ٻڏي ويا آهن ته ٻئي پاسي گهر ڊهي پيا ۽ ٽئين پاسي ڪيترن ئي علائقن جو زميني رابطو پڻ ڪٽجي ويو آهي. اهڙي ريت عام وهنوار جا ڪم به نه پيا ٿي سگهن. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهو پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن پر انهن وٽ ايترا وسيلا به ڪونه آهن جو اهي زندگيءَ جو ڪاروهنوار وري شروع ڪري سگهن. ظاهر آهي جڏهن برساتن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو ته ان کان پوءِ بحاليءَ ڪم بنهه گهڻو ضروري هوندي آهي ۽ بحاليءَ واري ڪم ۾ ڪئين رنڊڪون پڻ اچي وينديون آهن. هن وقت تائين سنڌ ۾ تيز برساتن سبب سنڌ ڪوبه ضلعو اهڙو ناهي جيڪو بچيل هجي يا جتي برساتن سبب تباهي نه ٿي هجي. قدرتي آفتون اچڻ جو سلسلو سدائين جاري رهندو آهي. پر انهن کي بهتر انتظامڪاري وسيلي منهن ڏبو آهي. ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن کي بهتر ڪارڪردگي وسيلي حل ڪبو آهي. هاڻوڪين برساتن کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ هڪجهڙي صورتحال لڳي پئي آهي. هر جاءِ تي بحاليءَ جو ڪم سست رفتاريءَ جو شڪار نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ برسات متاثرن جي واهر سٺي نموني نه ٿي رهي آهي. واهر نه ٿيڻ ڪري نه رڳو عوام کي پريشاني ٿي رهي آهي پر انهن لاءِ کاڌ خوراڪ جو مسئلو پڻ ٿي رهيو آهي، اهي ماڻهو جن جو گذر سفر رڳو زراعت آهي، انهن لاءِ واقعي به هاڻوڪيون برساتون مصبت بڻجي آيون آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ نه رڳو اهي حڪومت ڏانهن واجهائي رهيا آهن پر اهي اهو چاهين ٿا ته حڪومت هر سطح تي انهن جي مدد ڪري. جيترو ممڪن ٿي سگهي انهن جي سهائتا ڪئي وڃي. گهڻو ڪري ٿيندو ائين آهي جو برسات متاثرن لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو آهي. پر ان جي رسائي متاثرن تائين مشڪل ٿي ويندي آهي.
هاڻوڪي برساتن کان پوءِ پهريون ڪم ته اهو هئڻ گهرجي جو پاڻيءَ جو نيڪال جيترو جلدي ٿي سگهي ڪيو وڃي. ان لاءِ جيڪي به قدرتي لنگهه آهن، انهن مان پاڻي گذارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان کان پوءِ برسات متاثرن جي رهائش جو بندوبست ڪيو وڃي. برساتن کان پوءِ گهڻو ڪري متاثرن کي اسڪولن رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي پر هر يوسي يا ٻهراڙي جي علائقي ۾ پڪو اسڪول نه هوندو آهي ۽ جيڪڏهن هوندو به آهي ته اتي ايتري وڏي آبادي کي رهائڻ ڏکيو هوندو آهي. جيئن برساتون هر سال وسن ٿيون ۽ ڪنهن سال بنهه گهڻيون وسنديون آهن، جيئن هن سال وسيون آهن. تنهنڪري حڪومت کي هر يوسي سطح تي ڪي شيلٽر هوم ٺاهڻ گهرجن، جن مقصد رڳو اهو هجي ته انهن کي ڪنهن به قدرتي آفت وقت ڪتب آندو ويندو. ان لاءِ صوبائي صطح تي قائم ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي وفاقي سطح تي قائم ٿيل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽيءَ سان گڏجي قائم ڪري ته جيئن انهن شيلٽر هومز جي مالڪي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قائم ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ايڏي وڏي سطح تي دربدر ٿيل ماڻهن کي سنڌ ۾ رهائي سگهجي ڇاڪاڻ ته برساتن کان پوءِ پاڻي ئي پاڻي هوندو آهي، ان حالت ۾ جيڪڏهن ماڻهن کي تنبو فرام به ڪيا وڃن ته انهن کي ڪٿي لڳايو ويندو. ڇاڪاڻ ته برساتن دوران سڪل پٽ موجود نه هوندو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪين برساتن کان پوءِ مستقبل لاءِ حڪومتي سطح تي رٿابندي ڪرڻ گهرجي. هڪڙا اهڙا به ڪٽنب هوندا آهن، جيڪي پنهنجي خودداريءَ جي ڪري نه خوراڪ لاءِ اڳيان ايندا آهن ۽ نه مدد گهرڻ چاهيندا آهن. تنهنڪري انهن کي به نظر ۾ رکجي ۽ انهن تائين رسائي ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. انتظاميه کي گهرجي ته اها انهن تائين پهچي. ان دوران بيماريون پکڙجڻ جو به وڏو خطرو هوندو آهي. تنهنڪري ماڻهن کي بيمارين کان بچائڻ جو بندوبست پڻ ڪيو وڃي.
برساتن سان گڏ هڪڙو وڏو نقصان سم نالن ۽ واهن کي لڳل گهارن پڻ ڏنو آهي. سم نالن ۽ خاص طور تي ايل بي او ڊي وڏي تباهي آڻيندو رهيو آهي، پر ان کي بهتر ڪرڻ لا ڪي به انتظام نه ورتا ويا آهن. ٻئي پاسي شاخن ۽ واهن کي لڳل گهارا آبپاشي کاتي جي نه رڳو نااهلي پر ڪرپشن کي پڻ وائکو ڪن ٿا، سنڌ حڪومت کي انهن پاسن کي پڻ ٺيڪ ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button