ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ لُڏِي نه سهي پر ٻڏي ضرور وئي

Editorial-Article-Mashooq Shar


سال 2010 جي برسات ۽ 2011 جي ٻوڏ انهن ماڻهن کي ياد هوندي، جيڪي ان ڪرڀ منجهان گذريا، جيڪي دربدر ٿيا ۽ جن ان دربدري ۾ زندگي گهاري ڏٺي، انهن ٻنهي سالن ۾ ڪيئي ڪٽنب تباهه ٿيا ۽ ڪيئي ڪٽنب پنهنجا اجها وڃائي ويٺا ته ڪن وري پنهنجن پيارن کي وڃايو، جن کي اهو ناسور هميشه سندن سينن ۾ ڀڳي هڏ جيان ياد رهندو. ان کان اڳ 92 جا مينهن به ماڻهن کي ياد آهن پر هن ڀيري چيو پيو وڃي ته هاڻوڪا مِينهن اڳوڻن مڙني مِينهن کان زور آهن، جو اُڀ ۾ جهڙ کي ڏسندي ئي چڱي ڀلي کي خوف وٺيو وڃي، ڏينهن ڏٺي جو اهڙي ڪاراڻ چڙهيو اچي جو وڃي ٿيا خير! واقعي به اهڙي موسم اسان به ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ ٿيندي ڏٺي پر هاڻ جڏهن پنهنجن جا اجها خالي ٿيندي، ڪِرندي ڊهندي پيا ڏسون، تڏهن ان رحمت کي زحمت کان وڌي آفت ۾ تبديل ٿيندي محسوس پيو ڪريان. بلوچستان ۾ برسات جي تباهڪارين واريون خبرون هليون ته سنڌ جي ماڻهن ان کي ايڏو ڪو گهڻو سنجيده نه ورتو، ايئن پئي لڳو ته اهي سانوڻ ۽ بڊي وارا مهينا سنڌ ۾ ايڏي ڪا گهڻي برسات نه آڻيندا، ان کان ٻه سال اڳ ڪراچي ۾ جڏهن برساتون پيون ۽ سڀ ڪجهه ٻڏندي ڏٺو ويو هو تڏهن به سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي اهڙي ريت ٻڏڻ جي اڳڪٿي ڪنهن به نه پئي ڪئي، جيتوڻيڪ هلندڙ سال موسميات کاتي به ان حوالي سان الرٽ جاري پئي ڪيا، پر اسان توڪل تي هلندڙ ماڻهو اهو ئي چوندا رهياسين ته ڪجهه نه ٿيندو، اهي مڙئي پيا ڊاڙون هڻن. پوءِ جيڪو نتيجو هن وقت تائين نڪتو آهي اُهو اسان سڀني جي سامهون آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته عام ماڻهو جيڪو اهڙين ويندين خبرن تي ڌيان ئي ناهي ڏيندو ۽ اهڙو ڪو ڌيان عام ماڻهو جو ان پاسي وڃي به ڪيئن، ڪنهن کي خبر هئي ته هن سال برساتون ايتريون گهڻيون پونديون، جو لڳاتار 2 مهينا هلي پونديون ۽ حالتون وڃي ان حد تائين پهچنديون. ٻئي پاسي وري ضلعي انتظاميائن سڄي سنڌ ۾ جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري اُها به رڳو 50 ملي ليٽر جي برسات ۾ هر هنڌ ظاهر ٿيندي رهي، آخر نتيجو اهو نڪتو جو ڊگهين برساتن ڪنهن کي به ساهه پٽڻ نه ڏنو، نيٺ سڄي سنڌ هڪ ئي ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي، جنهن ۾ وڌ کان وڌ ٻهراڙيون متاثر ٿيا آهن جن جي اڪثريت جو گذر ئي ٻني ٻاري سان آهي، مالوند ماڻهن پنهنجو چوپايو مال اڌ ملهه تي به کپايو، ته ڪن جو چوپايو مال وڪري کان اڳ ئي مري ويو ۽ ائين سنڌ جو ماڻهو راتو رات لڏو پاڏي تي رکڻ کان به ويو، پنهنجي ڪلهن تي ڪا سامان جي هڙ جيڪا به رکي سگهيو سا کڻي ڪنهن نه ڪنهن مٿانهين هنڌ تي اچي ويٺو آهي، جتي سرڪار طرفان ٽينٽ ڏيڻ وارو آسرو به رڳو آسرو ئي ٿيندي ڏسجي پيو پر عملي طور سنڌ حڪومت جيڪو ڪردار نڀايو آهي اُهو رڳو ايترو آهي سالن کان بند پيل واهن ۾ پاڻي ڇڏي اڳ ٻڏل ٻهراڙيءَ وارن علائقن کي وڌيڪ ٻوڙي هٿرادو ٻوڏ پيدا ڪئي وئي، جيتوڻيڪ برساتون توڻي جو وڌيڪ هليون آهن پر سچ اهو آهي ته جيڪڏهن واهن شاخن ۾ پاڻي نه ڏنو وڃي ها ته شايد اڄ سنڌ جي حالت اها نه هجي ها، هن وقت تائين سنڌ جو هر ڳوٺ ڊٺل گهرن جي تاريخ لکي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تان ڊٺل جاين جي ملبي هيٺان ماڻهن جا لاش ڪڍڻ هڪ عام ڳالهه بڻجي وئي، شهر ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهن وٽ هاڻ ڪچهرين جا عنوان ئي اهي ڳالهيون رهجي ويون آهن ته:”يار اسان جو ڳوٺ به ٻڏي ويو”.
هن وقت تائين سنڌ ۾ جيڪي برساتون پيون آهن انهن جي تباهڪارين جو ڪو ازالو نه ٿيو آهي، ماڻهو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ويٺا آهن، حالت اها آهي جو جيڪي ماڻهو اڇڙي ٿر، ناري يا ۽ ٻين پاسن ۾ جتي به ڀٽن تي وڃي ويٺا، هاڻ اُهي اتان به نڪرڻ چاهين ٿا، جو پاڻي جي سطح ايتري وڌي وئي آهي، ٺري ميرواهه ويجهو سهڻي ميهار ڍنڍ کي لڳندڙ ڀٽن وارو سڄو علائقو پاڻي هيٺ اچي چڪو آهي، ڀٽن ۽ ڍنڍ وچ ۾ موجود روڊ جڏهن پاڻي جي هيٺان آيو ته ڪجهه ماڻهو اتان نڪري ويا، پر جيڪي نه وڃي سگهيا ۽ جن ماڻهن اباڻا اجها نه ڇڏڻ چاهيا تن جو خيال هو ته شايد ڀٽن تي ايڏو مٿي پاڻي نه ايندو، جتي ٻه اُٺ جيڪر هڪٻئي مٿان بيهارجن ته اهي به ٻڏي وڃن، اهڙو ته ڪنهن مثال به نٿي وٺڻ چاهيو، پر گذريل هفتي سراسري 5 ڏينهن جي برسات اهو به ڪري ڏيکاريو جو اڄ ان علائقي جا ماڻهو مڙي اچي چند واريءَ جي دڙن تي ويٺا آهن ۽ هاڻ اتان نڪري به نه پيا سگهن نه وري ميڊيا جي اک انهن تائين پهچي سگهي آهي. اهڙي ريت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به اهڙا کوڙ سارا ڏکوئيندڙ منظر آهن جن تائين اڃان ڪا به مدد نه پهتي نه وري اهڙا علائقا رپورٽ ئي ٿيا آهن. وڌندڙ برساتي پاڻي سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون گهڙي پيو، انهن کي ڪهاڻين کي عوام تائين ڪير آڻيندو، ڪير انهن جي سار لهندو، ڪير انهن جو هڏڏوکي ٿيندو، سچ اهو آهي ته ڪير به نه، هتي ته رڳو نالي ماتر سماجي تنظيمون ڪم ڪن ٿيون، جيڪي به ڪم گهٽ ۽ هٿرادو رڪارڊ وڌيڪ گهڙين ٿيون. گذريل مهاٻوڏ دوران وري به ماڻهن کي ڪنهن حد تائين رليف مليو، ماڻهن لڏ پلاڻ به ڪئي، ان ۾ به سماجي تنظيمن جو بهرو وڌيڪ هو، پر هن ڀيري نه ايتريون سماجي تنظيمون ئي آهن جيڪي ايترو رليف جو ڪم ڪري سگهن، ٻيو ته هيءَ تباهي اڳ جي تباهيءَ کان تمام گهڻي آهي، جنهن جو ازالو ايڏو سؤلو به نه آهي، هي ازالو فقط رياستي سطح تي ئي ممڪن آهي، پر اسان وٽ حڪومتي سطح تي اهڙي ڪا به سوچ نظر نٿي اچي، بلڪه ايئن چئجي ته سنڌ حڪومت اڳ به سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙيو ۽ هاڻ به اهڙو ئي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. هن وقت تائين سنڌ جا ڪيترائي شهر به پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن، ٻهراڙين ۾ ته ورلي ڪو اهڙو ڳوٺ آهي جنهن جي حوالي سان اهو ٻڌي سگهجي ته ڪو ڳوٺ پاڻي کان بچيو آهي، مٿان وري سنڌوءَ ۾ ايندڙ مها ٻوڏ ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پوئين مهاٻوڏ ۾ ٽوڙهي بند کي هٿ وٺي ٽوڙائي وڏي پئماني تي تباهي آندي وئي، ڏسندي ڏسندي ئي تباهي جا ڪيترائي داستان سنڌ جي تاريخ جو حصو ٿي ويا. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن کي عارضي طور رهايو ويو، جتي به کين ڪي سهوليتون نه ڏنيون ويون آهن، ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ به لاءِ به واجهائيندا رهيا، هاڻ به ساڳي صورتحال جنم وٺڻ وڃي رهي آهي، سڄي سنڌ جا ماڻهو ٻنهي وڏن شهرن ڏانهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪري اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جن وٽ پائڻ لاءِ تن تي ڪپڙو به نه بچيو آهي، ماڻهو فقط پنهنجي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهن، تنهن لاءِ به ماڻهن کي ٻيڙيون نه پيون ملن، جو اهي ڪٿي نڪري سِر بچائي سگهن. تنهن هوندي به سنڌ حڪومت چوي ٿي ته اسان 8 ارب روپيا ٻوڏ متاثرن لاءِ خرچ ڪري چڪا آهيون، اها سمجهه جهڙي ڳالهه آهي ته ماڻهن کي رليف به نه مليو ۽ پئسا به خرچ ٿي ويا.
هن ملڪ جي سياسي موسم عوام لاءِ خوشگوار ٿيندي ان جو ته ڪو به جواب نه آهي پر هيءَ جيڪي برساتن جون موسمون هجن ٿيون، انهن جي باري ۾ هاڻ ته جديد مشينري اڳواٽ ئي ٻڌايو ڇڏي ته هن سال ڪيتريون برساتون پونديون، تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪا حڪومت اڳواٽ ان لاءِ پاليسي نٿي جوڙي ته ان جو مطلب اها نااهلي آهي جنهن ۾ عوام وڏي عرصي کان سڙي رهيو آهي. اڄ سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام جنهن ڪرڀ منجهان گذري پيو، ان کان بچي پئي سگهيو پر صرف تڏهن جڏهن وقت جا حڪمران اڳ ۾ اک پٽين ها ۽ انتظامي حوالي سان ڪجهه ڪم ڪن ها. پر هتي ته ٻوڏون حڪمرانن لاءِ سڻڀو گرهه آهن، جنهن جي اچڻ سان حڪمرانن کي وڏي پئماني تي فنڊنگ جي نالي تي ڪرپشن ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل عوام ناسور واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهڙين حڪومتن جي آسري سنڌ جي عوام کي بي يارومددگار ڇڏي ڏجي، ان لاءِ هي وقت آهي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو، ان لاءِ سرندي وارن کي ته ڪردار ادا ڪرڻ ئي گهرجي پر سنڌ حڪومت برسات متاثر ماروئڙن کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي، ڇو ته سنڌ لڏندي پر ٻڏندي ڪونه واري چوڻي هنن برساتن هاڻ بدلائي ڇڏي آهي، ان لاءِ جو سنڌ لڏي نه سهي پر ٻڏي ضرور آهي ۽ ان کي ٻوڙڻ واري خود سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي، جنهن اڄ ماڻهن کي آهن ۽ دانهن تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ لاڳيتو ٽي ڀيرا سنڌ حڪومت ٺاهيندڙ پيپلز پارٽي جي جيڪا تاريخ لکي ويندي، اها تاريخ به سنڌ جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب ٿي ويندو، جنهن جو ازالو پوءِ ڪير به نه ڪري سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button