هن ملڪ جي سياست ۾ انتها جي حد تائين وڃڻ معمولي ڪِرت رهي آهي. مخالفن جو ڪيترو خراب حشر ڪري سگهجي ٿو، اهو هن ملڪ جو سياسي ڪلچر رهيو آهي. اهي جيڪي حڪمران هوندا يا طاقت جو سرچشمو هوندا آهن انهن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪارن اکرن ۾ تاريخ لکي آهي. هي سڀ ڪجهه انڪري به ٿيندو رهيو آهي ته ملڪ جو ڪو جمهوريت، مهذب ۽ ماڻهپي وارو ڪلچر ناهي. هينئر مصطفيٰ نواز کوکر، شهباز گِل جي باري ۾ ڪجهه جملا چيا، ان تي سوشل ميڊيا کان وٺي عام ميڊيا تائين وري به ايتري وٺ وٺان نه ٿي، جيتري شهباز گِل جو “گاڊفادر” سياسي دشمني ۾ ليڪا لتاڙيندو رهيو آهي. ان مان سياسي سهپ جي خبر پئي ٿي. شهباز گِل نه ئي سياسي ورڪر طور پنهنجو مان رکيو، نڪي وري هن، ڪا مهذب زبان استعمال ڪئي. هو جيڪا قيمت ادا ڪري رهيو آهي،اها شايد ڪجهه به ناهي، هي اهڙو طوطو آهي، جنهن ۾ چيو ٿو وڃي ته عمران خان جي جان آهي! اهڙا ڪيترا طوطا هوندا، جيڪي عمران خان پاليندو يا انهن جي پالنا ڪندو رهيو آهي. اهي سمورا ڪنهن وديش کان آيا ۽ اڪثريت واپس هلي وئي. شهباز گِل به وديشي شهري آهي، پر هو اوور ڪانفيڊنس جو شڪار ٿيو، انڪري عمران خان جو چيف آف اسٽاف ٿي ويو. هن ملڪ ۾ ان کان پهريان ڪنهن به سياسي اڳواڻ يا پارٽي ۾ اهڙو عهدو نه هو، جهڙو شهباز گِل جو آهي. هي ڪنهن هٽلر ۽ مسوليني ٽائيپ اڳواڻن جو ڪو ماتحت ٿي سگهي ٿو.
هينئر تائين جيئن جيئن حڪومت ۽ پردي جي پٺيان ويٺل سرڪار شهباز گِل جي ڳيچي ۾ سرڪڻ کي سوڙهو ڪيو آهي، تيئن ئي عمران خان جون دانهون اوڙي پاڙي ٻڌيون آهن. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هي شخص عمران خان لاءِ ڪيتري اهميت رکي ٿو. هن شخص جي سڃاڻپ ته هڪ آمريڪي شهري جي هئي ۽ اهڙا گهڻا هئا، جيڪي برطانيا يا آمريڪا جا شهري هئا، اهي عمران خان جي اکين جا تارا هئا. پر آخرڪار هي شخص عمران خان جي دل ويجهو ڇو آهي؟ ڇا هو عمران خان جو وڌيڪ رازدان آهي؟ ڇا ڪي اهڙيون حقيقتون آهن، جن کان شهباز گِل گهڻو واقف آهي؟ ڇا عمران خان جي چوڌاري جيڪي ماڻهو موجود هئا، هي انهن سڀني کان وڌيڪ valuable آهي؟
عمران خان، اسلام آباد ۾ صحافت جي آزادي جي ڏينهن تي سيمينار کي خطاب ڪيو. ڇا دال، ڇا بسم الله! اهو شخص جنهن تي صحافت ۽ صحافين کي سڀ کان وڌيڪ ظالماڻي انداز ۾ چيڀاٽڻ جو الزام هجي، ميڊيا جي ادارن مان هزارين ملازم جنهن جي ڏاڍ جي ڪري نڪتا هجن ۽ ڪيترائي ادارا بند ٿي ويا هجن، جيڪڏهن اهڙو شخص وري صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملهائيندو ته هي قصو به جهان خان وارو ٿي ويندو! خير اهم ڳالهه هي نه هئي ته عمران خان صحافت جي آزادي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪيو، پر سوچڻ جهڙيون اهي ڳالهيون آهن، جيڪي هن اتي ڪيون. جهڙي ريت شهباز گِل اهم اداري جي رينڪ اينڊ فائل ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جهڙي ڳالهه عمران خان به ڪئي. هن هي ڳالهه پهريون ڀيرو نه ڪئي هوندي. هن پهريان به نيوٽرلز کي چيو ته اهي پنهنجي غلطي کي وساري موجوده حڪومت کي گهرو ڀيڙو ڪن ۽ هن کي اقتدار جي ڪرسي تي ويهارين. هن اعتراف ڪيو ته گذريل ٽيهن سالن کان هن تي اهم اداري سياسي سيڙپ ڪئي. هن کي ن ليگ توڙي پيپلز پارٽي جي حوالي سان اهم معلومات فراهم فراهم ڪئي. عوام جي ووٽن تي آيل حڪومت کي نيوٽرل هٿان ختم ڪرڻ جا ڀاشڻ ڏيڻ به ڪنهن خطرناڪ عمل کان گهٽ ناهن.
حڪومتي حلقا چون ٿا ته عمران خان ادارن کي پنهنجن پيرن جا جوراب سمجهي ٿو ۽ ڪنهن به اداري اڳيان پاڻ کي جوابده نٿو سمجهي، هن کي مختلف ادارا نوٽيس ڏئي رهيا آهن، ممڪن آهي ته هو جلد، قانون تي عمل کي يقيني بڻائي وٺندا. انهن کي جيڪو ڪجهه گهربل هوندو، اهو ملي ويو آهي، ان لاءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو به ڪافي آهي ۽ رهيل ڪسر تڏهن پوري ٿيندي، جڏهن توشا خانا ڪيس ۾ هي طئي ٿيندو ته عمران خان جيڪي سوکڙيون لڪايون ۽ پنهنجي آمدني ۾ شامل ڪرڻ باوجود گوشوارا جمع نه ڪرايا. انڪري هو صادق ۽ امين واري شق تي به پورو نٿو لهي. ايندڙ ننڍي چونڊ جي حوالي سان پهرين تڪ ۾ ته عمران خان جا نامزدگي جا ڪاغذ رد ٿي ويا، جيڪڏهن هي رجحان برقرار رهي ٿو ته پوءِ عمران خان سمورين سيٽن تي چونڊ ڪيئن وڙهندو؟ جيڪڏهن اپيل ۾ هن جا ڪاغذ منظور به ٿي ويا ته پنجاب جيان سموريون سيٽون ته هن جي جهولي ۾ پوڻ واريون ناهن. انڪري ٻنهي صورتن ۾ عمران خان خساري ۾ آهي.
شهباز گِل اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ روئي روئي، پنهنجو خراب حال ڪري ڇڏيو، ائين جيئن پهرين ڪلاس جا ننڍڙا ٻارڙا نه هوندا آهن، جيڪي اسڪول کان لنوائڻ لاءِ هڻي احتجاج ڪندي والدين کي مجبور ڪندا آهن ته جيئن هو کين اسڪول موڪلڻ وارو پروگرام ملتوي ڪن. پر عملي طور ائين ممڪن نه ٿيندو آهي. ساڳي انداز سان وفاقي گادي واري شهر جي مقامي عدالت في الحال شهباز گِل کي ريليف ڏيندي اسپتال ته موڪليو آهي، پر هن کي پوليس کي منهن ضرور ڏيڻو پوندو، هو سمجهن ٿا، کين ايترو وقت ملي ويندو، جو هو واڳ ڌڻين کي ميڙمنٿ ڪري شهباز گِل لاءِ رعايتون حاصل ڪري وٺندا. پر جن جي نظر عمران خان ۽ واڳ ڌڻين جي لاڳاپن تي آهي، اهي سمجهن ٿا ته اڳوڻي ڪرڪيٽر جي اقتدار جي واپسي جو في الحال ڪو به امڪان ناهي. هن لاءِ توبهه جا دروازا بند ٿي چڪا آهن. خير ممڪن آهي ته ڪجهه سالن بعد صورتحال تبديل ٿئي.
سياسي پنڊت سوال پڇن ٿا ته ڪٿي شهباز گِل ٻيو مسعود محمود ته ثابت نه ٿيندو؟ ڪي سوچيندا، خاص ڪري اهي جيڪي تاريخ کان گهڻا واقف نه هوندا. مسعود محمود اهو ئي شخص آهي، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف سلطاني شاهد ٿيو هو. 1972 ۾ لاهور پوليس جي بغاوت دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڀٽي جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ڀٽي صاحب پنهنجي فوج جي نئين سربراهه جنرل ٽڪا خان سان صلاح مشورو ڪري هڪ نئين سيڪيورٽي ايجنسي جو بنياد وڌو. فيڊرل سيڪورٽي فورس، جنهن کي عام طور تي ايف ايس ايف جو نالو ڏنو ويو، ان جو پهريون سربراهه حق نواز ٽوانا هو، هو انڊين پوليس سروس جو آفيسر هو، ان کي هٽائي ڀٽي صاحب مسعود محمود کي مقرر ڪيو. هي به فارين جو پڙهيل هو. ڀٽي صاحب جو خيال ته جيڪڏهن هن جي خلاف فوجي يا ڪا ٻي بغاوت ٿي ته هي فورس ان جي ڪم ايندو. پر جيئن بغاوت ٿي، جنرل ضياءَ اقتدار ۾ آيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي نواب محمد احمد قصوري جي قتل ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، ان دوران مسعود محمود جنرل ضياءَ سان ملي ويو ۽ ڀٽي جي خلاف سلطاني شاهد ٿي ويو. ان جنرل ضياءَ اڳيان اعتراف ڪيو ته قصوري جو قتل ڀٽو جي اشاري تي ٿيو. هي ساڳيو ڪيس هو، جنهن جي آڙ ۾ ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ لاءِ رستو صاف ڪيو ويو. جيتوڻيڪ مسعود محمود سڌي ريت به نه چيو هو ته قصوري جي قتل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شامل هو. هي ساڳيو قصور هو، جنهن بلهي شاهه کي جنم ڏنو، پر ان ئي قصور بلهي شاهه کي ڪافر قرار ڏنو ۽ ان جي جنازي نماز ڪنهن به مذهبي عالم نه پڙهائي، آخرڪار هڪ خواجا سرا، بلهي شاهه جي جنازي نماز پڙهائي ۽ ان جي تدفين به اصل شهر کان ٻاهر ڪئي وئي. پر بلهي شاهه کي ڪوبه ماري نه سگهيو، نه ئي ڀٽو تاريخ ۾ مري سگهيو.
شهباز گِل جو قد ڪاٺ، توڙي جو مسعود محمود جيترو به ناهي. نه ئي عمران خان، ذوالفقار علي ڀٽو آهي. پر سياسي ڪلچر جي ڳالهه آهي، ڀٽو صاحب تي به ڪيترائي الزام لڳا ته ان جي ان نئين فورس وڏا ظالم ڪيا ۽ مخالفن کي دٻايو، پر گهٽتائي يوٿين به نه ڪئي آهي. هو ڪنهن مذهبي يا غير مذهبي، سياسي يا غير سياسي فرقي جيان ورتاءَ ڪندا رهيا آهن. هينئر به هو هر اداري ۽ قانون کي پيرن هيٺان لتاڙڻ گهرن ٿا. هي ڪم اهو شخص ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو رياست مدينا جو وڏو دعويدار هو. هن مديني جي رياست جو قانون لاڳو ڪرڻ گهريو ٿي ۽ وڏا ڀاشڻ ڏيندو رهيو ته قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي، طاقتور کي سزا نه ملندي ته ڪمزور ان مان سبق حاصل نه ڪندو. هاڻ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کي ان جي ابتڙ سمجهيو پيو وڃي. تاريخ ۾ ان نوعيت جا حادثا ٿيندا رهندا آهن، جيئن ملڪ اندر سياستدان توڙي ٻيون قوتون سبق حاصل ڪري سگهن. هن ملڪ جي طاقتور ادارن ئي مافيائن کي منظم ڪيو، انهن کي طاقتور بڻايو، ايستائين جو هاڻ چيو ٿو وڃي ته ففٿ جنريشن وار به ڪنهن مافيا جي لشڪر کان گهٽ ناهي، جيڪا واڳ ڌڻي وڙهي رهيا آهن، يا انهن جي پيدا ڪيل ففٿ جنريشن وار اسٽيبلشمنٽ جي اڳيان سينو تاڻي بيهي رهي آهي. دنيا ۾ جرمني ان جو خاص ماڊل آهي، جتي هٽلر ته ختم ٿي ويو،ملڪ به ٻه ٿيا، وري متحد ٿيو، Neo-Nazi ختم نه ٿيا. پاڪستان ۾ جن نيو نازين جنم ورتو آهي، اهي سياست کي ته گدلو ڪندا، پر اسٽيبلشمنٽ جي مٿي جو سور به مستقل رهندا!