هن ڀيري سنڌ ۾ برسات ڪهڙا رڪارڊ ٽوڙيا آهن؟ ان جي باري ۾ ته موسميات وارو محڪمو ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر هن ڀيري وارين برساتن ۾ جيڪي عوام جا ڀرم ڀري ويا آهن، انهن جي باري ۾ لکڻ اسان جو فرض آهي. اهو ڪيترو نه ظلم آهي ته هڪ طرف سنڌ جا ماڻهو برسات جي پاڻيءَ ۾ لڙهي رهيا آهن. انهن جا جهوپا جهري رهيا آهن. ڏهاڙي ڪمائڻ ۽ ڏهاڙي کائڻ وارا ماڻهو بکن تي آهن. انهن جا ٻار ويلا ڪٽڻ تي مجبور آهن. پر جڏهن اسان ميڊيا جي معرفت ملڪي سياست جو منظر ڏسون ٿا ته اسان کي شهباز گل جي گرفتاري ۽ سياستدانن جو اقتداري جهيڙو ئي نظر اچي ٿو. ڪيترو قيمتي وقت برباد ٿي رهيو آهي؟ ڇا ان باري ۾ ڪنهن کي ڪو فڪر آهي؟ جيڪڏهن عمران خان سنڌ اچي رهيو آهي ته هو به سنڌ جا سور سمجهڻ لاءِ نه ٿو اچي. هو به ان لاءِ ٿو اچي ته پيپلز پارٽيءَ کي سندس حڪومت ڪيرائڻ واري ڏوهه جي سزا ڏئي سگهي. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي به ڪا پرواهه ناهي. اها به اهو نه ٿي سمجهي ته جيڪڏهن برسات ۾ سٽيل سنڌ جي انهن واهر نه ڪئي ته اهي ماڻهو عمران خان جي طرف به مڙي سگهن ٿا. هونءَ به عمران خان جهڙي طرح هڪ ڀيرو ٻيهر هيرو ٿي ويو آهي، هن جو اهو روپ ته هن جي ماضيءَ کان وڌيڪ ڀرپور آهي. ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پريشان ٿيڻ گهرجي. ڇو ته پيپلز پارٽيءَ جو بنياد هن مهل بلڪل ئي ڪمزور ٿي چڪو آهي. پيپلز پارٽي ڀلي وڏي پارٽي هجي پر جڏهن ڪنهن وڏي شيءَ جو به بنياد ڪمزور ٿي ويندو آهي ته اها ڪرڻ ۾ ڪا دير نه لڳائيندي آهي. هن مهل پيپلز پارٽي صرف هڪ ڀرپور ڌڪي جو کاڄ آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي ان ڪمزوريءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟ هونءَ ته ڪنهن به شيءَ جا تمام گهڻا سبب هوندا آهن پر مجموعي طور تي پيپلز پارٽي هن وقت ٻن وڏن بحرانن مان گذري رهي آهي. هڪ بحران آهي قيادت جو ۽ ٻيو بحران آهي، سياست جو! انهن ٻنهي بحرانن کي سمجهڻ بيحد ضروري آهي. پيپلز پارٽيءَ کي جيڪڏهن مستقبل ۾ سياست ڪرڻي آهي ۽ ظاهر آهي ته ڪرڻي آهي ته هن کي پنهنجن ٻنهي بحرانن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ پنهنجو آبيجڪٽو جائزو نه ورتو ته اها ڪنهن به وقت ڪک پن ٿيندي ڪا دير نه لڳائيندي. پيپلز پارٽيءَ کي پاڻ به اهو احساس هوندو. ڇو ته جهڙي تهڙي حال واري هوندي به آخر اها پارٽي آهي ۽ هن ۾ شامل ماڻهو مختلف حوالن سان هن کي آگاهي ڏيندا هوندا. انهن کي پاڻ به ان ڳالهه جو احساس هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن انهن کي ڪو آئينو ڏيکارڻ وارو نه هوندو ته انهن کي پنهنجو پتو ڪيئن پوندو؟ هونءَ به اها ڳالهه تمام ضروري آهي ۽ ان ڳالهه جو احساس ڪنهن به پارٽيءَ جي لاءِ تمام اهم هوندو آهي ته اها انهن ماڻهن کان بچي جيڪي پنهنجن مفادن جي لاءِ خوشامد ڪندا آهن ۽ انهن کي ٻيو ڪو ڪم نه هوندو آهي. اهي خوشامدي ٽولا هر پارٽيءَ ۾ هجن ٿا. اهي خوشامد وارا فرد هر پارٽيءَ جي لاءِ تمام گهڻا نقصان وارا هجن ٿا. انهن ماڻهن جي پاران پوندڙ نقصان کي متوازن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پارٽيون پنهنجو جائزو وٺن ۽ اهي تنقيد جي مرحلن جي آجيان ڪن. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي اهڙي پاڻمرادي احتساب جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ هن کي سمجهڻ گهرجي ته جن بحرانن کي اها پارٽي منهن ڏئي رهي آهي، انهن بحرانن مان کيس ٻاهر نڪرڻ جا گس تلاش ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن پيپلز پارٽي اهو ڪجهه نه ڪيو ته هن کي ڪاپاري نقصان پهچندو ۽ پيپلز پارٽي هن مهل تائين ايترو نقصان ڪيو آهي جو اها وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه رهي آهي.
پيپلز پارٽي جن بحرانن مان گذري رهي آهي، انهن ۾ هڪ بحران آهي قيادت جو بحران! پيپلز پارٽي پاڻ ته بلڪل به نه مڃيندي پر اهو احساس پيپلز پارٽيءَ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي آهي ته اهي هن وقت قيادت جي بحران مان گذري رهيا آهن. ڇو ته جهڙي طرح هن پارٽيءَ جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو ۽ هن جي شخصيت ۾ جيڪو سحر هو ۽ هن ۾ جيڪا ڪشش هئي، اها پارٽيءَ جي شهرت جو سبب بڻي. اها سگهه ڀٽي صاحب جي شخصيت جي هئي جو پيپلز پارٽي تمام ٿوري وقت ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل کان پوءِ هڪ ته ان پارٽيءَ کي مظلوميت جو هڪ تمام وڏو سهارو مليو ۽ ٻيو ته ڀٽي صاحب کان پوءِ پارٽيءَ جي قيادت جهڙي طرح بينظير ڀٽو سنڀالي ته هن ۾ ڀٽو خاندان جي به تمام گهڻي ڪشش هئي. بينظير ڀٽو پيپلز پارٽيءَ کي قيادت جي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر اها به حقيقت آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ زرداري خاندان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪري اهو ڪجهه نه ڪري سگهيو، جنهن جي پيپلز پارٽيءَ کي ضرورت هئي. اهڙي طرح پيپلز پارٽي هن مهل بلاول جي قيادت ۾ تمام گهڻي بحران مان گذري رهي آهي.
سياسي پارٽيون جڏهن قيادت جي بحران مان گذرنديون آهن، تڏهن انهن کي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي ته هو اهڙو ڪردار ادا ڪن، جنهن سان انهن جي قيادت وارو بحران وڏي حد تائين ڍڪجي وڃي. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي کپندو هو ته اها انهن مخلص ماڻهن جي ٽيم کي اڳتي آڻي جيڪي محنت سان ڪم ڪن ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان اهڙي تاريخ ٺاهين، جنهن کي ڏسي ماڻهو پاڻ ان پارٽيءَ جي طرفدار ٿي پون. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جن به ماڻهن جي مٿان هٿ رکيو آهي، اهي ماڻهو پنهنجي ذاتي ڪردار ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ آهن ۽ انهن جي مٿان عوامي دولت لٽڻ جو اهڙو الزام آهي، جيڪو انهن جي سياسي ساک کي تمام گهڻو نقصان ٿو پهچائي. ان نقصان مان نڪرڻ جي لاءِ پيپلز پارٽيءَ وٽ ڪا به ڳڻ ڳوت ڪونهي. ان ڪري پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هوندي تمام گهڻي ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ هن جي ڪمزوري هن جي مخالف پارٽين کي اهو وجهه ڏئي رهي آهي ته هو ڪنهن به وقت پيپلز پارٽيءَ کي ڪيرائي پنهنجي سياست کي سنڌ ۾ بيهاري اهڙو ماحول تيار ڪن جو پيپلز پارٽي ماضيءَ جو قصو بڻجي وڃي. ڇا پيپلز پارٽيءَ کي ان جو احساس ناهي ته اهو ڪجهه ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي ان خطري جي خبر ناهي ته پوءِ ان جو نقصان وڌيڪ ٿيندو. ڇو ته هر پارٽيءَ جو فرض هوندو آهي ته اها پنهنجي وجود لاءِ پيدا ٿيندڙ خطرن کان باخبر رهي. ان جي باخبر رهڻ ۾ هن جو پنهنجو فائدو هوندو آهي. جيڪڏهن اها باخبر نه رهندي ته پنهنجو ئي نقصان ڪندي. هونءَ به پيپلز پارٽيءَ پنهنجو ايترو نقصان ڪيو آهي جو اها وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي.
پيپلز پارٽيءَ کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته پارٽيون سدائين بحرانن مان جنم وٺنديون آهن ۽ بحرانن مان انهن کي سگهه ملندي آهي. هن مهل سنڌ ۾ برسات جهڙي طرح پوري سنڌ کي سٽي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي موقعو مليو آهي ته اها عوام جي خدمت ڪري ۽ سنڌ کي برسات سبب پهتل نقصان جو ازالو ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهڙو ڪردارا ادا ڪري جو هن جا پويان پاپ به ڌوپي وڃن. ان قسم جي صلاح پيپلز پارٽيءَ کي ٻين حلقن مان به ملندي هوندي. هونءَ به صلاحون ته عام جام هونديون آهن. پر سچي ڳالهه اها آهي ته صلاحن سان ڪجهه به نه ٿيندو آهي. اصل ڳالهه عمل آهي. ڪا صلاح ڪيتري به سٺي هجي پر جيڪڏهن ان تي عمل نه ٿيندو ته ان مان ڪجهه به حاصل ٿي نه سگهندو. پيپلز پارٽيءَ کي جيڪڏهن اها صلاح ڏجي ته هوءَ اقتداري سياست ۾ پنهنجو اميج وڌيڪ وڃائڻ بدران عوام جي خدمت واري عوامي سياست ڪري ته ڇا پيپلز پارٽي ان تي عمل ڪندي؟ پيپلز پارٽيءَ وٽ هن مهل اها ٽيم ئي ناهي، جيڪا عوام دوست هجي ۽ جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي. جيڪا عوام جي لاءِ ميدان ۾ لهي ۽ عوام کي منظم ڪري. جيڪا عوام کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪري پارٽيءَ کي اها سگهه عطا ڪري جيڪا سگهه پارٽيءَ ۾ پارٽيءَ جي بانيءَ ڀري هئي. اهو ڪم تمام گهڻو اهم ۽ ضروري آهي پر اهو ممڪن ناهي ته ان تي عمل ٿي سگهي.