
بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا سونم ڪپور پٽ کي جنم ڏئي امڙ بڻجي وئي آهي ۽ زندگي جي وڏي خوشي جي خبر شيئر ڪندي پاڻ بھ خوشي ۾ جهومي پئي آهي. ميڊيا مطابق سونم ڪپور پٽ جي پيدائش جي خبر جيئن شيئر ڪئي تھ نيتو سنگهه پڻ کيس مبارڪ ڏني آهي. سونم ڪپور پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو تھ، مون ۽ مڙس پنهنجي پهرين ٻار جي آجيان ڪئي آهي، جنهن تي ٻئي خوش آهيون. هن چيو تھ هي هڪ شروعات آهي، هاڻ اسان جي زندگي هاڻ مڪمل طور تي بدلجي ويندي.