ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ برساتن جون تباهيون

ِEditorial

جيتوڻيڪ برساتون رحمت بڻجي اينديون آهي پر اهي انتظامي نا اهلي جي ڪري زحمت بڻجي وينديون آهن. هيل سنڌ ۾ جيڪي برساتون وسيون اهي به حڪمرانن جي نا اهلي جي ڪري زحمت ئي بڻجي ويون. طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر ُاُجاڙي ڇڏيا آهن، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سوڌو 25 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
ٻئي پاسي چوماسي جو نئون سلسلو 23 آگسٽ کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برساتن جو سبب بڻبجڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. 24 آگسٽ تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ تيز اسپيلز جو امڪان آهي، جنهن سبب ڪراچي سميت مختلف شهرن جا هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا. موسميات کاتي بنگالي نار کان ايندڙ چوماسي جي نئين سسٽم بابت اڳڪٿي ڪئي آهي، جيڪو ڀارتي رياست راجسٿان کان سنڌ ۾ داخل ٿيندو. ان سلسلي ۾ چيف ميٽرولوجسٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خليج بنگال ۾ هڪ لو پريشر ايريا بڻجي رهيو آهي، جيڪو 23 آگسٽ تي سنڌ ۾ داخل ٿيندو ۽ صبح جي وقت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جو ڪارڻ بڻبو. هي سسٽم 23 آگسٽ جي رات ڪراچي تي برسات جي صورت ۾ اثرانداز ٿيڻ شروع ٿيندو، جڏهن ته 24 آگسٽ تي ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ وچولي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اهو سسٽم گهٽ دٻاءُ جي صورت ۾ اتر سنڌ ۽ ڀرپاسي تي موجود آهي، جنهن جا اثر ڪراچي تي رڳو هلڪي برسات ۽ بوندا باندي تائين محدود رهندا، جڏهن ته سنڌ جي مختلف ضلعن جن ۾ شهيد بينظير آباد، نوشهرو فيروز، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ڄامشورو، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ ڇنڇر جي رات تائين گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ وچولي ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات سان گڏ انڌاري جو امڪان به آهي. اهڙي نموني ٿرپاڪر، عمر ڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، مٽياري، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ وچولي برسات جاري رهندي، اڄ رات تائين جاري برساتن سبب اندرون سنڌ جا هيٺيان ضلعا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا.
هوڏانهن سنڌ ۾ پوکيل فصل برسات سبب تباهه ٿي ويا آهن، 6 لک ايڪڙ ايراضي تي پوکيل ڀاڄيون، مرچ، ووئنڻ جا فصل تباهه، آبادگارن کي هڪ سئو 25 ارب روپين جو نقصان پهتو آهي. سنڌ حڪومت ريليف جو اعلان نه ڪيو آهي. حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو ريجن ۾ هاڻوڪي برساتن جي تباهي دوران لکين ايڪڙن تي پوکيل زرعي فصل ۽ ڀاڄيون مڪمل تباهه ٿي ويون آهن. ان ڏس ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ٻڌايو ته برساتن سنڌ ۾ وڏي تباهي آڻي فصلن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته 4 لک 20 هزار ايڪڙن تي پوکيل ڪپهه جو فصل مڪمل ختم ٿي ويو آهي. 42 هزار ايڪڙن تي پوکيل ڳاڙها مرچ، 2 لک ايڪڙن تي پوکيل ٽماٽا، 82 هزار ايڪڙن تي پوکيل بصر، توريون، ساريون ختم ٿي ويون آهن، هن چيو ته خيرپور ۾ ست لک ٽن کجين جو نقصان ٿيو آهي. لاڙڪاڻو ۾ زيتون جا فصل تباهه ٿي ويا آهن. هن وقت هر خاندان کي 50، 50 هزار ڏنا وڃن. جڏهن ته ايل بي او ڊي سم نالي 200 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن. ايل بي او ڊي ۾ 2 ارب روپين جو فنڊ هڙپ ٿي ويو آهي. جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي.
حڪومت کي برساتن سبب ٿيل ايڏي وڏي تباهي جو ازالو ڪرڻ گهرجي. سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي. حد اها آهي جو اڃا تائين حڪمرانن جو ڪو تسلي جوڳو بيان سامهون ناهي آيو ته هنن وٽ برسات متاثرن جي بحالي لا ڪهڙو منصوبو آهي. جڏهن ته چئوماسي جو جيڪو نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو ان بابت حڪمرانن جون ڪي اثرائتيون تدبيرون نظر نه پيون اچن. حڪمرانن کي برسات متاثرن جي بحالي لا جلد اعلان ڪري، ايندڙ برساتن کي منهن ڏيڻ لا تڪڙا اپا وٺڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button