جنرل ضياءُالحق جي ورسيءَ جو ڏينھن 17 آگسٽ ھو جيڪو فوج ۽ ملڪ جو سربراهه به ھو ۽ سندس يارهن ورھين جا “ڪارناما” ايترا ته گهڻا ھئا، جيڪي وسارڻ سان به ڪونه ٿا وسرن ۽ نه ئي اڳتي ھلي يعني آئيندي دور ۾ وسرندا. تنھنڪري ملڪ جي عوام کي باخبر ڪرڻ لاءِ سندس ڪجھه”ڪارناما” ٻڌائڻ به ضروري آھن. ھونئن به نئون نسل گهڻو ڪري پراڻن واقعن کان باقاعدي باخبر ڪونه ھوندو آھي، جڏھن ته پراڻي نسل وارن جون يادگيريون به وقت گذرڻ سان گهٽجي وينديون آھن.
مون کي طور ياد آھي ته ملڪي سربراهه جنرل ضياءُالحق کي سنڌ سان ٽڪو به ھمدردي ڪانه ھئي. سندس بيان مون پاڻ سرڪاري ٽي وي چينل تي ٻڌو ھو ته سنڌي جڏھن ميرپورخاص کان حيدرآباد وڃن ٿا ته چون ٿا ته اسان “پرديس” ۾ اچي ويا آھيون؟ مون کي ظاھري طور نفرت تي ٻڌل سندس بيان ٻڌي دلي ڏک ٿيو ھو. پوءِ مون فيصلو ڪيو ته سڄي دنيا جي گولي جي چوڌاري چڪر ڏئي ڏسان ته دنيا جي ملڪن ۾ سنڌي آباد آھن يا نه يا رڳو سنڌ ۽ ھند ۾ آباد آھن. مون اڪيلو يعني ڪنھن به ساٿيءَ کانسواءِ دنيا جي گولي جي چوڌاري 30 ڏينھن جي ھڪ سفر ۾ چڪر ڏنو ۽ پوءِ چئن کنڊن جا کوڙ ملڪ به ڪيترا ڀيرا گهميا.
مان پھرين ڪراچيءَ کان سعودي عرب ويس ۽ عمرو ادا ڪيم. پوءِ، اتان لنڊن ۽ پوءِ ايمسٽرڊم ويس ۽ اتان وري ڊگهو ھوائي سفر ڪري نيويارڪ آمريڪا پھتس ۽ اتان لاس اينجلس ويس! دنيا جو مشھور يونيورسل فلم اسٽوڊيو ۽ ڊزني لينڊ به اتي الڳ الڳ ڏٺم. اتان 23 مئي تي ھونولولو (ھوائي رياست، آمريڪا) پھتس، پوءِ آمريڪا ڇڏي ڊگھو سفر ڪري جپان جي گاديءَ واري شھر ٽوڪيو پھتس. جڏھن ٽوڪيو پھتس ته اھا 24 مئي جي شام ھئي پر گذريل يعني 23 ۽ 24 واري رات منھنجي زندگيءَ ۾ ڪانه آئي، ڊگهو ڏينھن ئي ڏينھن ھو. پوءِ منيلا ۽ بئنڪاڪ کان ٿيندو ڪراچي پھتس. سچائي اھا آھي ته دنيا جي جنھن به شھر ۾ ويس ته اتي کوڙ سنڌي مليا جيڪي اتي گهڻي وقت کان روزگار ڪن پيا ۽ ڪجھه شاگرد طور پڙھن به پيا پر ٿوري وقت لاءِ روزگار به ڪن پيا. اھڙي ريت مون کي جنرل ضياءُالحق جي سنڌين خلاف بيان تي ڏاڍو ڏک ٿيو.
انھيءَ کان سواءِ ڪيترن ملڪن جا ست ست يا پنج پنج ڀيرا چڪر ڏنا اٿم. جهڙوڪ سنگاپور، فلپائين، آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا ۽ سعودي عرب وغيره پر اصل مقصد اھو ٻڌائڻ آھي ته مون کي سنڌي ڪاروبار وارا ملازم ۽ ٻيا سنڌي ته ڪيترن ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ ِآيا جن سان تفصيلي ڪچھريون به ڪيم. ٻيو ته ٺھيو پر آفريڪا جي ملڪن ۾ به ڪيترا سنڌي مليا. بھرحال، مون اھو به ڏٺو ته کوڙ سنڌي، سنگاپور، مليشيا، ٿائلينڊ، ھانگ ڪانگ ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ به ڪاروباري طور ڇانيل ھئا. سنگاپور کان سواءِ ھانگ ڪانگ جو مکيه ڪاروبار سنڌين وٽ آھي.
ھاڻي اچو ته جنرل ضياءُالحق جي افعالن تي ڳالھائجي. مان جڏهن پي آءِ اي جو بهاولپور ۾ ڊسٽرڪٽ مئنيجر هئس ته ملتان ويندي لال بستي ڳوٺ، خاص طور ڏسڻ ويو هئس، جتي ملڪ جي ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق جو سي 130 هوائي جهاز ڪري تباهه ٿي پيو ھو. يعني بھاولپور جي اڏامڻ کان 7 يا 8 منٽ پوءِ. بھرحال، جنرل ضياءُالحق ساٿين سميت سڙي ڀسم ٿي ويو هو. سي 130 جھاز عام طور مسافرن کڻڻ لاءِ ڪونه ھوندو آھي پ ران جا حادثا بلڪل گهٽ ٿيندا آھن. تنھنڪري فوج جا سپاھي ۽ سامان وغير کڻندا رھندا آھن. البت اھڙن جھازن ۾ ويھڻ جون مسافرن وانگيان باقاعدي سيٽون ڪونه ھونديون آھن. ان جهاز ۾ ويهڻ جي به جاءِ نه هوندي آهي، سو لوهي شيخن ۾ نهوار ٻڌي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ اڳ اڪيلو سي 130 جھاز سال 1949ع ۾ ڪريو ھو ۽ ٻيو جنرل ضياءُالحق ۽ سندس کوڙ فوجي ساٿين سان گڏ 17 آگسٽ 1988ع تي ڪريو ھو جنھن ۾ آمريڪي سفير به شامل ھو. ٻين لفظن ۾ سندس انتم سنسڪار ٿيو هو. هي اهو ئي ساڳيو جهاز هو جنهن ۾ جنرل ضياءَ، بقول بيگم نصرت ڀُٽي جي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو لاش لاڙڪاڻي موڪليو هو.
اڳوڻي ملٽري ڊڪٽيٽر اٽڪل 11 ورهيه حڪومت ڪئي، سندن شروع ۾ چوڻ موجب هو رڳو 90 ڏينهن لاءِ اقتدار ۾ آيو هو پر پوءِ اهو نام نهاد مرد مومن ۽ مرد مجاهد اليڪشن ڪرائڻ جو پنهنجي اصل وعدي تان ڦري ويو. مون کي پڪ آھي ته جنرل ضياءَ نه مري ھا ته ڪيترا سال وڌيڪ زوري حڪومت ڪري ھا البت پنھنجن بيانن ذريعي اھو به ٻه ڀيرا اشارو ڏنو ھئائين ته ھاڻوڪي حڪومت 40 سال يا 70 سال رھندي.
جنرل ضياءَ جي دور ۾ سنڌ جو تعليمي نظام تباهه ٿيو، تعليمي ادارن ۾ دهشتگردي رائج ٿي. منشيات عام ٿيڻ سبب ملڪ جا نوجوان تباهه ٿي ويا. اٽڪل 40 لک افغاني پناهگير پاڪستان ۾ ھئا، جن مان گهڻائي سنڌ ۾ آباد ھئي. پراڻي اردو اخبار نواءِ وقت ۾ سندس انٽرويو پڙهيو هئم جنهن ۾ افغان پناهگيرن کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هئائين پر هوائي حادثي ۾ سندس انتم سنسڪار ٿيو. منھنجو تجربو ھو ته افعاني مھاجر گھڻا ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيل ھئا سو سندس اصل نيت، سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ ھئي.
جونيئر ھئڻ باوجود جنرل ضياءُالحق کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي فوج جو سربراهه مقرر ڪيو. پوءِ، ڀٽي صاحب پنھنجي غلطي کليو کلايو مڃي. ڀٽي صاحب جي رھائش گاهه تي سندس ملازم جوتا پالش ڪري رھيو ھو ته فوج جو سربراهه جنرل ضياءُالحق آيو جنھن ملازم کي ھٽائي، شھيد ڀٽي جا جوتا پاڻ پالش ڪرڻ شروع ڪيا. ڀٽو صاحب گهران آيو ته اھو ڏسي سخت ڪاوڙجي پيو ڇاڪاڻ ته فوج جو سربراهه سندس جوتو پنھنجي طرفان صاف ڪري رھيو ھو ۽ کيس ترت جهليائين. شھيد ڀٽي کي ناجائز ڦاسي، جنرل ضياءُالحق ڏياري. سوال آھي ته جيڪو ملزم ڪنھن شخص جي قتل ۾ موجود ئي نه ھو، ان کي پاڪستان جي ٺھراءُ موجب ڦاسي ڏيڻ غلط ھو. بھرحال، پنجاب جي چئن ججن، ڀٽي صاحب لاءِ ڦاسي جي سزا منظور ڪئي ۽ رھيل ٽن ججن جيڪي پنجاب جا نه پر ٻين صوبن جا ھئا تن انڪار ڪيو. ھونئن به جنرل ضياءُِالحق پنھنجي دور ۾ گهڻا ظلم ڪيا ھئا.
جنرل ضياءُالحق ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ به سنڌ ۾ سوين سنڌين تي تشدد ڪرايو پر افسوس ته اسان جي خاص سنڌي قوم پرست اڳواڻ جنرل ضياءُالحق کي شريف النفس سڏيو ھو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين، جيڪو درحقيقت سنڌين جي طاقت جو مظاهرو هو، تنهن جي شهيد ٿيلن کي ساڳي قومپرست اڳواڻ سنڌين جي شھادت کي ڪونه ننديو. مان پي آءِ اي جو پي آر او ھئس ۽ مون اھي سڀ ڳالھيون نوٽ ڪيون ھيون. بھرحال جنرل ضياءُالحق جي ظلم جا کوڙ داستان ھئا پر عوام کيس معاف ڪونه ڪندو.