آمريڪي ماڊل ۽ حسين عورتن ۾ ڳڻي ويندڙ ٽي وي ميزبان ڪم ڪارڊشن کان فرانس جي شهر پيرس ۾ تاريخ جي تمام وڏي ڦر ڪندڙ 12 جوابدارن ۾ شامل هڪ ڦورو يونس عباس انڪشاف ڪيو آهي تھ اسان ڪم ڪارڊشن پاران پيسي جي نمائش ڪرڻ تي کائنس ڦر ڪئي هئي. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ جوابدار جو چوڻ هو تھ ڪم ڪارڊشن جيئن تھ پيسو اڏائي رهي هئي، زيورن جي نمائش ڪري پئي، تنهنڪري لٽيوسين، ڇوتھ اسان سوچيو تھ هن جا ڪجهه پيسا اسين کڻي پاڻ وٽ جمع ڪيون، اسان کي ان جي ضرورت بھ هئي. هن چيو تھ جن وٽ پيسو ناهي، اهي پريشان ٿين ٿا، تنهنڪري ڪم ڪارڊشن نمائش گهٽ ڪرڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close