اڄ جڏھن سموري دنيا ماحولياتي تبديلين جي تباهين ۽ سرمائيداري مفادن وارين لڪل ته ڪٿي ظاهر جنگين ۾ جڪڙيل آهي، ايتري حد تائين جو ڪنهن اوچتي امڪاني ائٽمي جنگ جي نتيجي ۾ اڍائي منٽن اندر هي سموري پرٿوي ڪاري رک ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، تڏهن هُو پنهنجي دُکي ديس جي محفوظ آئيندي بابت ويچار لاءِ ڪالهھ وري آشرم ۾ هو. هُو جيڪو ڪافي ڏينهن کان پنهنجي ماضيءَ واري سموري تجربي جي هڙهه آشرم ۾ رکي، شناخت کان بلڪل خالي، خاموشيءَ جي خيال واري عصا هٿ ۾ کڻي، غير محفوظ نگر جي برسات ٻُڏل گهٽين ۽ چئوڪن تي حياتي لاءِ هڪ نئين مفهوم جي ڳولها ۾ صوفي انور جي هن تصور سان گڏ گهمي رهيو هو:
“نڪي گرو، نڪي گوبند آهي، ڪجھه به ناهي ۽ ان ڪجھه به نه ۾، نه ته ڪو ويد نظر اچي ٿو ۽ نه ئي ڪو ٻيو ڪتاب. ان سفر ۾ بس مسلسل هلڻو آهي، جتي دم پٽڻ لاءِ نه ته ڪا مڙهي آهي ۽ نه ئي ڪو مڪان ڏسڻ ۾ ٿو اچي. اتي نفي ۽ اثبات واريون علامتون به تمام گهڻو اورتي رهجي وڃن ٿيون. بس هي جيڪو سُلطاني شبيهه وارو قدم آهي، سو نانهن ۾ نهال ٿي وڃي ٿو.” صوفي انور جي اهڙي خيال جي تشبيھه بڻجي، هو ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي ديس جي جياپي جي نئين مفھوم واري ڳولا سندي احساس ۾ ئي هو ته سندس هڪ سامي دوست جو کيس سنيهو اچي مليو. جنهن نياپي هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي من ۾ عجيب تحرڪ پيدا ڪيو. بلڪل اهڙو تحرڪ جيڪو تمام ڊگهي بارش کان پوءِ جهنگ ۾ بسيرو ڪري ويندڙ سانت ۾ سج جي پهرئين تڙڪي سان پيدا ٿيندو آهي ۽ زندگي آهستي آهستي ڪر موڙي، ٻولڻ شروع ڪندي آهي.
ٽيڪسيلا مان سندس رولاڪ دوست جو نياپو ڄڻ ته واقعي به سج جي پهرئين تڙڪي جيان هو…!! ها، ڊگهي بارش کان پوءِ زندگي جي تسلسل ۽ بحالي لاءِ سج جو پهريون گرمائيندڙ تڙڪو. رولاڪ دوست چورائي موڪليس:
“آئون هن وقت ٽيڪسيلا ۾ گوتم جي مورتيءَ جي پيرن ۾ ويٺو آهيان. سج لهي رهيو آهي. آئون گوتم کان مسلسل سوال ڪري رهيو آهيان ته تو جنهن خاموش سجاڳي سان لمحي اندر جيئڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، تنهن جو پهريون ۽ آخري امڪان به اڄوڪي دور ۾ غائب ٿي ويو آهي. هر پاسي، بُک، بدحالي سان گڏ محفوظ اجهي سندي ڳولا ۾ بيڪسي جو عالم آهي. اي سڌارٿ!! مون کي اڄ پنهنجي پهرئين ۽ آخري سگھه سان، منهنجي هن ديس جي اڌوري ۽ جڳن کان اداس زندگي جي ڪهاڻي مڪمل ڪري ڏي ته جيئن آئون پنهنجي ديس کي ويڳاڻپ واري احساس مان آجو پَسي سگهان. پر گوتم خاموش آهي. هو ڪجهه به نٿو ڳالهائي ۽ مون کي شديد اڪيلائي محسوس ٿي رهي آهي.”
سندس سامي دوست جي اهڙي نياپي کان پوءِ هو اتهاس جي رڻ ۾ نڪري ويو، جتان کيس گوتم جو پهريون ۽ آخري لفظ ڳولهي، ديس جي اداس زندگي جي سنڀال ڪندي محڪوم طبقن جي عزت ڀرئي بحالي جو سفر پُڄائڻو آهي. ها سندس دُکي ديس!! جنھن جي ماضيءَ مٿان، شمار کان ٻاهر ڏندڪٿائون چانڊوڪي جي تمثيل ۾ پنهنجا عڪس نڇاور ڪنديون ٿيون رهيون.
ڪو به ناهي اتي،
نه ڪو ڳالهائڻ وارو
۽ نه ڪو ٻڌڻ وارو
نه ڪو ئي منظر
نه ڪو اچڻ وارو
نه ڪائي صورت
نه ڪو ڏسڻ وارو.
سو ڳولا جي پنڌ ۾ هو جيئن ئي اڳتي وڌيو ته چئوڌار چُپ جي عالم ۾ هڪ اهڙي ئي ڪنهن ُڌن جا آلاپ اچي رهيا هئا، جنهن ُڌن تي ڏياچ پنهنجو ڪنڌ ڪوري ڏنو هو.
هن جڏهن انهيءَ ُڌن کي صحيح معنيٰ ۾ محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏھن اوچتو کيس ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن سندس ڪنڌ تي ڪات اچي رکيو هجي. اهڙو تکو ڪات، جو ساعت جي رتيءَ ۾ سِر ڌڙ کان ڌار ٿي وڃي. ۽ تڪليف!؟ نه ڪڏهن به نه. ڇو ته ان ڪات جو ڪنڌ تي ڇهاءُ محبوب جي پهرين چميءَ جيان ٿي لڳو. هي ته خاموش هو ظاهر ۾ پر خبر ناهي سندس اندر مان ڪنهن انهي لمحي شڪر جو ڪلمو پڙهيو ۽ هو اهو پل پَسي حيران ٿي ويو. سندس اها حيرانگي ۽ تشنگي اڳيان هلي تڏهن تحليل ٿي، جڏهن کيس “ڪاتي ڪڏهن به تکي نه ٿئي ۽ شل مڏي ئي رهي.” واري مرشد جي اها ِسٽ ياد آئي، جيڪا هن ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تان ٻڌي هئي. هن جڏهن پهريون ڀيرو اها سٽ ٻڌي هئي تڏهن کيس سَمجهه ۾ نه آئي هئي، پر اڄ ان جو سمورو مفهوم بلڪل واضح هو. ُڌن جا آلاپ ايندا رهيا ۽ کيس پنهنجو سمورو وجود الوپ ٿيندي محسوس ٿيو. هن سوچيو ته ڪڏهن ڪڏهن سوال ڪيئن نه بي معنيٰ ٿي ويندا آهن!؟
هن محسوس ڪيو ته
ُڌن ڪيتري نه خوبصورت
۽ موهيندڙ آهي!!
سموري ڪائنات کي
پنهنجي سحر ۾ سهيڙيندڙ!!
وري کيس خيال آيو ته هو اصل ۾ ڪٿي آهي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ هن کي ته گوتم جي رهجي ويل ڳالهه جو پهريون ۽ آخري لفظ ڳولهي اچڻو آهي ۽ ٽيڪسيلا ۾ رُلندڙ ان دوست کي ٻڌائڻو به آهي، جيڪو لهندڙ سج دوران ٽيڪسيلا اندر خاموش گوتم جي پيرن ۾ شديد اڪيلائي جو شڪار آهي!! ان خيال اچڻ سان ئي پٿر جهڙي ماضيءَ تي پوندڙ چانڊوڪي گم ٿي وئي ۽ هر طرف ان اونداهي جا پاڇا ڇائنجي ويا، جيڪا بائبل ۾ ڄاڻايل روشنيءَ جي پهرئين ڪرڻي کان اڳ واري اونداهي چئي وڃي ٿي. ڪجھه به نظر نٿي آيو، پر پوءِ به ڪجهه هو. ها بس اهو ئي ساڳيو ڌيان جو ڏيئو، جيڪو سندس ذات جي هڪ ڪنڊ ۾ ٻريو ٿي. ايئن هن پنهنجي ئي پاڻ ۾ ٽٻي ڏني ته سمورو سنسار ستارا بڻجي ويو. کيس ايئن محسوس ٿيو ته سندس وجود ذرا ذرا ٿي ويو آهي. ڪجهه به نه رهيو آهي، سواءِ ان لقاءَ جي، جنهن ۾ هن ڪنهن الوهي قافلي جا پير پنهنجي سيني ۾ ُسرندي محسوس ڪيا ۽ هرطرف چڙن جي چونگار جا پڙاڏا ٿي ٻڌائين.
سندس دوست اڃا تائين ٽيڪسيلا ۾ گوتم جي ڪٿا جي پهرئين ۽ آخري لفظ جي انتظار ۾ آهي ۽ دنيا تهذيبن جي ٽڪراءُ واري بحث جي ٻرندڙ ڄڀين ۾ جلي رهي آهي ۽ سج لهي رهيو آهي. هن سوچيو ته هو هاڻ دُکي ديس جي جياپي ۽ آجپي واري ڳولا جي واٽ تان ايستائين نه موٽندو جيستائين هو گوتم جو پهريون ۽ آخري لفظ نٿو ڳولي اچي.
سو ڪالھه کان هو برسات ٻُڏل واٽن تي ان گوتم سڌارٿ جو ڳالهايل آخري لفظ ڳولي رهيو آهي، جنهن گوتم کي بارشون چون ٿا تمام گهڻيون وڻنديون هيون.