ساز اگروال جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب Sindhi Tapestry- An Anthology of Reflections on Sindhi Identity سنڌ، ڀارت ۽ دنيا جي ٻين مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سٺ کن سنڌين ۽ ڪجهھ غير سنڌين جي پنهنجي سنڌي هئڻ جي سڃاڻپ ۽ انهن جي مختلف طور طريقن، مذهبي رسمن ۽ ثقافت متعلق مضمونن ۽ تاثرن تي مشتمل آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ هندن جي مختلف پويتر جاين جهڙوڪ هنگلاج، ساڌ ٻيلي، جهولي لال ۽ ٻين مختلف جاين وغيره جو پڻ ذڪر آهي. سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ صوفي ازم جي حوالي سان مذهبي هڪجهڙائيءَ کي پڻ ڪتاب ۾ جاءِ ڏني وئي آهي.
سنڌ ۾ جيتوڻيڪ ان پئماني تي فرقيواراڻا جهيڙا نه ٿيا هئا جيئن خاص طور پنجاب ۽ بنگال ۾ ٿيا هئا پر خاص طور منزل گاهه واري واقعي سنڌي هندن ۾ هڪ غير يقيني واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. ماڻهن ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو هو. قمبر جو پير محمد ميتلو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چئي ٿو ته منزل گاهه جي واقعي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل وڳوڙن جي ڪري قمبر جي ويجھو اتان جي ڳوٺن جي هندن ۾ ڊپ ۽ هڪ غيريقيني واري ڪيفيت پيدا ٿي چڪي هئي. مُکي جي چوڻ تي انهن گھر وغيره ۽ ايستائين ته ٺڪاڻو به ٻه سو روپين ۾ وڪڻي قمبر شهر ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو. اهڙي ريت هڪ اندروني لڏپلاڻ شروع ٿي جيڪا ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ تي منتج ٿي.
ورهاڱي کانپوءِ پهرين نسل هڪ صدمي واري ڪيفيت ۾ هوندي هئي ۽ ان وارتا جو ورجائڻ ان لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل هوندو هو. اها ڳالهه رڳو سنڌين سان نه پر خاص طور ننڍي کنڊ جي جن به ماڻهن کي لڏپلاڻ جي ان عذاب مان گذرڻو پيو انهن تي لاڳو ٿئي ٿي. ٻي ڳالهه ته انهن ماڻهن کي نئين ماحول ۽ نون ملڪن ۾ پنهنجي لاءِ هڪ جاءِ به ٺاهڻي هئي. ان ڪري گھڻن جو پنهنجن خاندانن جي تاريخ، فوٽو گراف ۽ ٻيو ريڪارڊ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ضايع يا نظرانداز ٿي ويو. گھڻا نئين ملڪ ۾ پاڻ کي سنڀالڻ ۾ ايترو مصروف ٿي ويا جو کين اهو سڀڪجھه سنڀالڻ جو وقت ئي نه مليو ۽ اهو ائين ئي ضايع ٿي ويو. ٻي ڳالهه ته نئين ملڪ جي حڪومت گھڻن اهڙين نشانين کي ميساري ڇڏيو، جنهن مان تاريخ جي خبر پيئي ٿي. مختلف جاين تان مجسمن کي هٽايو ۽ ٽوڙيو ويو ۽ گھڻين جاين جا نالا تبديل ڪيا ويا. سکر بئراج هڪ تمام وڏي رٿا ۽ سنڌ لاءِ ڄڻ هڪ ڪرشمو هو. ان رٿا تي هزارين ماڻهن ڪم ڪيو. ليکڪا ان وقت جي سکر بئراج جي چيف انجنيئر ايم پي مٿراڻيءَ جي سکر بئراج متعلق تصويرن جي البم جو حوالو ڏنو آهي اهي تصويرون گھڻن سالن تائين گمنام رهڻ کانپوءِ مٿراڻيءَ جي پوٽي هڪ فرينچ محقق کي 2017ع ۾ ڏنيون هيون. ليکڪا جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته کيس يقين نه ٿو اچي جڏهن الاهي ڪيترا ماڻهو ان دعوا سان سندس آڏو آيا ته انهن جي وڏن سکر بئراج جي اڏاوت ۾ ڪم ڪيو هو.
ڀارت جي هندن کان پنهنجن کاڌي پيتي جي طور طريقن، مذهبي رسمن ۽ واپار ڪرڻ جي طريقن وغيره ۾ مختلف هئڻ ڪري مقامي ماڻهن پاران کين حقارت سان ڏٺو ويندو آهي. ان ڪارڻ گھڻن سنڌين نه رڳو سنڌي ڳالهائڻ ڇڏي ڏني پر گھڻن پاڻ کي سنڌي چورائڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو. پر هاڻي لڏي ويل سنڌين جو اهو ٽيون نسل آهي، جنهن سرگرميءَ سان پنهنجي سڃاڻپ ۽ بنيادن جي ڳولها شروع ڪئي آهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ملڪ جي ٻين ماڻهن جيان کانئن به اهي سوال ڪيا وڃن ٿا ته اوهان ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو ۽ ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا وغيره ڪير هئا. انهن مان گھڻا اهڙا آهن جن رڳو سنڌ جو نالو ٻڌو آهي. گھڻن کي سنڌي ڳالهائڻ نه ٿي اچي ۽ جيڪڏهن ڳالهائڻ اچي به ٿي ته لکڻ پڙهڻ نه ٿي اچي. عربي ۽ ديوناگري لپي جو فرق هڪ ڌار مسئلو آهي. پر پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولها ۾ انهن آرٽ، ميوزڪ ۽ فلم وغيره جي ذريعن کان ڪم ورتو آهي. جيئن “سندوستان” نالي فلم ٺاهيندڙ هڪ سنڌي فلم ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته سندس ان فلم سڄي دنيا جي سنڌين کي هڪ نئون اتساهه ڏنو آهي ۽ اڳ جيڪي پنهنجي سنڌي هئڻ ۾ شرم محسوس ڪندا هئا، اهي هاڻي پنهنجي سنڌي سڃاڻپ تي فخر محسوس ڪن ٿا. ساڳي ريت راج لال چنداڻي گھڻين ڏکيائين ۽ حوصلي شڪني وارين ڳالهين جي باوجود جنوري 2004ع ۾ Sindhian جي نالي هڪ ميگزين جاري ڪيو. ان مئگزين جو مقصد سڄي دنيا جي سنڌين کي ڳنڍڻ ۽ دنيا کي سنڌين جي ثقافت ۽ طور طريقن متعلق آگاهي ڏيڻ آهي. هن وقت اهو هڪ ڪامياب ميگزين آهي. پبلشر جو چوڻ آهي ته ان جي پهچ دنيا جي پنجهتر ملڪن جي ساڍا چار سو شهرن ۾ پنج لک ماڻهن تائين آهي. اٽڪل ويهه سالن جي عرصي ۾ ان ۾ پندرهن سو وڏن ڏيهي ۽ پرڏيهي ماڻهن جا فيچر ۽ اٽڪل 14000 فوٽو گراف ڏنا ويا آهن.
ڪتاب مان اهو تاثر ملي ٿو ۽ اها خبر پئي ٿي ته دنيا جي اها ڪهڙي ڪنڊ ۽ ڪهڙو ملڪ آهي جتي سنڌي نه پهتو هجي ۽ ڪهڙي ٻولي آهي جيڪا هو نه ڳالهائيندو هجي. ايستائين ته لاطيني آمريڪا جي ملڪن چلي ۽ وينزويلا وغيره ۾ به اهي پهچي ويا هئا. اهڙيءَ ريت اهي دنيا جي هر ڪرنسيءَ کان واقف ۽ ان ۾ ڏيتي ليتي ڪري ڄاڻندا آهن. سندن هڪ خاصيت اها آهي ته اهي جتي ويندا آهن، اتان جي ماڻهن تي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن ۽ مقامي ماڻهن سان ٽڪراءُ ۾ نه ايندا آهن. پر انهن جي ٻولي ۽ طور طريقا اختيار ڪندا آهن. گھڻا اتان جي ماڻهن ۾ ئي شاديون ڪندا آهن ۽ ايستائين ته اتان جي مذهب اختيار ڪرڻ ۾ به کين ڪا هٻڪ نه ٿيندي آهي. لڏي ويل گھڻا اهڙا خاندان هئا جيڪي پاڻ ۾ ته سنڌي ۾ ڳالهائيندا هئا پر خاص طور پنهنجن ٻارن سان هندي يا اتان جي مقامي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا هئا. ان ڪري به اهي ٻار پنهنجي ٻوليءَ کان واقف نه ٿي سگھيا. گجرات وغيره ۾ سنڌين کي ان ڪري به ناپسند ڪيو ويندو هو ته انهن ۾ مسلمانن واريون گھڻيون عادتون هيون ۽ اهي ماس کائيندا هئا. ان ڪري گھڻن ماس کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجن طور طريقن ۾ اتان جي هندن کان وڌيڪ انتها پسند ٿي ويا. ڀارت جي مختلف رياستن ۾ ورهاڱي کان اڳ واپار وغيره جي سلسلي ۾ سنڌي رهيل هئا. ڪلڪتي ۾ اهڙي هڪ عورت ٻڌائي ٿي ته ورهاڱي کان اڳ رهندڙ سنڌي سياسي لحاظ کان ترقي پسند ۽ مذهبي لحاظ کان سهپ وارا هئا پر هن وقت هڪ ته انهن ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي وئي آهي ۽ ٻيو انهن جي نئين نسل پنهنجن طور طريقن ۽ لباس وغيره ۾ ڄڻ باليووڊ کي ڪاپي ڪرڻ شروع ڪيو آهي. منجھن غيرسنجيدگي وڌي وئي آهي.
شڪارپور مان لڏي ويل هڪ واپاري خاندان جي هڪ فرد جو چوڻ آهي ته سنڌين لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اهي نانگ مثل آهن جيڪي ڏنگڻ ۽ دوکي ڏيڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. پر سنڌي نانگ نه پر ڪوريئڙي جي فطرت رکن ٿا جيڪي پنهنجو گھر ٺاهيندا رهندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪير ان کي ڪيرائي ۽ ڀڃي ٿو ته اهي مايوس نه ٿيندا آهن پر وري نئين سر اها ڪرت شروع ڪندا آهن ۽ سندن اهو ڪم لاڳيتو هلندو رهندو آهي. ٿڪجي ويهڻ سندن طبيعت ۾ ناهي. جيستائين اعتبار جو سوال آهي ته سنڌي واپارين جون ڏنل هنڊيون سڄي دنيا ۾ ڪرنسي وانگر هلنديون هيون ۽ گھڻن ملڪن ۾ اهي اتان جي ڪرنسيءَ کان وڌيڪ اهميت رکنديون هيون. ان وقت بينڪون قرض ڏيڻ کان اڳ سنڌي واپارين کان انهن قرض خواهن متعلق معلومات وٺنديون هيون.
ظاهري ڳالهه آهي ته پنهنجي ان سڄي لڏپلاڻ ۽ جيئڻ جي جدوجهد ۾ انهن گھڻو ڪجهھ ۽ خاص طور پنهنجي ٻوليءَ کي وڃايو آهي. پر انهن جي سڃاڻپ جي اها ڳولها رڳو ٻوليءَ جي حد تائين ناهي. زندگيءَ جا ٻيا طور طريقا ۽ کاڌو پيتو وغيره ان جو حصو آهن. هڪ مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي واپارين جو مقصد رڳو ڪمائڻ نه پر ماحول جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي بهتر ٺاهڻ هوندو هو ۽ آهي. دوڪانن جي ٻاهران ماڻهن ۽ پکين لاءِ پاڻيءَ جا ٿانون رکيل هوندا هئا. الهاس نگر جو هڪ دوڪاندار ليکڪا کي ٻڌائي ٿو ته اسان ڪنهن هنگامي حالت ۽ ڪنهن وڏي ڏينهن کانسواءِ دوڪان بند نه ڪندا آهيون. ڇاڪاڻ ته دوڪان بند ڪرڻ سان گھٽ ۾ گھٽ ڇهه جيو سڌي ريت متاثر ٿين ٿا. هڪ گلن وارو، ٻيو سيڪيورٽي گارڊ، صفائي ڪرڻ وارو، ڳئون، ڪتو ۽ اهو ملازم جنهن کي نوڪريءَ جي گھڻي ضرورت آهي.
سنڌي واپاري جڏهن ٻين ڏيهن ڏانهن ويندا هئا ته پنهنجن ونين کي پاڻ سان وٺي ويندا هئا ۽ پوءِ هڪ خاص منزل تي پهچڻ کانپوءِ انهن کي واپس گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ اڳتي هليا ويندا هئا. شاهراه ريشم کان اهي چڱي ريت واقف هوندا هئا ۽ سڄي واٽ مختلف شين جي خريد ۽ وڪرو ڪندا رهندا هئا. انهن واپارين جي اها عادت هوندي هئي ته پنهنجي ان سفر دوران مختلف جاين تي شاديون ڪندا هئا ۽ پوءِ انهن کي اتي ئي ڇڏي ڏيندا هئا. ان ڪري پويان گھرن ۾ ويٺل سندن زالون سندن سلامتيءَ سان موٽڻ ۽ پرڏيه ۾ ڪنهن نئين زال نه ڪرڻ جون دعائون ڪنديون هيون.
سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان صدين تائين گڏ رهيا آهن. اختلافن ۽ تضادن جي باوجود انهن هڪ ٻئي جي طور طريقن کي پنهنجو ڪيو آهي. نه رڳو اهو ته اهي درگاهن تي دعائن لاءِ ويندا آهن پر سندن ساڳيا مرشد آهن. ساڳئي پاڻيءَ جي پير کي هندو جهولي لال چون ٿا ته مسلمان حضرت خضر جو نالو ڏين ٿا. اهڙي ريت لعل شهباز قلندر جي ميلي وقت جيڪا ميندي جي رسم ٿيندي آهي، ان ۾ ٻه رسمون سالن کان هندو خاندانن پاران ڪيون وڃن ٿيون ۽ هڪ رسم مسلمانن پاران. چون ٿا ته ڀارت جي پهرئين وزيراعظم جواهر لال نهرو جي ذهن ۾ هندو مسلم ناتن جي حوالي سان اهو سنڌ وارو ماڊل ئي هو. پر ورهاڱي کانپوءِ صورتحال يڪسر تبديل ٿي چڪي آهي. ڀارت لڏي ويل سنڌي هندن جيتوڻيڪ مذهب جي حوالي سان به پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جهڙوڪ چيٽي چنڊ ۽ ٻيا مختلف سنڌي تهوار ملهائڻ ۽ جهولي لال کي سنڌين جو هڪ نمائنده اوتار ڪري پيش ڪرڻ وغيره. پر نين حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ گھڻا مذهبي انتهاپسندي ڏانهن هليا ويا آهن. اها ساڳي صورتحال سنڌي مسلمانن جي به آهي.
هن وقت ڀارت ۾ انفرادي سطح تي سنڌي هندن جي ماضي، حال ۽ انهن جي زندگي جي مختلف پاسن تي جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي. اهو نهايت اهم آهي ۽ هڪ لحاظ کان سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جي هڪ اهم پاسي کي سامهون آڻڻ ۽ ان کي سنڌ جي مک ڌارا سان ڳنڍڻ جي اهم ڪوشش آهي.