پاڪستاني اداڪارا انوشي اشرف چيو آهي تھ اسان جا ڏکڻ آيشيائي والدين اولاد جي پسند جو خيال نٿا رکن، تنهنڪري نوجوان ڪوشش ڪري انهن کي راضي ڪرڻ بعد پسند جي شادي ڪن. ميڊيا مطابق آسڪ مي سيشن دوران پاڙيسري ملڪ مان شادي بابت سوال پڇڻ تي انوشي اشرف ٻڌايو تھ ڀارت جي ثانيا مرزا ۽ پاڪستان مان شعيب ملڪ شادي ڪري سگهن ٿا تھ ٻيا ڇو نھ ڪن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو تھ فرقن کي برداشت نھ ڪرڻ اسان جي سماج جو الميو آهي، تنهنڪري پريشانين کان بچڻ خاطر شادي هم خيال عقيدي ۾ ڪيو. هن چيو تھ ڪنهن غلط ڳالهه تي پڇتائڻ جي صورت ۾ سٺي ڊاڪٽر سان ملي مشورو ڪڻ بهتر آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close