ڳالهائڻ جي ڇوٽ ۽ سياسي آزاديءَ جو مزو جيترو عمران خان نيازي ورتو آهي، اوترو هن ملڪ ۾ ڪنهن سياستدان نه ورتو آهي ۽ نه ئي اهو وٺي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي هر سياستدان کي پنهنجن حدن جي خبر آهي. ان کان سواءِ اهي پاڻ به ڳالهائڻ وقت بنهه گهڻا محتاط رهندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ملڪ ۾ سياسي ۽ جمهوري آزادي نالي ماتر آهي. پر جيئن ته عمران خان نيازي پاڻ “ڪمپني بهادر” جي پيداوار آهي. هن کي هڪ خاص مقصد لاءِ سياسي ميدان ۾ لاٿو ويو هو ته جيئن هو پيپلز پارٽي ۽ نواز جي سياسي ساک کي جيترو خراب ڪري سگهي، ڪندو رهي. ان ڪري هن کي هر قسم جي سياسي آزادي ۽ ڇڙواڳي مليل هئي. نه رڳو عمران خان نيازي پر سندس پارٽيءَ جو هر اڳواڻ صحافين، سياسي مخالفن ۽ انساني حقن جي اڳواڻن سان بدتميزي ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو هو.
اهو ممڪن ناهي ته ڪي قوتون پنهنجي دفاع لاءِ ڪنهن سياسي قوت يا دهشتگرد ٽولي کي تيار ڪن ۽ اهو سدائين انهن جو وفادار ٿي رهي. ڇاڪاڻ ته اڳيان هلي اهي ماتحت قوتون پاڻ هڪ طاقت ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. اهي پنهنجي مرضي هلائڻ لڳنديون آهن ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي ان مدار کان ٻاهر سمجهڻ لڳنديون آهن، جن مان نڪرڻ کان انهن کي منع ڪيو ويندو آهي. اهڙي ريت پي ٽي آءِ کي جنهن مقصد لاءِ تيار ڪيو ويو هو، اهو ته پورو نه ٿي سگهيو پر پي ٽي آءِ هاڻ پنهنجو پاڻ کي هڪ اهڙي طاقت سمجهڻ لڳي آهي، جيڪا پنهنجي بت تراش جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ناهي.
ملڪ ۾ آئيني طور ڪنهن کي به تقرير ڪرڻ جو حق آهي. ان کي اظهار جي آزادي مليل آهي پر جڏهن اها آزادي ادارن جي ٽڪراءُ ۾ اچي ٿي ته ان تي رياست حرڪت ۾ اچي ويندي آهي. جڏهن کان عمران خان نيازيءَ کان اقتدار ڦرجي ويو آهي، ان وقت کان وٺي نه رڳو سندس ڪرپشن ڪهاڻيون سامهون اچي ويون آهن پر هو ادارن تي سڌي ريت حملا ڪرڻ لڳو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪا تقرير هن اسلام آباد ۾ ڪئي هئي، ان ۾ هن نه رڳو اسلام آباد پوليس پر جج کي سيکت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، سياست ۾ سلطان راهي اسٽائيل کي هو اڃا تائين جاري رکندو پيو اچي. جنهن کان پوءِ پيمرا هن جي سڌي سنئين تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ساڳي پابندي الطاف حسين خلاف به لڳائي وئي آهي، جيڪو ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي. پر عمران خان نيازيءَ کي اهي ڏينهن ياد ڪرڻ گهرجن جڏهن هو اظهار جي آزاديءَ جو سڀ کان وڏو دشمن ٿي ويو هو. هو پنهنجي حڪمرانيءَ واري دور ۾ نه رڳو پنهنجن مخالفن جي زبان بند ڪرائيندو رهندو هو پر ان سان گڏ ڪيترائي صحافي هئا، جن کي کانئس سوال پڇڻ جي اجازت به ڪانه هوندي هئي. ان زماني ۾ کيس ميڊيا وڌيڪ آزاد لڳندي هئي. هاڻ جيڪي ڪجهه هو پنهنجن تقريرن ۾ چوندو رهيو آهي. ان کان پوءِ اهي امڪان چٽا هئا ته سندس اهڙين تقريرن خلاف ضرور ڪا نه ڪا ڪارروائي ٿيندي.
ڪالهه تائين اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته عمران خان نيازيءَ کي گرفتار ڪرڻ جون تياريون ٿي ويون آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاريءَ جو چوڻ هو ته عمران خان نيازيءَ جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. جيڪڏهن اهو طئي ٿي ويو آهي ته عمران خان نيازيءَ تي جيڪي به ڪيس آهن، انهن موجب هن خلاف ڪارروائي ٿيندي ته پوءِ هو ڊگهي وقت تائين قانوني ڪارروائي ڀوڳڻ لاءِ تيار رهي پر جيڪڏهن کيس وري به ڇوٽ ملڻي آهي ۽ حڪومت رڳو بيان بازي تائين ڪم ڪندي رهندي ته پوءِ عمران خان نيازيءَ جي زبان کي ڪير به بند نٿو ڪرائي سگهي، هو جهڙي ريت سياستدانن ۽ ادارن تي وڏي وقت کان حملا ڪندو پيو اچي، ان سلسلي کي جاري رکندو.
عمران خان پنهنجي مدار کان ٻاهر نڪري جهڙي ريت سياسي ڪارڪردگي ڏيکارڻ پيو چاهي، ان مان ائين ٿو لڳي ته سندس ڪيل سڀ حملا ناڪام ويندا ۽ هو پنهنجي پوزيشن به ڪمزور ڪري ويهي رهندو. سندس چيف آف اسٽاف شهباز گل جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ پارٽيءَ جو موقف ڪنهن به ريت ساڳيو نه رهيو آهي. هڪڙا اهي آهن، جيڪي چون ٿا ته شهباز گل کي ائين نه ڳالهائڻ گهرجي ۽ ٻيا اهي آهن، جيڪي ماضي جي اڳواڻن جا مثال پيش ڪري رهيا آهن. پر ماضي جي سمورن بيانن مان ڪنهن به سياستدان فوج جي ڪمانڊ جو حڪم مڃڻ کان روڪڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. ان ڪري شهباز گل جون ڪيل ڳالهيون فوج جهڙي اداري لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهيون هيون.
هاڻوڪي ماحول ۾ هڪ پاسي پي ٽي آءِ اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته پارٽي ۽ فوج کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته پي ٽي آءِ پاڻ فوج خلاف هڪ اهڙُو محاذ کڙو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد فوج کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي. عمران خان نيازي پاڻ اهو چوندو رهيو آهي ته فوج هاڻوڪي حڪومت کي هٽائي، اها پي ڊي ايم جي حڪومت کي ڇو برداشت ڪري رهي آهي، اها هڪ ڪرپٽ حڪومت آهي. ڇا عمران خان نيازيءَ کي اها خبر ناهي ته سندس حڪومت ۾ ڪيترا ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون آيا هئا ۽ ان کان سواءِ ملڪ ۾ ڪهڙي اهڙي حڪومت رهي آهي، جنهن تي ڪرپشن جا الزام نه لڳا آهن. جڏهن اسٽيبلشمينٽ اهو چئي رهي آهي ته اها هاڻ سياسي مداخلت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته عمران خان نيازي ان کي سياسي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته هو پاڻ ڪيترو جمهوري آهي.
عمران خان نيازيءَ جي آيل حڪومت کي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ نه هجي ها ته اها هڪ مهينو به نه هلي سگهي ها. پي ٽي آءِ کي اقتدار ڏئي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ ۾ پي ٽي آءِ کان بهتر متبادل نٿو ٿي سگهي، پي ٽي آءِ نه رڳو ملڪ جي سياسي نظام کي خراب ڪيو پر ان هڪ اهڙو سياسي ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو. ان ۾ ڏوهه سياسي پارٽين جو ڪونهي پر اسٽيبلشمينٽ جو آهي، جيڪا پهرين ڏينهن کان وٺي ملڪ جي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪندي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ مارشل لائون هڻي ملڪ جي تباهي ڪندي رهي آهي. عمران خان نيازي وارو تجربو به اسٽيبلشمينٽ پاڻ ڪيو هو. پر جڏهن ان کي اهو اندازو ٿيو ته هن جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجن مسئلن جي حل ۽ سياسي صفائي لاءِ چونڊيو آهي، اهو پاڻ هڪ مسئلو ٿي ويو آهي ته عمران خان نيازيءَ مان هٿ ڍرا ڪيا ويا.
هاڻ عمران خان نيازي گرفتار ٿئي ٿو يا ان کي نظربند ڪيو ٿو وڃي، ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو. جيڪڏهن واقعي به ملڪ کي سنئين دڳ تي وٺي وڃڻو آهي ۽ سياسي طور معاملن کي بهتر ڪرڻو آهي ته عمران خان نيازي جهڙن سياسي تجربن کي بند ڪرڻ گهرجي. هيستائين به جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سبق ناهي سکيو ته پوءِ اها ڪڏهن به سبق نه سکندي. اهڙي ريت اهي سياسي تجربا هلندا رهندا. جن وسيلي هر ڀيري ڪنهن نئين پارٽيءَ کي متعارف ڪرايو ويندو آهي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي سياسي آزادي ضبط ڪئي ويندي آهي.
وقت گذرڻ سان عمران خان نيازي پنهنجا سياسي رستا سوڙها ڪري رهيو آهي. جنهن کان پوءِ هن لاءِ سياسي آزادي وڌيڪ محدود ٿي ويندي. اقتدار جي نشي ۾ هن جيڪي ڪجهه ڪيو، هاڻ ان جي گنجائش ناهي رهي.