ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برساتن جي تباهي ۽ ناقص انفرااسٽرڪچر

Editorial

سنڌ ۾ هاڻوڪين برساتن سبب جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، اها ڳڻتي جوڳي آهي. ماڻهن جا گهر ڊهيا آهن، فصل ٻڏا آهن ۽ ان کان سواءِ گهارا پوڻ سبب به ماڻهن جو گهڻو نقصان ٿيو آهي. برساتن کي ان وقت بهتر نموني منهن ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن شهرن ۽ علائقن جو انفرااسٽرڪچر بهتر هجي. سنڌ ۾ هڪ پاسي بهتر انفرااسٽرڪچر ناهي ته ٻئي پاسي قدرتي لنگهن تي قبضا ڪيا ويا آهن. ان ڪري برساتون وسڻ کان پوءِ صورتحال بنهه گهڻي ڳنڀير ٿي ويندي آهي. پر حڪومتي سطح تي ڪي اهڙا اپاءَ هيستائين نظر نه پيا اچن، جن سان عوام جي سهائتا ٿي سگهي ۽ اهي هاڻوڪي برسات ۾ پريشانيءَ کان بچي سگهن. برسات هيترن ڏينهن کان وسي رهي آهي پر حڪومت ۽ انتظاميا هاڻ سجاڳ ٿيون آهن. سنڌ حڪومت پاران عوام جي سهائتا ڪرڻ جو اعلان بهتر عمل آهي. پر اصل ڳالهه اها آهي ته اها امداد عوام تائين پهچڻ گهرجي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو آهي ته سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، برسات سبب ٿيل نقصان جي جو جائزو وٺڻ لاءِ دورن تي نڪتو آهيان. هن چيو ته هن ڀيري سنڌ ۾ 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن، جنهن سبب اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. وڏي وزير چيو ته جِن برساتي نالن کي لنگهه مليل نه آهن اُتي ڏُکيائيون ٿي رهيون آهن، متاثرن کي ڏُکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو تھ وفاقي حڪومت سنڌ جي سمورين يوسيز کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ وڃي پئي، بينظير انڪم سپورٽ ذريعي متاثر خاندانن کي 25 ھزار روپيا مدد جي مد ۾ ڏنا ويندا. اهڙو اظهار هن حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمدخان ضلعن جي برسات متاثر مختلف علائقن جو دور ڪندي ڪيو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سجاول ضلعي جي مختلف متاثر علائقن جو دورو ڪيو، جنهن دوران لاڳاپيل عملدارن کيس برسات سبب ٿيل تباهين بابت بريفنگ ڏني.
وڏي وزير مراد علي شاھھ کي بريفنگ ڏني وئي تھ سجاول ۾ برسات سبب 12 ھزار 801 گھرن کي نقصان پھتو آهي، 87 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو بي گھر ٿيا آھن. ان موقعي تي ضلعي آفيسرن طرفان مليل بريفنگ کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاھھ سجاول ضلعي کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏنو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير ٺٽو، گهارو، گجو سميت آس پاس جي مختلف برسات متاثر علائقن جي دورو ڪري ٻوڏ جي صورتحال، برسات متاثرن جي مدد ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺي متاثرن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌي موقعي تي لاڳاپيل اختيارين کي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته ھن مشڪل جي گهڙي ۾ پنھنجي عوام کي ڪنھن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. متاثرن جي ھر ممڪن مدد ۽ سھائتا ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏينداسين. سنڌ جي وڏي وزير صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھن سال سنڌ ۾ 600 ملي ميٽر برسات پئي آھي، ٺٽي ضلعي ۾ 9612 ايڪڙ فصل تباھه ٿي چڪا آھن، 4705 ٽينٽ، 15905 مڇر دانين سميت 500 ماڻھن کي ماني کارائي ويئي آھي، ٺٽي ضلعي ۾ برسات سبب 11 ماڻھو فوت ٿيا، جنھن جو ڏُک آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته سنڌ ۾ برسات سبب اليڪشن ڪميشن سان ڳالھيون ھلندڙ آھن، ڪوشش آھي ته اليڪشن کي اڳيان وڌايو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدين ضلعي جي دوري جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي بدين ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، برسات متاثر هارين کي امداد فراهم ڪئي ويندي ۽ هر ديهه جي 60 سيڪڙو غريب آبادي جي هر خاندان کي 25 هزار رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڏنا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽنڊو محمد خان پهچي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات متاثر علائقن لاءِ سروي لاءِ ٽيمون تشڪيل ڏيئي رليف ڏيڻ جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ضلعي جي عملدارن جي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، سنڌ ۾ برسات سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمينن تي بيٺل فصل تباھه ٿي چڪا آهن، هزارين گهر ڊهي مسمار ٿي ويا آهن، برسات سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10-10 لک ڏنا ويندا.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت جيڪي اعلان قدرتي آفتن کان پوءِ ڪندي آهي ۽ وڏيون رقمون رکندي آهي، جيڪي اهي پئسا سنڌ جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ ۽ پاڻي جي قدرتي لنگهن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ڪتب اچن ته سنڌ ۾ برساتن سبب ايتري تباهي نه ٿئي. عوام لاءِ جيڪا رقم رکي وئي آهي، اها گهڻو ڪري ان تائين ڪانه پهچندي. جيڪڏهن پهچي به وئي ته اها ايتري گهڻي رقم ناهي، جنهن وسيلي اهي پنهنجا اجها اڏي سگهن يا مال وٺي سگهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي سهائتا جو عمل ان وقت تائين جاري رهڻ گهرجي جيستائين ان جي مڪمل بحالي نٿي ٿي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button