ياد اچي پيو ته اهو مئي 1999ع جو زمانو هو، ان وقت سنڌ جو گورنر رٽائرڊ جنرل معين حيدر سامونڊي طوفان ۾ ٻڏي ويل ماڻهن جي پرگهور لهڻ لاءِ شاهه عقيق ۽ ڇڇ جهان خان جي وچ ۾ روڊ تي هيليڪاپٽر ۾ پهتل هو. روايتي طور شاهه عقيق جي درگاهه تي ايندڙ زائرين درگاهه جي زيارت کان پوءِ ڏاند گاڏين ۾ چڙهي شاهه عقيق جي ويجهو ميل کين جي وٿيءَ تي ٻين مزارن جي زيارتن تي ويندا آهن. انهن مزارن لاءِ روايت آهي ته هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي شاهه عقيق جي ڀائرن جون مزارون آهن. ٺٽي ضلعي جي انتظاميا گورنر جي فوٽو سيشن لاءِ هڪ ڍڳي گاڏيءَ ۾ ويهاري سفر ڪرڻ وارو فوٽو ڪڍايو. ياد رهي ته جاتي ويجهو سمنڊ جي طوفان ۾ درجن کن ڳوٺ لڙهي ويا هئا ۽ سوين سمنڊ ۾ ويل هوڙن جو ڏس پتو نه هو. سوين ماڻهن جو ڪو ڏس پتو نه هو.
جاتي، ڇڇ جهان خان، ڪاڪا ڇاڻي، راج ملڪ ۽ ساحلي پٽيءَ جي علائقي جا ماڻهو سخت پريشان هئا. مون گورنر صاحب کان سنڌيءَ ۾ سخت آواز ۾ پڇيو ته سامونڊي طوفان اچڻ جو حڪومتي سطح تي الرٽ جاري ڇو نه ڪيو ويو ۽ هوڙن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪڻ وارا اپاءَ ڇو نه ورتا ويا؟ مون کي گونر صاحب اهڙي ئي سختي واري لهجي ۾ چيو ته اسان (حڪومت) ته رڙيون پئي ڪيون، پر اوهان جون اخبارون اسان جي ڳالهه ڇپڻ لاءِ تيار ئي نه هيون. اوهان جون اخبارون زرداريءَ جي زبان ڪٽجڻ وارن فوٽوئن مان وانديون ٿين ته هيءَ الرٽ ڇاپين نه. مون ڏٺو ته واقعي انهيءَ ڏينهن واريون سموريون اخبارون اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو جي ور آصف علي زرداريءَ جي ڪراچي سي آءِ اي سينٽر ۾ گرفتار هئڻ دوران مٿس ڪيل تشدد ۽ تشدد ۾ زبان ڪٽجي وڃڻ وارين خبرون سان ڀريل هئي. انهيءَ زماني ۾ عرفان الله مروت سنڌ جو گهرو وزير هو ۽ سي آءِ اي سينٽر جو انچارج پوليس آفيسر به ڪو مروت هو. ان پوليس آفيسر سان لاڳاپيل هيرالڊ جي ايڊيٽر صاحبه جون الڳ اسٽوريز اخبارن ۾ ڇپيل هيون. مطلب ته ڇا جو سامونڊي طوفان، ڇا جو اهڙو ڪو ٻيو مسئلو. جيڪو اخبارن ۾ رپورٽ ٿيل هجي.
ساڳي ڳالهه هن وقت برساتي ٻوڏ ۾ مين اسٽريم ميڊيا جي آهي. چيو ويندو آهي. “پريس اهو پارليامينٽ آهي، جنهن جو اجلاس هر وقت هلندڙ هوندو آهي.” پر سنڌ ۽ بلوچستان هاڻوڪي برساتن ۾ 90 سيڪڙو ٻڏي ويا آهن. سنڌ جي راڄڌاني وارو شهر جيڪو ملڪ جو اڪيلو ميگا سٽي ۽ قاسمو پوليٽن سٽي وارو شهر آهي. رڳو سنڌ ۾ برسات وگهي فوت ٿي ويندڙن جو انگ 170 ويو آهي. جڏهن ته هڪ لک ڍور مري ويا آهن. پر پريس جي انهيءَ پارليامينٽ جي ڪن تي جونءَ به ڪانه سري آهي. مڃون ٿا، اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي چيف اسٽاف شهباز گل تي پوليس تشدد به انساني حقن جي وڏي لتاڙ آهي. ان واقعي جي به ڀلي رپورٽنگ ٿئي يا تجزياتي پروگرام ٿين يا ٻي ميڊيا وري هن جو ٻيو پاسو ڏيکاريندي ان سڄي واقعي کي ڊرامون سڏي رهي آهي. پر رڳو اهو هڪڙو ئي واقعو آهي، جيڪو ملڪ جو مسئلو رهجي ويو آهي. برسات جي هيءَ تباهي ان دور ۾ ٿي آهي، جڏهن هيءَ سوشل ميڊيا جو دور آهي. سوشل ميڊيا تي بلوچستان ۾ ڊيمن جو ٽٽڻ، ڪراچيءَ جي نديءَ ۾ لڙهي ويندڙ گاڏيون وائرل ٿيون پر ان جي باوجود مين اسٽريم ميڊيا ان جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو.
ملڪ جي ٽاپوگرافيءَ جي لحاظ کان سنڌ سطح سمنڊ کي ويجهو آهي. ان ڪري بلوچستان ۽ پنجاب جو برساتي پاڻي پڻ سنڌ ڏانهن وهي ايندو آهي. ايل بي او ڊي جي سم نالن کي دگهڙي، نئون ڪوٽ، گولاڙچي، جاتي ۽ ٻين هنڌن تي گهرا پوڻ شروع ٿي چڪا آهن. هن وقت تائين ايل بي او ڊي جي سم نالن ۾ گهارا لڳڻ جي صورت ۾ 200 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته آر بي او ڊي جي سم نالي تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڄامشوري ۾ ڪي بي فيڊر جو آبپاشيءَ وارو وهڪرو بند ڪري آر بي او ڊي جو پاڻي ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو آهي. اهڙي سنگين صورتحال کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي 30 آگسٽ تائين ۽ ان جون لاڳاپيل ڪئمپس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ساڳي ريت ملڪ جي پنجن ئي دريائن جا وڏا وهڪرا پڻ سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿي رهيا آهن. برسات کان پوءِ دريائي ٻوڏ واري تلوار الڳ لٽڪڻ لڳي آهي. درياءَ جي بندن تي گهڻن ئي هنڌن تي آبپاشي کاتي پاران دريائي بند جي ڪمزور هجڻ وارو خدشو الڳ ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين، سجاول، ٺٽو سميت سنڌ جي 13 ضلعن جا شهر ۽ گهٽيون پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن. شهري سخت پريشانيءَ جي عالم ۾ آيل آهن. برساتي تباهيءَ کي ڪيترائي ڏينهن ٿي چڪا آهن پر حڪومتي سطح تي ڪنهن به هنڌ تي امدادي ڪارروائي ٿيندي نظر ڪانه پئي اچي. سنڌ ۾ زرعي طور ڪپهه جو فصل مکيه آهي. جيڪو مڪمل تباهه ٿي ويو آهي. ان کان اڳ ۾ کجيءَ جو فصل تباهه ٿيڻ سبب ست لک ٽن کجيءَ جو آبادگارن کي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ آبادگارن جي تنظيم ايوان زراعت جي سيڪريٽري 125 ارب رپين جي فصل جي نقصان جو ڪاٿو ٻڌايو آهي. هن جي چوڻ موجب سنڌ ۾ 6 لک ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويو آهي. جنهن ۾ چار لک 20 هزار ايڪڙن تي ڪپهه، 2 لک ايڪڙن تي پوکيل ٽماٽا، 42 هزار ايڪڙن تي مرچ، 82 هزار ايڪڙن تي پوکيل بصر جو فصل تباهه ٿي ويو آهي. زرعي طور تي ڀاڄي وارا فصل سنڌ جي لاڙ واري علائقي بدين، ٺٽو، ڊگهڙي ۽ ڪنري واري علائقي ۾ پوکيو وڃي ٿو. جتي برسات وڏي تباهي آڻي ڇڏي آهي. جڏهن ته آبپاشي جي واهن جن ۾ سلطاني واهه جي گهاري سبب ڏيئي شهر، قاضي احمد ۾ شاخ کي لڳل گهاري ۽ لاڙڪاڻي ويجهو سم نالي ۾ گهاري لڳڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ لڏپلاڻ ٿي چڪي آهي. جيتوڻيڪ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي سڀني ايم پي ايز کي امدادي ڪمن جي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر حڪومتي سطح تي ڪنهن به هنڌ تي اڃان تائين امدادي ڪارروائي ٿيندي نظر نه آئي آهي.
حيدرآباد ۾ مختلف هنڌن تي بيٺل پاڻيءَ ۾ مشينون رکيل نظر ضرور آيون آهن پر اهي مشينون پاڻي ڪڍڻ بدران موجود عملدار بيٺل مشينن سان سيلفون ڪڍائيندي نظر ضرور آيا آهن. حيدرآباد جو سڀ کان اهم هوٽلن، وڏن شاپنگ مالز ۽ جديد طرز وارن دڪانن وارو آٽو ڀان روڊ ۾ چپي چپي تي ڦاٿل گاڏيون ڏسڻ لاءِ موجود آهن. هوڏانهن ڪالهه تائين سنڌ ۾ گڊوءَ وٽ سنڌو درياءَ جو وهڪرو ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ تائين پهتو آهي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ٻه لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو وهڪرو خارج ٿي رهيو هو. ان ڪري درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي پاڻيءَ جو وڏو دٻاءُ موجود آهي.