
آمريڪا جي مشهور پاپ ڳائڻي برٽني اسپيئرز جو 6 سالن بعد پهريون گانو بولڊ مي ڪلوزر رليز ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق برٽني اسپيئرز زندگي تان والد جي نگراني ۽ فيصلاسازي ختم ٿيڻ بعد برطانوي ڳائڻي سر ايلٽن جان سان گڏ نئون گيت مارڪيٽ ۾ آندو آهي، جنهن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ بولڊ مي ڪلوزر جي ٻولن واري گيت ۾ جان ايلٽن سان گڏ برٽني جهونگاريو آهي، سندن آوازن کي ايڪو جي اثر هيٺ رکيو ويو آهي، جنهن سان برٽني جي آواز ۾ واضع تبديلي ٻڌڻ ۾ نٿي اچي. جڏهن تھ برٽني اسپيئرز جي آواز تي عمر جي مناسبت سان معمولي تبديلي محسوس ٿي آهي، جنهن تي بهرحال مداح خوش آهن. برٽني اسپيئرز جو چوڻ آهي تھ گيت رليز ٿيڻ سان پاڻ کي تمام گهڻو جذباتي محسوس ڪري رهي آهيان، ڇوتھ هي گيت منهنجي خاطر اهم آهي.