شوبز

حنا پرويز عمران خان جو وقت ختم ڄاڻائي ڇڏيو، هارون ناراض

پاڪستاني سياستدان حنا پرويز بٽ عمران خان جو وقت ختم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي پي ٽي آئي جو حمايتي اداڪار هارون شاهد مٿس ناراض ٿي پيو آهي ۽ چٿر بھ ڪري ورتي. ميڊيا مطابق نواز ليگ جي اڳواڻ حنا پرويز بٽ وڏي گهڙي سان وڊيو ٺاهي عمران خان بابت اڳڪٿي ڪئي. هن وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ عمران خان سوشل ميڊيا تي عوام سان مذاق ڪيو، جيڪو ڪجهه هزار ماڻهن ڏٺو آهي. هن چيو تھ عمران خان جي عوام سان عدم دلچسپي ڏسي لڳي ٿو تھ سندس وقت ٿي ويو آهي. هارون شاهد ردعمل ۾ حنا پرويز بٽ تي چٿر ڪندي چيو تھ مون کي حنا پروز سان همدردي آهي، ڇوتھ اصل ۾ کيس مدد جي شديد ضرورت لڳي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button