ڇا سنڌ ۾ برسات ايتري وٺي آهي، جيتري دنيا جي ڪنهن ٻي ماڳ تي نه وٺي هوندي؟ برسات جي لهرن ۾ لڙهندڙ مسڪينن جا گهرگهاٽ ۽ مال وٿاڻ ڏسي جڏهن سوشل ميڊيا تي مليشيا جا مثال پيش ڪجن ٿا، تڏهن حيرت وڪوڙي وڃي ٿي؟ مليشيا جو مثال اسان جي شهرن سان ڪيئن ٿو ٺهڪي سگهي؟ مليشيا لاءِ ته اهي لفظ فخر سان لکيا ويندا آهن “Malaysia is real Asia” يعني “مليشيا حقيقي ايشيا آهي.” ايشيا تمام خوبصورت کنڊ آهي. جڏهن مليشيا کي اصل ايشيا ڪوٺيو ٿو وڃي ته پوءِ هن جي حسن ۽ ان جي حقيقت جا سمورا پهلو ذهن ۾ آشڪار ٿي وڃن ٿا. هن ملڪ کي مليشيا ٿيڻ لاءِ ڪيتري محنت ڪرڻي پوندي؟ ان جو اندازو ته بيان ڪري سگهجي ٿو. پر ان سلسلي جي بنيادي شرط ايمانداري آهي. جيڪڏهن ايمانداري ناهي ته مليشيا جي حسرت ڪرڻ به هڪ ملامت جوڳو عمل آهي.
اها ايمانداري هجي ها ته اسان جي ملڪ ۾ ايتري مينهن مصيبت جو سبب هرگز نه ٿئي ها، جيترو مينهن دراصل ڪو مسئلو نه هجڻ گهرجي. پر ڇا ڪجي؟ جڏهن بي ايماني ۽ بي ترتيبي هوندي آهي، تڏهن ننڍا گهر پاڻيءَ جي وڏن تلائن جو ڏيک ڏيندا آهن. هن مهل به سنڌ جو منظر اهڙو ئي آهي، جهڙو سانوڻي دوران ڪڏهن ڪچي جو هوندو هو. هنڌ هنڌ ڍورا ۽ وک وک تي ميري پاڻيءَ جا تلاءَ، جهڙي ريت ڇوليون هڻن ٿا، انهن کي ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان وٽ ڪيتري نه ڪرپشن آهي!
ڪرپشن فقط حرام جو مال ميڙڻ جو نالو ناهي پر پنهنجي پتيءَ جو ڪم نه ڪرڻ ۽ نااهليءَ جي باوجود به اهم ڪرسيءَ کي ولارڻ به ته ڪرپشن آهي ۽ شايد ڪرپشن جو اهو قسم سماجن جي تباهيءَ جي سلسلي ۾ وڌيڪ اهم هوندو آهي. جيڪڏهن اهو پهلو اسان جي سياست ۽ سرڪار ۾ نه هجي ها ته اسان جو عوام ايتري گهڻي عذاب جو شڪار به نه هجي ها. اسان جي سماج جي تباهيءَ جو هڪ پاسو اهو آهي ۽ ان جو ٻيو پاسو اهو آهي ته اسان وٽ حڪمران ۽ انتظامي ڪامورا عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪرڻ بدران سمورو مال پنهنجي کيسن ۾ ڀرين ٿا ۽ جڏهن انهن جو جائزو ورتو وڃي ٿو، تڏهن اهو به علم ۾ اچي ٿو ته هو وڏا ماهر ۽ هوشيار آهن. پر انهن پنهنجي پوري مهارت ۽ پنهنجي پوري هنر کي صرف ۽ صرف ڪرپشن ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. جيڪڏهن هو چاهين ته ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو. انهن کي معلوم آهي ته ماڻهن جا مسئلا ڪهڙا آهن ۽ ماڻهن جي مسئلن جا سبب ڪهڙا آهن؟ پر انهن کي مسئلن جي حل ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. انهن جو سمورو وقت ۽ انهن جون سموريون صلاحيتون صرف ۽ صرف ڪرپشن ڪرڻ لاءِ وقف ٿيل آهن. ان حوالي سان اسان جي سماج جي بلڪل اهائي صورتحال آهي، جنهن جي باري ۾ فيض احمد فيض فرمايو هو ته:
“ڪڇ چاره گرون ڪو اپني چاره گري سي گريز ٿا
ورنه هماري درد ڪڇ لادوا نه تهي!!”
انهن دردن جو دارون ٿي سگهي ٿو پر عوام جون پڪارون نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن لاءِ ڪا اهميت نه ٿيون رکن. انهن کي عوام جو ڪو احساس ناهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڇا هيتري برسات اسان لاءِ هيڏي وڏي مصيبت جو ڪارڻ بڻجي ها؟
برسات جو پاڻي ان ڪري عذاب بڻجي ٿو جو اهو نيڪال نه ٿو ٿئي. نيڪال نه ٿيڻ جا رستا جڏهن لينڊ مافيا جي ور چڙهيل هجن. جڏهن نالن تي به ويهه ماڙ عمارتون اڏيون وڃن ته پوءِ برسات جو پاڻي ڪيئن نڪرندو؟
سنڌ ۾ جيتري برسات هن ڀيري پئي آهي، ايتري برسات جي اشد ضرورت هئي. ڇو ته سنڌ جا جر سڪي ويا هئا. جر واري پاڻيءَ جي سطح صفا هيٺ ڪري پئي هئي. جن شهرن جو پاڻي مثال طور پيش ڪيو ويندو هو، انهن شهرن جو پاڻي ٻاڙو بڻجي ويو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو هو جو سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هئي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ برساتون نه پئي وٺيون. پر هن ڀيري جيڪي برساتون پيون آهن، اهي انتظامي نااهليءَ سبب ماڻهن لاءِ ڌڻي در تي ان دعا جا هٿ کڻڻ جون باعث بڻيون ته مولا! هاڻي رحم ڪر.
جيڪڏهن سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ نيڪال جو نظام تمام بهتر نموني ڪم ڪندو هجي ها ۽ شديد ترين برسات کان پوءِ به اڌ ڪلاڪ اندر سمورو پاڻي نيڪال ٿي وڃي ها ته ڇا ماڻهو مجبور ٿي برسات بند ٿيڻ جو دعائون گهرن ها؟ مليشيا ته بنهه مختلف آهي. پر اسان جيڪڏهن پاڪستان جو مثال وٺون ته اسان کي صاف طور تي سمجهه ۾ اچي ويندو ته مسئلو مينهن ناهي. پر مسئلو ڪرپشن ۽ نااهلي آهي. آخر ڪشمير ۽ ڪي پي ڪي جا اهي شهر به آهن، جتي سمورو سال هر هفتي ٻه ٽي ڏينهن برسات ضرور وسندي آهي. ڇا اهي شهر ڪڏهن ٻڏا آهن؟ ڇو؟ ڇو ته اتان جي انتظاميا ماڻهن کي اها موڪل نه ڏني آهي ته اهي نيڪال جا فطري لنگهه لٽي انهن تي گهر ٺاهين. انهن تي رهائشي اسڪيون هلائين. اسان وٽ حڪمران طبقا لينڊ مافيا جا حصيدار آهن. ان صورت ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جا پراڻا ۽ فطري رستا بند ڪئين نه ٿيندا؟ ان سلسلي ۾ ڪوئي اعتراض واري سگهي ٿو ته اهي شهر پهاڙي آهن. ڀلي پهاڙي هجن پر جيڪڏهن پهاڙن جا به ڪاريز بند ڪبا ته انهن جو ڇپون به ڇولين ۾ ڪري مهاٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ان حوالي سان اسان کي پنهنجي انتظامي سرشتي جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ ڏسڻو پوندو ته آخر ان تباهيءَ ۽ برباديءَ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟
اسان جي ملڪ ۾ ٻه اهم ۽ وڏا مثالي شهر آهن. هڪ اسلام آباد ۽ ٻيو راولپنڊي. انهن ٻنهي شهرن کي جاڙا شهر به ڪوٺيو ويندو آهي. ڪڏهن اسلام آباد به پنڊيءَ جو حصو هو. پوءِ ان کي ڪٽي الڳ انتظامي يونٽ بڻايو ويو ۽ ملڪ جو گاديءَ وارو شهر هجڻ ڪري ان جو خيال رکيو ويو. صرف انتظامي طور تي هڪ شهر جو خيال رکڻ سبب اهو شهر پاڪستان جو خوبصورت ۽ گهڻن مسئلن کان پاڪ صاف شهر آهي. ان شهر ۾ به برساتون پونديون آهن ۽ جام پونديون آهن. پر اتي پاڻي نه رڪبو آهي. جڏهن ته ساڳي برسات راولپنڊيءَ کي درياهه راوي بڻائي ڇڏيندي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان جو هر شهر اسلام آباد وانگر قانون جي رکوالي ۽ انتظامي اهليت جو مثال ٿي نه ٿو سگهي؟ بلڪل ٿي سگهي ٿو. اسلام آباد به پاڪستان ۾ آهي. جيڪڏهن پاڪستان هڪ شهر کي بهتر بڻائي سگهي ٿو ته ٻين شهرن سان به ساڳيو سلوڪ ٿي سگهي ٿو پر ٻين شهرن کي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو. اها ڪا پروپيگنڊا ناهي. پر ڪنهن کي معلوم ڪونهي ته سنڌ ۾ هر ٽائون جي بجيٽ جو حشر ڇا ٿيندو آهي؟ جيڪڏهن سنڌ ۾ اکيون پوري عوام جي دولت تي ڌاڙا نه هنيا وڃن ۽ جيڪڏهن ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن نه ڪئي وڃي ته سنڌ جا سمورا شهر محفوظ ۽ خوبصورت ٿي سگهن ٿا.
هن مون سون جي حوالي سان سڀ کان اهم مسئلي جو پهلو اهو آڏو آيو آهي ته موجوده برساتن ۾ سڀ کان وڌيڪ دانهون سنڌ جي انهن ماڳن تان آيون آهن، جن ماڳن تي رهندڙ ماڻهو مينهن ڦريءَ لاءِ سڪندا رهندا آهن. اهو ڪاڇو هن ڀيري برسات جي پاڻيءَ ۾ ڪک پن وانگر لڙهي رهيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ڪاڇي ۾ ڪو به انتظامي ڪردار ناهي. اتي سرڪاري ادارا ڪنهن به قسم جو ڪم نه ٿا ڪن. انهن کي ڪا پرواهه ناهي. انهن جي نظر ۾ ان قسم جي امڪان جي ڪا به اهميت ناهي ته متان ڪي شديد مينهن پون ۽ نالي ماتر بچاءُ بندن کي پهاڙي نيون لوڙهي وڃن. ان قسم جي ڪنهن به انديشي ۽ ڪنهن به امڪان کي جيڪڏهن ٿوري به اهميت سان نوازيو وڃي ها ته اڄ ڪاڇي جي اها صورتحال هرگز نه هجي ها. ڪيترا پئسا جاري ڪيا ويا آهن، ڪاڇي جي واحد تفريحي ماڳ گورک تي؟ پر اڄ به گورک جو روڊ سنڌ جي قسمت جي ليڪر جهڙو آهي. هن مهل به اتي حادثا معمول آهن. اسان کي آخر اها سنڌ ڪڏهن ملندي جيڪا لطيف جي انهن بيتن ۾ جرڪي ٿي، جن بيتن ۾ سک جي منظرڪشي ٿيل آهي. اسان کي اها سنڌ ڪڏهن ملندي، جنهن ۾:
“نه ڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾
آڻيون وجهن آهرين، روڙيو رتا گل
مارون پاڻ امل. مليران مرڪڻو”
ڪرپشن ۽ صرف ڪرپشن. اهي ڪرپشن جا ڪلور آهن، جن سبب برسات سيلاب بڻجي وڃي ٿي ۽ ان ۾ لڙهندا وڃن ٿا، اهي انسان جيڪي مينهوڳيءَ جو مزو وٺڻ لاءِ گهرن کان نڪتا ۽ گهرن ۾ انهن جا ٿڌا ۽ بي جان بت آيا. انهن انسانن جا قاتل بادل ناهن. انهن انسانن جي قاتل ڪرپشن آهي. ڪرپشن، جنهن جو پنهنجو الڳ ٿلڳ ڪو وجود ڪونهي. اها وڻ ويڙهي، جنهن جي سهاري سان سک ۽ سهنج جي سائي وڻ کي چوسي پيلو بڻائي ڇڏيندي آهي. هن سماج جي وجود کي به ڪرپشن وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وئي آهي. ان ڪري اسان جي شاعر کي اهو منظر نظر آيو، جنهن کي هن شاعريءَ ۾ پيش ڪندي لکيو:
“هن ديس سڄي کي سائي آ
هر شام افق تي ليمي جان
ڇا هيڊي هيڊي آئي آ
ڪو ديو ڦري ٿو ڌرتيءَ تي
جنهن منهن ۾ پاتي ڇائي آ
پر توسان ڳالهه اجائي آ….”