ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرنديءَ وارا برسات متاثرن لاءِ ڪردار ادا ڪن

Editorial

برساتن سبب سنڌ آفت سٽيل قرار ڏني وئي آهي. سنڌ جي 23 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي پر اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 17 ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جن ۾ 19 لک کان وڌيڪ آبادي ٻوڏ سبب متاثر ٿي آهي. هاڻوڪي برسات کان پوءِ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويا آهن. قدرتي آفتون تباهي آڻينديون آهن پر وڌيڪ تباهي ناقص انفرااسٽرڪچر جي ڪري ايندي آهي. سنڌ ۾ ماڻهن جي حالت هن وقت بنهه گهڻي خراب آهي ۽ ماڻهو کاڌ خوراڪ کان وٺي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ توڙي اجهي لاءِ پريشان لڳا پيا آهن. آفتن ۾ سرڪار جي به خبر پوندي آهي ته انهن ماڻهن جي به خبر پوندي آهي، جيڪي پنهنجو پاڻ کي سرنديءَ وارا چورائيندا آهن ۽ اهي ڏکي وقت ۾ عوام جي مدد لاءِ اڳيان ايندا آهن پر هن ڀيري جڏهن سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي ته ڪابه اهڙي ڪوشش سامهون ڪانه آئي آهي، جنهن کي ڏسندي چئي سگهجي ته ملڪ ۾ آباد سرندي وارا ۽ عوامي خدمت تي يقين رکندڙ تنظيمون سنڌ جي ماڻهن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار آهن. جڏهن ته سنڌ به ملڪ جو حصو آهي.
آفتون نه رڳو عوام کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏينديون آهن ته انهن جي ڏکن سورن کي سمجهڻ ۾ به مددگار ثابت ٿينديون آهن. پر هاڻوڪي صورتحال ۾ به جيڪڏهن سڄو ملڪ هڪ پاسي هجي ۽ سنڌ ٻڏندي هجي ته پوءِ اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ڪشمير ۾ آيل 2005ع واري زلزلي دوران سنڌ سوڌو سڄي ملڪ اتان جي ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي ۽ هر قسم جي امداد به موڪلي هئي. اها تباهي هاڻوڪي آيل تباهيءَ کان وڏي ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته اتي رڳو انساني جانين جو نقصان ٿيو هو. هاڻوڪي برسات ۾ انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي پر ان سان گڏ ماڻهن جا فصل تباهه ٿيا آهن. گهر ڊهي پيا آهن ۽ ڳوٺن توڙي شهرن جو زميني رابطو به ختم ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ مدد جي ضرورت آهي. نه رڳو مدد جي ضرورت پر هر سطح تي مدد ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ فرد به اڳيان اچڻ گهرجن ته اهي تنظيمون به جيڪي ڏکي مهل ۾ عوام آڏو پنهنجو پاڻ کي هڏڏوکي ثابت ڪنديون آهن. پر افسوس آهي ته اهڙو ماحول نظر ڪونه پيو اچي ۽ برسات متاثر ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ٽپائي رهيا آهن.
ان کان سواءِ سنڌ حڪومت کي به اکيون پٽڻ گهرجن. برساتن جو سلسلو جڏهن به شروع ٿيندو آهي ته اهو سنڌ کي سدائين متاثر ڪندو آهي. ڇا سنڌ حڪومت کي ايترو خيال ناهي ته اها شهرن ۽ ٻهراڙين جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪري. قدرتي لنگهن کي سدائين لاءِ بحال ڪري ڇڏي ته جيئن سنڌ ٻڏڻ کان بچي وڃي. هيستائين آيل برساتن جا تجربا ٿيڻ باوجود به سنڌ حڪومت ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو آهي. جيڪڏهن اها واقعي به ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ هر سال ايندڙ برسات اهڙي تباهي ضرور آڻيندي ۽ ماڻهو موت جي منهن ۾ هوندا. ان ڪري پهريون ڪم ته پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن جو بحال ٿيڻ آهي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ موجود ناقص انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪيو وڃي. ڊرينيج نظام کي سڌاريو وڃي ته جيئن شهرن ۾ ماڻهن کي پريشانيءَ کي منهن نه ڏيڻو پوي.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي وڌ کان وڌ مدد جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ ملڪ جي سمورن سرندي وارن ماڻهن کي اڳيان اچڻ گهرجي. انهن کي برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي هن وقت به متاثرن سان بيٺل نظر نٿا اچن ته پوءِ انهن جي ماضي ۾ ڪيل خدمت به اجائي ليکي ويندي. تنهنڪري سنڌ کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو ڇڏڻ بدران ان سان گڏجڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button