ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جهمپا لهريءَ جو دي لو لينڊ: سياسي پسمنظر ۾ لکيل ناول

Editorial-Article- Kaleem Butt

آمريڪي ليکڪه جهمپا لهري جنهن جا وڏا بنگال جا هئا، هن وقت هندستان جي پسمنظر ۾ لکندڙ دنيا جي اهم ليکڪن مان هڪ سمجهي وڃي ٿي. هو برطانيا ۾ ڄائي ۽ اتان آمريڪا هلي وئي. هن جي ڪهاڻين جي ڪتاب The Interpreter of maladies کي اهم ادبي ايوارڊ The Pultizer Prize مليو، هي آمريڪي ادبي ايوارڊ آهي جنهن جي اهميت برطانوي ايوارڊ دي بُوڪر پرائيز جيتري آهي. ان کان سوا هن جي ناول “دي نيم سيڪ” کي به سموري دنيا ۾ خوب مڃتا ملي ۽ ان کي سڃاڻپ جي بحران جي حوالي سان اهم ناول سمجهيو وڃي ٿو، جنهن تي فلم به ٺهي چڪي آهي.
هن جي 2013ع ۾ ڇپيل ناول “لو لينڊ” جو پسمنظر به بنگال آهي. جنهن ۾ هن ڪلڪتي ۾ رهندڙ مترا خاندان جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. هن ناول جا 8 ڀاڱا آهن ۽ انهن ۾ وري ننڍڙا ننڍڙا باب ڏنل آهن. هي ناول ڪلڪتي جي لڳ ڀڳ 50 سالن جي سياسي ۽ سماجي تبديلين جي پسمنظر ۾ لکيل آهي.
ناول ٻن ڀائرن سڀاش ۽ اُڌيان جي احوال سان شروع ٿئي ٿو. ٻئي ڀائر ڪلڪتي ۾ ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ ڄاوا ۽ ننڍي هوندي کان ئي ٻئي گڏ هئا ۽ ڪجهه پلن لا به هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وڃن ته ٻنهي کي بي چيني ٿيڻ لڳندي هئي. پر جيئن ئي اهي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لڳن ٿا ته هنن جي زندگين ۾ عجيب بدلا اچن ٿا. وڏي ڀا سڀاش کي هر وقت اهو ئي احساس رهي ٿو ته هو پڙهي لکي گهر وارن جو سهارو ٿئي. جڏهن ته اُڌيان وري هندستان جي آزادي کانپو سماجي اڻبرابريءَ تي ڪاوڙيل رهي ٿو ۽ جڏهن ڪلڪتي ۾نڪسل وادين جو زور وڌڻ شروع ٿئي ٿو ته هو به ان جو حصو ٿي وڃي ٿو. اها ڳالهه سڀاش کي نٿي وڻي ۽ هو ڀا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اُڌيان هن جي ڳالهه نٿو مڃي. اُڌيان هندستان ۾ بلڪل اهڙي انقلاب جو خواهشمند آهي جهڙو چين ۾ مائو آندو ۽ هو مائوسٽ ٽولي سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳي ٿو، مائو جي قولن ۽ انقلابي نعرن جا پمفلٽ ڇپرائي شاگردن ۾ ورهائڻ لڳي ٿو ۽ ڪجهه وقت لا گهران ڀڄي وڃي نڪسلائين سان گڏ رهي تربيت وٺي ٿو.
اُڌيان جو اهڙو رويو ڏسي سڀاش ماحولياتي سائنس ۾ پي ايڇ ڊي لا آمريڪا ۾ اپلا ڪري ٿو ۽ Rhode Island ۾ رهڻ لڳي ٿو. اتي هو اُڌيان سان خطن ذريعي رابطي ۾ رهي ٿو. اُڌيان کيس ٻڌائي ٿو ته هن گوري نالي ڇوڪري سان ڀڄي شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي هن جا ۽ گوري جا گهروارا ڪاوڙيل آهن. گوري هن جي ويجهي نڪسل وادي دوست جي ڀيڻ آهي. اهي سا1’ڳئي ڪاليج ۾ پڙهن ٿا ۽ هو اُڌيان جي سياسي شعور کان ڏاڍي متاثر آهي.
هوريان هوريان اُڌيان جا خط اچڻ بند ٿي وڃن ٿا، ڇهن مهينن کانپو هن کي اُڌيان جو هڪ خط ملي ٿو جنهن سان گڏ گوري جو فوٽو به آهي، ان خط ۾ اُڌيان ڄاڻائي ٿو ته هاڻي هو تحريڪ کان پري ٿي ويو آهي ۽ گهر وارن جي سارسنڀال لا ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ لڳو آهي. پر هنن جي ما اڃا به گوري کي نُهن طور نه قبوليو آهي. ايئن وري خطن جو سلسلو بند ٿي وڃي ٿو. ڪجهه وقت کانپو سڀاش کي اطلاع ملي ٿو ته هڪ پوليس مقابلي ۾ اُڌيان کي قتل ڪيو ويو آهي. هن تي نڪسل وادي هجڻ جو الزام هو. رياست نڪسل وادين جي ڪاررواين مان تنگ ٿي اهڙا قانون ٺاهيا جو پوليس بنا ڪنهن وارنٽ جي ڪنهن به گهر تي ڇاپا هڻي ٿي سگهي، نوجوانن کي کنڀي ٽارچر سيلن ۾ رکيو ٿي ويو.
جڏهن سڀاش ڪلڪتي موٽي ٿو ته کيس خبر پئي ٿي هڪ رات پوليس سندن گهر تي ڇاپو هنيو ۽ پو ان نالي وٽ جتي ٻئي ڀائر ننڍي هوندي راند ڪندا هئا، اتي وٺي وڃي اُڌيان کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو ۽ هن جو لاش به مائٽن حوالي نه ڪيو. هڪ پاسي اهو ڏک، ٻئي پاسي وري جڏهن هو پنهنجي ماءُ جو گوري سان رويو ڏسي ٿو ته ويتر حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو، گوريءَ جي پيٽ ۾ اُڌيان جو ٻار آهي. سڀاش هن کي پاڻ سان شادي ڪري آمريڪا هلڻ جو چئي ٿو. هو گوري کي ٻڌائي ٿو ته جڏهن هو ٻار ڄڻيندي ته هن جا ماءُ پيءُ هن کان ٻار ڦري کيس گهران ڪڍي ڇڏيندا ۽ هن لا زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي ويندي.
ڪجهه عرصي ۾ هو گوري کي پاڻ سان شادي ڪرڻ تي راضي ڪري وٺي ٿو جنهن تي هن جي ما کي ويتر ڏک ۽ ڪاوڙ اچي ٿي، کيس لڳي ٿو ته گوري ڏائڻ آهي جنهن هن کان سندس ٻئي پٽ ڦري ورتا آهن ۽ سڀاش کي چئي ٿي گوري ڪڏهن به هن جي نه ٿي سگهندي. سڀاش ما جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري گوري کي پاڻ سان آمريڪا وٺي وڃي ٿو، اتي گوري اُڌيان جي ڌي بيلا کي جنم ڏئي ٿي، جنهن کي سڀاش پنهنجو نالو ڏئي ٿو. پر گوري اندر ئي اندر ۾ پڄرندي رهي ٿي. هو سڀاش سان خوش ناهي، سڀاش جي صورت کيس سدائين اُڌيان جي ياد ڏياري ٿي. هو هندستان سان سڀ لاڳاپا ختم ڪرڻ گهري ٿي. هو سڀاش کي اهو به ٻڌائي ٿي ته سچ ۾ اُڌيان نڪسل وادي هو. هو بم ٺاهيندو هو جنهن جي ڪري هن جو هڪ هٿ به وڃائجي چڪو هو، هن گالف ڪلب تي بم اڇلايو هو ۽ هڪ پوليس واري کي به قتل ڪيو هو.
گوري ان سڀ کان پيڇو ڇڏائي آزاد زندگي گذارڻ چاهي ٿي، هو بيلا جي حوالي سان به لاپرواهه ٿيڻ لڳي ٿي ۽ جڏهن بيلا 12 سالن جي ٿئي ٿي ته گوري هنن کي ڇڏي فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ڪليفورنيا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿي الڳ زندگي گذارڻ لڳي ٿي. ماءُ جي ان نموني اوچتو ڇڏي وڃڻ تي بيلا جي شخصيت تي گهرو اثر پئي ٿو ۽ هو ما کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿي. هو جيئن جيئن وڏي ٿيندي وڃي ٿي ته خانه بدوشي واري زندگي گذارڻ لڳي ٿي ۽ پيٽ سان ٿي وڃي ٿي. کيس اها به خبر ناهي ته هن ٻار جو پيءُ ڪير آهي. پر ان هوندي به هو ٻار ڪرائي نٿي. هن کي اهو ئي خيال آهي ته هو گوري کان سٺي ما ثابت ٿيندي.
هيءَ ناول اهڙي ته شاندار نموني لکيل آهي جو هر ڪردار جي ڀوڳنا پڙهندي ايئن محسوس ٿو ٿئي ڄڻ اها ڀوڳنا پڙهندڙ جي ئي آهي. ڪو به ڪردار خوش زندگي نٿو گذاري. هڪ پاسي سڀاش جي ما پيءُ جي ڀوڳنا آهي جن کان ٻئي پٽ هڪ ئي عورت جي ڪري وڇڙي ويا. ٻئي پاسي گوريءَ جي ڀوڳنا آهي جنهن کي اهو ڀئو آهي ته هن جو ماضي هن جو پيڇو ڪري رهيو آهي. ان کانپو بيلا جي ڀوڳنا آهي جنهن کي اهو ڏک آهي ته آخر هن جي ڪهڙي غلطي هئي جو سندس ما کيس ايئن ڇڏي هلي وئي. ان سڀ کان مٿي سڀاش جي ڀوڳنا آهي، جيڪو سڀني لا قربانيون ڏيندو اچي ٿو پر آخر ۾ اڪيلو ئي رهجي وڃي ٿو.
جهمپا لهري هيءَ ڪهاڻي اهڙي ته سادي ۽ خوبصورت انداز ۾ پيش ڪئي آهي جو پڙهندڙ هر ڪردار کي پنهنجي آسي پاسي ڦرندي محسوس ڪري ٿو. موضوعاتي نرالپ، ڪردارن جي ڀوڳنا ۽ ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي انداز جي ڪري هن ناول کي 21هين صدي جي اهم ناولن ڳڻيو وڃي ٿو ۽ اهو پڻ خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هن ناول کي 21هين صدي جي ڪلاسڪ ناولن وارو درجو به ملي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button