ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اي سي اي جا استاد ۽ ٻين استادن جا مونجھارا

Editorial-Article-Mubarak Lashari

ڪنھن بھ ملڪ يا قوم جي ترقي جا بنياد ڪن اھم کاتن تي رکيل ھوندا آھن، جن جي سٺي مينيجمنٽ سان ئي نظام بھتر ٿيندا آھن. رڳو نظامن يا کاتن جو ھجڻ ڪا وڏي ڳالهھ نھ آھي پر انھن نظامن کان کاتن جو عملي ڪم يعني فنڪشنل ھجڻ انتھائي ضروري آھي نھ تھ انھن جو وجود نقصان ڪار ثابت ٿيندو آھي، جنھن لاءِ چيو ويندو آھي uneducated is better than ill-educated تنھنڪري جيڪڏھن ماڻھو صرف پڙھيل آھي پر درست سمت ۾ تعليم نھ آھي تھ اھو ماڻھو پاڻ پيراسائيٽ ٿي ويندو آھي ۽ سماج لاءِ اڻ پڙھيي کان وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿي سگھندو آھي. اھو سڀڪجھه ان ڪري ٿيندو آھي جو تعليمي مينيجمنٽ درست نھ ھوندي آھي. تعليمي نظام درست يا پراپر فنڪشنل نھ ھوندو آھي. نتيجي ۾ فقط ڪاڳرن ۾ ڊگريون ھونديون يا سرٽيفڪيٽ ھوندا پر مھارت ۽ شعور نھ ھوندو، نتيجي طور اھي ماڻھو سماج کي ڪجھه بھ ڊليور نھ ڪري سگھندا.
ڪنھن بھ ملڪ يا سماج ۾ ٻھ کاتا اھم ھوندا آھن جھڙوڪ تعليم ۽ صحت. اھو ان ڪري جو انھن جو سڌو سنئون واسطو ھر عام ۽ خاص ماڻھوءَ سان ھوندو آھي. ٻين کاتن جي بھ پنھنجي جاءِ تي اھميت آھي، جھڙوڪ سياست ۽ مينيجمنٽ جھڙا کاتا بھ آھن. جيڪڏھن اھي درست نھ ھوندا تھ سمورو نظام ئي ڊانواڊول ھوندو پر اھڙن ٻين کاتن کان وڌيڪ جيڪو ھر عام ماڻھوءَ کي متاثر ڪندو آھي، اھو صحت ۽ تعليم آھي. تعليم وري صحت کان بھ اھم ان ڪري آھي جو تعليم پڻ صحت جو شعور ڏيندي آھي. تنھنڪري تعليم ڪنھن بھ سماج ۽ قوم جو بنيادي ڍانچو ۽ ڪرنگھيءَ جي ھڏي مثل آھي. پر سنڌ سونھاري جنھن نموني ھنن ٻن مھينن ۾ برساتن جي تباھيءَ کي منھن ڏنو آھي، ايئن پنھنجي جوڙجڪ ۾ گذريل ستن ڏھاڪن کان وٺي تعليم جي مسئلي کي منھن ڏيئي رھي آھي جنھن ۾ ڪاپي ڪلچر کان ويندي، انتظامي ڏيوالپڻي ۽ لاپرواھي، معياري نصاب جو نھ ھجڻ (ھن سال تھ اڃا ٽيڪسٽ بڪ بورڊ گھربل ڪتاب بھ مھيا نھ ڪيا آھن) ۽ تعليم ۽ تربيت کان ويندي بجيٽن جي کوٽ ۽ روزگار جا محدود ذريعا تعليم لاءِ سدائين چيلينج رھيا آھن پر حڪمران طبقو ڪجھه سال اڳ تعليمي ايمرجنسي لڳائڻ باوجود بھ ڪو کڙتيل حاصل نھ ڪري سگھيو نڪي کين اونو آھي. تازو سيڪريٽري تعليم جو قلمدان اڪبر لغاري جھڙي داناءُ ماڻھو جي حوالي ڪيو ويو، جنھن انقلابي بنيادن تي وڏا ڪم ڪيا پر تعليمي بيوروڪريسي جيڪا ستر سالن کان غفلت جي ننڊ ۾ ھئي، ان کي جاڳائڻ ۽ سڌارڻ شايد سندن وس ۾ نھ ھجي. تنھنڪري جيتري محنت جي ضرورت آھي سيڪريٽري تعليم ان کان وڌيڪ محنت ڪري رھيو آھي پوءِ بھ نظام ايترو بگڙيل پيو نظر اچي جو ان کي سڌارڻ لاءِ شايد کين ٻيو جنم کپي. ايئن اسان کي تعليم جي وزير سردار شاهه جي محنت يا سچائي تي بھ شڪ نھ ڪرڻ گھرجي جنھن تازو برساتن جي پاڻيءَ جي نيڪالي نھ ٿيڻ تي انتھائي خوبصورت ڳالھه ڪئي آھي تھ ڪنھن پرائيويٽ اسڪول جو فقط ھڪڙو مالھي، پٽيوالو يا سنيٽري ورڪر پنھنجي اسڪول ۾ پاڻي بيھڻ نٿو ڏئي، جڏھن تھ ڊي اي او يا ٽي اي او يا ھڪڙي اسڪول ۾ ڪيترائي ملازم ھوندي بھ اسڪول مان پاڻي نٿو نڪري ۽ ٻارڙا اسڪول نٿا وڃي سگھن. اھو اسان جي سوچ ۽ ذميواري واري احساس جو مسئلو آھي. انھي سوچ جو تعليم جو وزير ۽ سمجھدار سيڪريٽري تعليم جو ھجڻ باوجود بھ ھي نظام درست نٿو ٿئي تھ ڇا ڪجي؟
تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کي جنھن نموني سان اھو نظام ھيٺيان کان بگڙيل نظر ايندو آھي، اھڙي نموني سان اھو نظام مٿان کان بھ بگڙيل آھي. بيشڪ ملازم ڪنھن حد تائين ڪوتاھيءَ جو سبب ٿي سگھن ٿا. اھڙي نموني پاليسيءَ ساز ادارا بھ ان کان آجا ڪونه آھن. تعليم ڪھڙي؟ نصاب ڪھڙو؟ تعليمي مينيجمنٽ ۽ بيوروڪريسي ڪھڙي؟ انھن ڳالھين کي في الحال پاسي تي رکي رڳو ڪجھه استادن جا مسئلا ۽ مونجھارا ڏسجن تھ ڪھڙي نموني پاليسي ساز ادارا يا تعليم جو کاتو مٿان کان مسئلا پيدا ڪري ويٺو آھي. انھن ۾ اي سي اي ECE جا استاد ھجن يا ٽيسٽ پاس ھيڊ ماستر ھجن يا اقرا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن جي ريگيولرائيزيشن يا اپ گريڊيشن ھجي يا ڪي ٻيا مونجھارا ڏسجن، جيڪي پاليسي سطح تي استادن کي ئي مونجھارن جو شڪار ڪيو ويٺا آھن تھ اھي استاد ڪيئن با اعتماد ٿي قوم جي ٻارن کي تعليم ڏيندا؟
اي سي اي استاد سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان ڀرتي ڪيا ويا ھئا. پوءِ وري انھن کي تعليمي نظام ۾ ضم ڪيو ويو ۽ مختلف پراجيڪٽس ۾ رکي انھن کان 12، يا 13 سال خدمتون حاصل ڪيون ويون، جنھن کي ھڪڙي مقرر پگھار جيڪا 14 ھزار کان شايد مٿي نھ ھئي تي لوڙايو ويو ۽ آخر ۾ اچي انھن کي ڪڍيو ويو تھ ھاڻي پراجيڪٽ پورو ٿي ويو آھي، توھان جي ڪا ضرورت نھ آھي يا ڇھن مھينن جي تلوار تي لٽڪايو ويو. اھي استاد گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪراچيءَ ۾ احتجاج پيا ڪن. ڪنھن بھ ملڪ يا رياست جي ڪا اھڙي اڍنگي پاليسي يا ظلم جو ڪو مثال ھوندو جو توھان ماڻھن جي زندگيءَ جا خوبصورت 13 سال ھڪڙي ڌنڌي ۾ صرف ڪرائي پوءِ انھن کي چئو تھ ھاڻي ڪو ٻيو ڌنڌو وڃي ڪريو؟ ھاڻي نھ تھ انھن جي اھا عمر رھي آهي نھ ڪا توانائيءَ جو انھن جا شاگرد بھ وڃي مٿاھين درجن تي پڙھندا ھوندا اھي بھ پنھنجن استادن کي بيروزگار يا ھيئن ڌڪا کائيندي ڏسندا تھ انھن جو استاد ٿيڻ يا تعليم ڏانھن اچڻ جو رويو ڪيئن ھوندو؟ مثال طور جنھن استاد يا استادياڻيءَ جي عمر جوائن ڪرڻ وقت 30 سال ھوندي تھ اھو يا اھا ھاڻي 43 سالن جو ھوندو يا ھوندي. ھاڻي اھي ڪيڏانھن وڃن؟ ھڪ اڳئي بيروزگاري آھي. پروفيشنل تعليم نھ ھجڻ برابر آھي. تقريبن سمورا تعليمي ادارا پروفيشنل اسڪِل بدران رڳو سرٽيفڪيٽ پيا ورھائين تھ اھو سموري نظام جو مسئلو آھي پر ان جو عتاب رڳو ھيٺئين طبقي وارو غريب پيو ڀوڳي، جنھن جو گھر بھ 20 ھزار مھيني جي آمدنيءَ تي ھلي ٿو. جنھنڪري قانوني گھرجون، لک پڙهه، آفر آرڊر ۾ موجود قاعدا پنھنجي جاءِ تي پر انسانيت جي بنياد تي اي سي اي جي 246 استادن کي پڪو ڪري زندگي سڦل بڻائي سگھجي ٿي ۽ اڳتي پراپر نموني سان پراجيڪٽ ترتيب ڏنا وڃن تھ جيئن اڳتي ڪن ٻين بيروزگارن جي زندگي ۽ ڪيريئر داءُ تي نھ لڳي.
ڏھاڪو کن سال اڳ آءِ بي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ھيڊ ماستر بھ غلط انتظامي طريقي سان ڀرتي ڪيا ويا. اڳتي ھلي کين ٻڌايو ويو تھ 17 گريڊ جي نوڪري فقط ڪميشن ذريعي ڏني وڃي ٿي، نڪا ڪنھن ٻئي اداري جي ٽيسٽ ذريعي. پر ان سموري ماجرا ۾ محنتي ۽ ميرٽ تي آيل انھن سوين ھيڊ ماسترن جو ڪھڙو ڏوهه؟ حڪومتي پاليسين جي سزا انھن ھيڊ ماستري ڪندڙ نوجوانن کي ڇو ملي؟ ايئن ٻين مختلف ٽيسٽن ذريعي پاس ٿيندڙ استادن جا بھ مونجھارا سامھون ايندا رھيا آھن، جھڙوڪ تازو پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي مقرري ۾ ھڪ تھ من پسند ماڻھن کي اڳتي آڻڻ جون شڪايتون ھر ضلعي مان مليون ٿي تھ ٻئي پاسي انھن مقررين ۾ جيڪا سست رفتاري ڏيکاري پئي وڃي سا انتھائي ڳڻتي جوڳي آھي. انھن مقررين ۾ ھڪڙا اھڙا مونجھارا بھ آيا آھن، جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. جھڙوڪ غير يقيني واري صورتحال سبب ڪيترائي ھيڊ ماستري ڪندڙ استاد PST ۽ JEST جي ٽيسٽن ۾ بھ پاس ٿيا. انھن اميدوارن لاءِ ھڪ غيريقيني واري صورتحال اھا آھي تھ اھي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جو آفر آرڊر وٺي تقريبن ڏهه سال ھيڊماستر رھي وري ھيٺين گريڊ ۾ اچي نوڪري ڪن يا آسرن ۾ ويھي رھن؟ پر جيڪڏھن اھي پي ايس ٽي يا جي اي ايس ٽي جوائن ڪن ٿا تھ انھن جي ھيڊماستر واري سروس جا ڇا ٿيندو؟ نھ کين سينيارٽي ملندي نھ ڪو مالي يا اخلاقي فائدو؟ مطلب تھ انھن جيڪي سال ھيڊماستري واري نوڪري ۾ گذاريا اھي بلڪل ضايع؟ ۽ انھن جي عمر بھ ھاڻي الائي ڪٿي وڃي پھتي آھي. ايئن اپگريڊيشن، پروموشن، ميڊيڪل ري انبرسمنٽ جھڙا ڪافي مونجھارا آھن، جيڪي استادن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن.
اھو سمورو ماحول تعليمي نظام کي مفلوج ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. تعليمي نظام ئي مستقبل جي سنڌ جو ضامن ۽ اميد آھي. جيڪڏھن تعليمي نظام ۾ بھ ايئن غيريقيني ۽ غير پائيداري رھي تھ سنڌ جو مستقبل بھ روشن نھ ٿي سگھندو. سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري جھڙو ملنسار، محنتي ۽ انسان دوست ڪامورو شايد وري انھي سيٽ تي اچي جيڪو پنھنجي آن لائين سيشن ۾ اچي استادن ۽ تعليمي مسئلن تي ڳالھائي ۽ آگاھي ڏئي ٿو، جنھن مان ئي سموري سنڌ کي اميدون آھن. ايئن سردار شاهه جھڙو تعليم جو وزير بھ شايد سنڌ کي ڪڏھن نصيب ٿئي. جيڪڏھن انھن پڙھيل ڳڙھيل اڳواڻن جي دور ۾ بھ تعليمي مونجھارا برقرار رھيا تھ پوءِ ڪنھن مان اميدون رکجن؟ تنھنڪري اھو مطالبو ڪجي ٿو تھ ECE جا 246 استاد ميل ۽ فيميل، آءِ بي ٽيسٽ پاس ھيڊماسترن سميت سمورن استادن جا مونجھارا ختم ڪري مستقبل بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button