شوبز

موجودا نسل نوان تجربا ڪرڻ کان نٿو ڊڄي: عروج آفتاب

گريمي ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني ڳائڻي عروج آفتاب چيو آهي تھ موجودا نسل نوان تجربا ڪرڻ کان هرگز نٿو ڊڄي، تنهنڪري اهو نوان آڻي رهيو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ نوجوان طئي ٿيل حدن اندر رهڻ نٿا چاهين، دنيا جو حسن متعارف ڪرائين پيا، جيڪو اڳ ئي موجود هو، پر انهن کي خبر نھ هئي. هن جو چوڻ هو تھ سالن تائين ايشيائي فنڪارن کي هڪ پاسي ڌڪيو ويو، هاڻ ائين نھ ٿي سگهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ افسوس ماڻهن گريمي کٽڻ بعد منهنجو ڪم سمجهيو، مون تھ سالن کان اهو ڪم ڪيو پئي. هن چيو تھ منهنجي موسيقي پاڪستاني ۽ اولهه جو مڪسچر آهي، جيڪا دنيا ئي ڌار آهي ۽ اتي وٺي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button