شوبز

سلويسٽر اسٽالون جي زال طلاق وٺڻ عدالت پهچي وئي

هالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ريمبو ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪار سلويسٽر اسٽالون جي زال جينيفر فلاون مڙس کان طلاق وٺڻ خاطر عدالت ۾ پهچي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سلويسٽر اسٽالون عرف ريمبو ٻانهن تي موجود زال وارو ٽيٽو مٽائي پالتو ڪتي جو نالو لکرايو تھ زال ڪاوڙ ۾ اچي علحدگي جو فيصلو ڪيو آهي. ان کان اڳ جينيفر فلاون 10 آگسٽ تي پوسٽ لکي مڙس کان راهون ڌار ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو. جينيفر فلاون جو چوڻ آهي تھ منهنجي آڏو ڌيئرن جي اهميت آهي، انهن سان سدائين گڏ رهنديس. هوڏانهن سلويسٽر اسٽالون عرف ريمبو چيو آهي تھ خاندان سان محبت ڪيان ٿو، پنهجي معاملن کي دوست بڻجي حل ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button