جڏهن جڏھن به سنڌ خلاف نسلي يا ڪنهن مذهبي فساد پکيڙڻ جي سازش ٿيڻ لڳندي آهي تڏھن تڏھن هِن جي اکين ۾ به سنڌو سڀيتا بابت رگ ويد جي ڪائي ڪٿا پاڻمرادو هڪ دفاعي انداز ۾ ڪر کڻڻ لڳندي آهي ۽ هُو ان جاڳ کي ڪائي معنيٰ ڏيڻ جي خيال ۾ آرين جي خانه بدوشيءَ جا پيرا کڻڻ کان وٺي پنهنجي ان دراوڙ روح کي به ڳولڻ لڳندو آهي، جنهن روح اڳتي هلي موهن جي دڙي جي زمين مٿان ڪاهي ايندڙن کي ڪڏهن “يُڌ” ته ڪڏهن “ڪَلا” جي ميدان تي اها ڳالهھ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ حيرت ۽ رقص جي ڌرم واري زمين آهي. ان کي جيڪو به ڦٻائڻ يا فتح ڪرڻ جي جنون ۾ ڪاهي ايندو ته کيس اول آخر اهائي حيرت پلئه پوندي ته:
“نيٺ هن سنڌ کي شڪست ڇو نه ٿي اچي؟”
ڀل جو کڻي سندس ديس ۾ اڄ گهڻي ڀاڱي ِچڙ، مايوسي، خوف، ويڳاڻپ ۽ شڪست جو احساس وڏي حد تائين واسو ڪري ويو آهي، پر هِن کي پنهنجي سڀيتا جي اتهاس ۾ پختو ويساهھ آهي ته اها سنڌو سڀيتا ضرور ڪر موڙيندي ۽ اهو واءُ گهلندو، جنهن ۾ گهاءُ ڪڙيون ٻڌندا آهن. اگها، سگها ٿيندا آهن. ڇو ته هن زمين پنهنجن وڏڙن کان ورثي ۾ هڪ انتظار ۽ ٻيو ويساهه ئي ته حاصل ڪيو آهي. بس شرط اهو آهي ته سفر جاري رکجي، همت نه هارجي.
ايئن اڄ به سنڌ جي تاريخ ۽ سفر کي هو آرين جي آمد کان وٺي گوتم جي گيان جو رنگ چڙهڻ تائين، عربن جي ڪاهه کان وٺي، نيپئر جي حملي تائين ۽ نيٺ ورهاڱي واري وڍ تائين جڏهن اتهاس ۾ ٽُٻي ڏي ٿو ته هن کي ڏاهر جون هڪلون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ چوڏسائن ۾ ڏاهر جي هاٿيءَ جي چنگهاڙ ٻرڻ لڳي ٿي. هن کي ان جنگ جا اهي سڀ قيدي ۽ قيدياڻيون ياد اچن ٿا/ٿيون، جن کي چيلهھ ۾ رسا ٻڌي عربن پنهنجن گهوڙن سان ٻڌي گهليو هو ۽ ايئن هُو پاڻ کي به گهلجندي محسوس ڪري ٿو.
تنهن ڏينهن به اهڙي پيڙاهه جڏهن پنهنجي انت کان به اڳتي وڌي وئي ته اهو سور سلڻ لاءِ هو پنهنجي ان دوست ڏانهن هليو ويو، جنهن جي اسٽڊي روم ۾ چي گويرا، نيلسن منڊيلا، آئنسٽائن، مارٽن لوٿر (جونيئر) ۽ جان لينان جون آدم قد تصويرون سندس سفر جي اتساهھ طور موجود آهن.
آئنسٽائن، جنهن هڪ ڀيرو سچ بابت اهو چيو هو ته “اهو طئي ڪرڻ ڪافي ڏکيو آهي ته مڪمل سچ ڇا آهي؟ پر پوءِ به جيڪي سچ جي ڳولها ۾ دل ٻڌي نڪرن ٿا، تن کي هڪ حد تائين ڪوڙ کي سڃاڻي وٺڻ واري قوت ضرور عطا ٿيو وڃي.” ۽ ٻيو اهو جان لينان جنهن پنهنجي گٽار ۽ گيتن سان آمريڪا جي گهٽين کي اوجاڳيل اکين ۾ امن جو خواب کڻي رلندڙ جواني کي ساڻ کڻي اٿلائي وڌو هو. هن سوچيو ڇا سنڌ ۾ ڪو اهڙو جان لينان نٿو سامهون اچي سگهي، جيڪو هن زمين کي فن جي ميدان تي امن، سلامتي، انصاف ۽ آجپي جي حاصلات واري بامقصد سفر لاءِ فيصلائتي انداز ۾ سهيڙي سگهي؟ هي زمين جيڪا ساز جي زمين آهي، جنهن جا بادشاهھ ساز جي دان ۾ پنهنجو سر به لاهي ڏيندا رهيا آهن، جن جون نشانيون مرشد بيان ڪندي چيو هو ته:
مَٿي مُنهنجي مَڱڻا، جي هُون سِر هزار،
تُنهنجي تَند تَنوار، هُوند هَر هَر وڍيان هيڪڙو
اها تند ڪيڏانهن وئي، اهو ڪينرو ڪيڏانهن ويو؟ جنهن سان مخاطب ٿيندي اياز ويندي ويندي اهو چيو هو: “اي ڪينر!! تون مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين؟ ڇا هاڻ سنڌ تولاءِ صدين تائين انتظار ڪندي؟”
۽ ها!! هيءَ به بس هاڻ ان ڪينري کي ڳولهي ان چارڻ جو روپ ڌارڻ چاهي ٿو، جيڪو سنڌ مٿان ڇانئجي ويل نسلي ۽ مذهبي گرهڻ کي لاهي سگهي. ها پر ان ڪردار کي سڃاڻڻ ۽ سڏ ۾ سڏ ڏيڻ لاءِ خوف کان مٿانهين موج جي ضرورت آهي. اهو سڏ جيڪو چون ٿا اياز کي به هڪ رات جو ٿيو هو، جڏهن اياز سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائس چانسلر طور ڪم ڪيو ٿي. پر اياز آڌي رات جي ان سڏ کي چون ٿا ڪونه ورنايو، جي نه ته شايد ان کي ڪينرو ان حد تائين ضرور سَمجهه ۾ اچي وڃي ها، جيڪا هن چاهي ٿي.
هڪ ڪنين ٻُڌي ڳالهه موجب چون ٿا هڪ رات سنڌ ديس جي عظيم ڪلاڪار علڻ فقير سنڌ يونيورسٽي جي وي سي هائوس ٻاهران وڏي واڪي اياز کي اچي سڏ ڪيا هئا. علڻ ڪيف ۾ هو. اسٽاف کانئس معلوم ڪيو ته ڪهڙو ڪم آهي؟ جنهن تي فقير وراڻيو: “اياز کي وڃي چئو ته ٻاهر ٻيجل توکي سڏي ٿو!!” چون ٿا جڏهن اهو نياپو اياز تائين پهتو ته هن جواب موڪليو: “علڻ کي وڃي چئو هتي ڪوبه ڏياچ نٿو رهي.”
ساڳي ريت اڄ هِن جي ڪنن ۾ ڪنهن چارڻ جا سڏ ٻرن ٿا، ڪو ساز آهي، جيڪو کيس سڏي رهيو آهي. ان کان اڳ جو هو اڳتي وڌي ساز کي پنهنجو ڪري، هو سوچي رهيو آهي رمضان سُرندي نواز جي ڳالهه تي، جنهن ۾ رمضان فقير هڪ ڀيري چيو هو ته:
“ساز جنم جو سئودو آهي، ساز ِسر گهري ٿو”.
ها رمضان فقير آشرم ۾ هڪ ڀيرو اهڙو اظهار تڏهن ڪيو هو، جڏهن ساڌو رجنيش جو ڀڪشو سڏرائيندڙ هڪ يوگي نوجوان، محفل ۾ فقير جو ُسُرندو ٻڌي، کانئس حد انتها تائين متاثر ٿيندي، رمضان فقير سان پيار جو اظهار ڪندي چيو هو: “سائين توهان مون کي اهو ساز سيکاريندئو؟”
جنھن تي رمضان فقير پنهنجون ڳنڀير نگاهون کڻي، ان يوگي نوجوان کي چيو هو:
“مالڪ!! ساز جنم جو سئودو آهي. ساز سِر گهري ٿو. جي اوهين ان لاءِ تيار آهيو ته پوءِ اسين حاضر آهيون.”
۽ پوءِ اهو نوجوان خاموش ٿي ويو هو.
۽ پوءِ ان رات آشرم جي پوئين پهر ۾ جڏهن سڀني کي گهري ننڊ هئي تڏهن هن اڪيلي جاڳندڙ ساڌوءَ کان پڇيو:
“خود شناسيءَ واري هن سفر ۾، آشرم جي وڄندڙ سازن ۽ ڳائجندڙ گيتن ۾ سنڌو سڀيتا جي بقا جو گيت به شامل آهي؟”
ساڌو وراڻيو هئس:
ها!! بلڪل آهي ۽ توکي جڏهن به سنڌو سڀيتا جي بقا جو گيت ٻڌڻو هجي تڏھن سمورا سانگا لاهي، ڳاڙهو ڳانو ٻڌي اچجانءِ، پوءِ ٻڌجانءِ ۽ ڏسجانءِ ته ڪراڙ جي ڪنڌي تي محفوظ ٿيل سنڌو سڀيتا جي نرواڻ جو اڄ به ڪيئن نه تازو ۽ صحت بخش آهي. ڪراڙ جو پيغام، جنهن ۾ هڪ فرمان هي به آهي:
جَر ٿَر تِک تَنوار، وَڻ ٽِڻ وائي هيڪڙي،
سَڀئي شهه ٿِيا، سُوريءَ سَزاوار،
همه مَنصور هَزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين.
۽ پوءِ ٿيو هِيئن جو ڪالھه گيڙوءَ شام مهل هُو آشرم ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ ڪنهن ٻڌايو پئي ته سندس ٻانهن ۾ ڳاڙهو ڳانو به ٻڌل هو.