عبدالڪريم چنا
ڪتاب: موهن جو دڙو
صنف: مختصر ڪهاڻيون
مرتب: جهانگير عباسي
صفحا: 272… قيمت: 500
انگريز دور ۾ جنهن وقت موئن جو دڙو جي کوٽائي شروع ٿي ته سنڌ کي دنيا اندر هڪ نئين سڃاڻپ ۽ مڃتا ملڻ شروع ٿي ۽ سنڌين به پنهنجي قديم سڀيتا ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ شروع ڪيو. آثارِ قديمه جي ماهرن پاران مختلف دورن ۾ کوٽائي ٿيندي رهي ۽ نيون نيون ڳالهيون سامهون اينديون رهيون. اڄ تائين مڪمل کوٽائي نه ٿي سگهڻ ۽ قديم نشانين جي ڀاڃ نه ٿي سگهڻ سبب هن وڏي شهر جي ماڻهن، انهن جي ٻولي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، مذهب ۽ حڪمراني جي طريقي وغيره بابت مڪمل مستند ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن هن عظيم سڀيتا کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ کوڙ مختلف ۽ انومانن ڀريون ڳالهيون سامهون اينديون آهن. هر ليکڪ پنهنجي تصور، تخيل ۽ تاريخي مطالعي موجب ڪهاڻيءَ ۾ خيال پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. انهن افسانن کي تاريخي حقيقت ڪري ته هرگز نه ٿو وٺي سگهجي پر انهن لکڻين مان ليکڪن جي هن قديم عظيم سڀيتا سان محبت، ان تي فخر ۽ ان جي رازن کي پروڙڻ جي اڻتڻ جي پرک ضرور پوي ٿي. سنڌو سڀيتا جي هن عظيم وسنديءَ تي ڪيترائي افسانا لکجي چڪا آهن. تازو ئي جهانگير عباسي “موهن جو دڙو” جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ هن عظيم سڀيتا جي پس منظر ۾ ايڪيھه مختلف ڪهاڻيڪارن جون ايڪيھه مختصر ڪهاڻيون شامل آهن. جهانگير عباسي موجب هن ڪتاب جي پبلشر جي ذاتي دلچسپيءَ سبب موهن جو دڙو سان لاڳاپيل وڌيڪ ڪهاڻيون هٿ ڪري انهن کي الڳ سان نئين ڪتاب ۾ ترتيب ڏئي ڇپائڻ جو منصوبو پڻ آهي.
ڪهاڻين تي نظر:
ڪتاب ۾ ڪل ايڪيھه ڪهاڻيون آهن. جن منجهان چئن ڪهاڻين جي نالن ۾ هڪ جهڙائي ملي ٿي. انهن ۾ “ناچڻي، نچڻي، ڊانسنگ گرل ۽ موهن جي دڙي جي ناچڻي” شامل آهن. جڏهن ته سمبارا ۽ موهن جو دڙو جا نالا به ڪهاڻين جي عنوان لاءِ مکيه چونڊ طور نظر اچن ٿا. ڪهاڻين جي عنوانن تي سمبارا جو اثر گهڻو ملي ٿو. جنهن سبب “ناچڻي، مورتي، سمبارا” جهڙا عنوان سامهون اچن ٿا.
ڪهاڻين ۾ قديم آثارن واري شهر جا نالا:
پهرين ڪهاڻيءَ ۾ وسندڙ شهر جو نالو “مهين نگر” ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ان جو هاڻوڪو نالو “موئن جو دڙو” ڏنل آهي. ٻي ڪهاڻيءَ ۾”موهن پور” نالو ڏنو ويو آهي. ٽين ڪهاڻيءَ ۾ هنن آثارن کي “موهن جو دڙو” نالو ڏنو ويو آهي. چوٿين ڪهاڻيءَ ۾ “مُهن جو شهر” نالو ڏنل آهي. پنجين ڪهاڻيءَ ۾ “مونهون، موهن، موئن” جا نالا ڏنا ويا آهن. ڇهين ڪهاڻيءَ ۾ ڪو به نالو ناهي ڏنو ويو. ستين ڪهاڻيءَ ۾”موهن جو دڙو” ڏنل آهي. اٺين ڪهاڻيءَ ۾ “موهن شهر” ڏنل آهي. نائين ڪهاڻيءَ ۾”موهن جو دڙو” ڏنل آهي. ڏهين ڪهاڻيءَ ۾ “موهن جو دڙو”، يارهين ڪهاڻيءَ ۾”موئن جو دڙو”، ٻارهينءَ ۾ “موهن جو دڙو”، تيرهينءَ ۾ “مُهين جو دڙو”، چوڏهينءَ ۾ “مُهين جو دڙو”، پندرهينءَ ۾ “موئن جو دڙو”، سورهينءَ ۾ “موهن جو دڙو”، سترهينءَ ۾ “سنڌو نگر”، ارڙهين، اڻيهين، ۽ ويهينءَ ۾ “موهن جو دڙو”، ۽ ايڪيهينءَ ۾ “موهن ۽ مُهينءَ جو شهر” جا نالا ڏنل آهن.
ان حساب سان تيرهن ڪهاڻين ۾ “موهن”، پنجن ۾ “مهين” چئن ۾ “موئن” جو لفظ آندل آهي.
ڪهاڻين ۾ هنن تاريخي آثارن تي ٽي نالا ڏنا ويا آهن يعني “موهن، موئن ۽ مهين/موهين” وارا نالا. انهن نالن تي ڌيان ڏجي ته موهن هندو نالو آهي ۽ اهو تاثر جوڙي ٿو ته اسلام کان اڳ جيئن ته هتي هندو ڌرم هو، ان ڪري هنن آثارن کي به اهڙو نالو ڏجي. ٻيو نالو “موئن جو دڙو” مان مراد اها ٿي نڪري ته هي قديم آثار اصل ۾ مئلن جو ڍڳ آهن. جيئن ته هتي ڪوبه زنده رهندڙ ناهي. ان ڪري هي مئل ماڻهن جو دڙو سڏجي ٿو. ٽيون نالو “موهين، مهين، مونهون” اچي ٿو. ان مان مراد اها ته “مهاڙيءَ وارو” يا “منهن سامهون وارو”، جنهن مان اهو مقصد ٿو نڪري ته هنن آثارن جي ڀر وارن ڳوٺن پنهنجي ڳوٺن يا زمينن جي مهاڙيءَ ۾ ايندڙ هن دڙي کي مهين/مونهون/موهين جو دڙو سڏيو. باقي هن تاريخي ماڳ جو اصل نالو ڇا هو، ان بابت حتمي طور تي ڪجهھ طئي ناهي ٿي سگهيو. جڏهن ته ڪجهھ تاريخدانن پاران “ميلوها” نالي ماڳ کي موهن جو دڙو قرار ڏيڻ جا بيان آيل آهن.
ڪهاڻين ۾ مجموعي طور سنڌ جي تهذيب جي امن پسند ۽ انتهائي ترقي يافته هئڻ واري پاسي تي گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لڳ ڀڳ سمورين ڪهاڻين ۾ اهو خيال يا پيغام ملي ٿو. ان سان گڏ ناچ جي اهميت ۽ پروهتن جو لالچي هجڻ واري پاسي کي پڻ گهڻو بيان ڪيو ويو آهي. هتي ڪجھه ڪهاڻين جو سرسري جائزو پيش ڪجي ٿو.
پهرين ڪهاڻي ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي “آئينو” ۾ هڪ پاسي هزارين سال اڳ به نسلي متڀيد ۽ سماجي اوچ نيچ ۽ هيٺئين طبقي يعني غريبن تي ظلم ڪرڻ واري عڪسبندي ڪيل آهي ته ٻئي پاسي نرگسيت جي شڪار هڪ شهزاديءَ ۽ ان جي حڪمرانيءَ هيٺ هڪ “سونهن جي شاعر” جي عڪاسي ڪيل آهي. اهو شاعر ڪيئن سونهن کي ڇڏي سچ کي شاعريءَ ۾ موضوع بڻائي ٿو، واري خيال کي اثرائتي نموني بيان ڪيو ويو آهي. هن شاعر جي ڪردار وسيلي هي پيغام ملي ٿو ته “هڪ سچو شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ سونهن بدران ديس ۽ ديس واسين جي ڏکن ڏولاون کي بيان ڪري ٿو. هو سونهن ۽ عشق جون خيالي ۽ تصوراتي دنيائون جوڙڻ بدران حقيقتن جو مشاهدو ڪري انهن کي شاعريءَ اندر آڻي ٿو.”
ٻي ڪهاڻي ڊاڪٽر نجم عباسي جي “ناچڻي” آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ ۾ آيل ڦير گهير بيان ڪيل آهي. ان ريت هي ڪهاڻي تاريخي ڪهاڻي historic story واري زمري ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ تي يونانين، ايرانين، عربن جي حملن ۽ بدلجندڙ حڪومتن ۽ ان سبب آيل تبديلين وسيلي بدلجندڙ ماحول کي چٽيو ويو آهي. سنڌ سان محبت سبب “ڌرتي پوڄا” واري ڌرم جي عڪاسي ڪئي وئي آهي جتان ليکڪ جي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جي به عڪاسي ٿئي ٿي. هتي ڪجھه اهڙا بيان به آيل آهن جن سان تاريخي طور اختلاف به ڪري سگهجن ٿا. هڪ اهو ته “سنڌين ڪڏهن به ٻين تي چڙهائي ناهي ڪئي.” ڏسجي ته سنڌين پاران مهاڀارت ۾ ٻين ديسن ۽ بعد ۾ ڪشمير تائين ۽ ايراني سرحدن تائين کوڙ رياستن تي حملا ڪري پاڻ سان ملائڻ واريون فوجي چڙهايون ڪيون ويون آهن. ٻي ڳالهھ اها آيل آهي ته “جيتوڻيڪ لڙائيءَ جي ميدان ۾ نه پڄڻ جي باوجود به…..” اتان اهو پيغام ٿو نڪري ته سنڌي جنگ جي ميدان ۾ نااهل هئا ۽ ٻاهران ايندڙ حملي ڪندڙن سان نه وڙهي سگهندا هئا. پر ائين چوڻ مڪمل غلط آهي، ڇو ته طاقتور ايراني، يوناني، رومي، ۽ عرب لشڪرن به شڪستون کاڌيون آهن. ڪنهن به ملڪ جي فوج هزارين سالن تائين مضبوط رهي نه ٿي سگهي. ان ۾ ڪڏهن طاقت ته ڪڏهن ڪمزوري واريون تبديليون اينديون رهن ٿيون. ان جا کوڙ سبب آهن جن تي بحث ڪري موضوع کي ڊگهو نه ٿو ڪجي. پر سنڌين لاءِ اهو چوڻ ته اهي جنگ جي ميدان ۾ پڄي نه سگهندا هئا، واري ڳالهھ مڪمل اڻ ٺهڪندڙ آهي.
ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ۾ مذهبي ۽ نيڪ پر لڪ ڇپ ۾ ابليسي ڪم ڪندڙن جي ڏاڍي سهڻي نموني عڪاسي ڪيل آهي. ان ريت قديم سنڌ ۾ ناچ کي مذهبي طور مليل عزت کي اڳتي هلي عياشيءَ جي علامت بڻائي ڇڏڻ جا جيڪي مذهبي ڪارڻ آهن تن کي وائکو پڻ ڪيو ويو آهي. جن مان ناچ ۽ ناچڻيءَ کي مليل اهميت جو بي قدرو ٿيڻ واري سفر جو ذڪر ملي ٿو.
ٽين ڪهاڻي سراج جي “نچڻي” آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جديديت جو رنگ ملي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ پڙهندڙ کي وهم ۽ آواگون واري نظرئي ڏانهن وٺي بعد ۾ دوکي کي ظاهر ڪري حقيقت بيان ڪري ڪهاڻيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي وئي آهي. ان تبديليءَ سبب ڪهاڻي ڏاڍي اثرائتي ۽ حقيقي معلوم ٿئي ٿي.
پنجين ڪهاڻي منظور ڪوهيار جي “لهندڙ سج کانپوءِ” آهي. هي ڪهاڻي ڏاڍي اثرائتي آهي ۽ بهترين جديد سنڌي ڪهاڻين ۾ شامل ڪري سگهجي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ طنز satire وسيلي تاريخي آثارن جي لتاڙ ٿيڻ جي غضب جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. آفيسر طبقي، لکيل پڙهيل ماڻهن، مولوين، موالي فقيرن، ڪامريڊن، اڻ پڙهيل ڌاڙيلن ۽ ٻيا جيڪي به ڪردار آندا ويا آهن يا جيڪا به منظر نگاري ۽ ڊائلاگ ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڪٿي به غلطي محسوس نه ٿي ٿئي. هي ڪهاڻي وري وري پڙهڻ جهڙي آهي ۽ پڙهڻ سان پنهنجي سماج جي لاپرواهي ۽ غيرذميواريءَ جي مڪمل سچي عڪاسي ٿيندي محسوس ٿئي ٿي.
اٺين ڪهاڻي “اسٽوپا تي بيٺل سارنگ” خادم ٻگهيو جي آهي. ڪهاڻيءَ جي هڪ خيال theme ۾ اميد ڏيکاريل آهي ته نيٺ سنڌ ۾ اهڙو سماج جڙندو جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اٿي کڙو ٿيندو ۽ پاڻ کان طاقتور ۽ ظالم کي ماري مڃائيندو.
ڏهين ڪهاڻي ممتاز بخاري جي “ڀڳل نڪ جي ڳولا” آهي. سنڌيءَ ۾ “نڪ نه هئڻ” مان مراد بي نوسو هئڻ يعني پنهنجو قدر ۽ مُلهھ نه ڄاڻندڙ هجڻ آهي. هاڻي جيڪو پنهنجو قدر نه ٿو ڄاڻي ته اهو ٻين جو ڪهڙو قدر ڪندو! هي ڪهاڻي به طنز satire جو مفهوم سمائي سنڌين جي بي شناسائي، بي قدرائپ سان گڏ اٻوجهائپ جي عڪاسي ڪري ٿي. پيغام اهو ڏنل آهي ته پنهنجو وڃايل مقام ڳولي دنيا ۾ بلند حيثيت ماڻڻ لاءِ جدوجهد ڪيو.
تيرهين ڪهاڻي ڊاڪٽر احسان دانش جي “اها رات” آهي. ڪهاڻيءَ ۾ شاعراڻي حسناڪيت ۽ تمثيلن جو سهڻو استعمال ٿيل آهي. هي ڪهاڻي قديم آثارن جي لتاڙ، ڀڃ ڊاهه ۽ بي قدرائپ تي ڪيل احتجاج ۽ سگهارو پيغام ڏيندڙ ڪهاڻي آهي.
(هلندڙ)