شوبز

ڪنشڪا سوني پنهنجو پاڻ سان ئي پرڻو ڪري ورتو، ڇتي تنقيد

ڀارتي ڊرامن جي مشهور اداڪارا ڪنشڪا سوني پنهنجو پاڻ سان ئي پرڻو ڪري ورتو آهي، جنهن تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي. ميڊيا مطابق ڪنشڪا سوني پنهنجي زندگي ۾ مرد جي ضرورت نھ هجڻ جو جواز ڄاڻائي پاڻ سان پرڻو رچايو آهي. جڏهن تھ ڪنشڪا سوني ماٿي سهاڳڻ وارو ڳاڙهو تلڪ هڻي ۽ منگل سوتر پائي تصوير بھ شيئر ڪئي ۽ وڊيو پيغام ۾ ڄاڻايو آهي تھ منهنجا سڀ خواب پورا ٿي ويا، منهنجو محبوب مان پاڻ ئي آهيان، تنهنڪري پنهنجي ذات سان شادي بھ رچائي. هن جو چوڻ هو تھ مڪمل هوش حواس ۾ پاڻ سان شادي ڪئي آهي ۽ مون اهو فيصلو دل ۽ دماغ سان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button