موسمياتي طور تي سنڌ ۾ هر ڏهين سال ٻوڏ ايندي رهي آهي. باقي نو سال سخت ڏڪار ٿئي ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ پهاڪن کان وٺي، جن ۾ ٻڏيءَ جا ٻيڻا، ڀيڄ مولا ڀيڄ، اتران آڻ، تاڙي ڪئي تنوار، لوڪ گيت ۽ ٻي شاعري ۾ مينهن سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪيو ويندو آهي. مينهن کي نينهن سان ڳنڍيو ويندو آهي. جهڙ ڦڙ جت ٿيا، ات اڏيائون پکڙا. بر وٺا ٿر وٺا وٺيون ترايون. ان ڪري باقي نو سال رڳو مينهن کي ياد ڪيو ويندو آهي. برساتون يڪا نو ، ڏهه سال نه پوڻ ڪري سنڌ ۾ هڪ عادت جڙي چڪي آهي، ته هر اهو ڊولپمينٽ جو ڪم ڪبو، جنهن ۾ مينهن جي ڪا به پلاننگ ڪيل نه هوندي آهي. برساتن کان اڳ ٿوري گهڻي جيڪا گهر جي مرمت وغيره ڪبي آهي، اها ته پري جي ڳالهه پر ڇتين کي ليپو به ڪون ڏبو. گهر کي نيسارو به لڳائڻ جي ضرورت ڪونه ڪبي. روڊ، شاخون، واهه ،عمارتون ٺاهڻ وقت برساتي پاڻيءَ جي وهڪري جو ڪوبه خيال نه رکيو ويندو آهي. اها صورتحال عام ماڻهن کان وٺي حڪومتي اختيارن تائين، (جن جا منصوبا پروفيشنل انجنيئرز جوڙين ٿا.) سنڌ جاگرافي طور تي اتر کان ڏکڻ ڏانهن پاڻيءَ جو فطري وهڪرو ٿئي ٿو. ساڳي ريت سنڌ جي زمين جي ٽاپوگرافيءَ ۾ ڍورا ۽ ڍنڍون هر علائقي جو فطري ڊرينيج سسٽم جوڙيل آهي. پر ڏٺو ويو آهي، ته ملڪي ترقي جي منصوبن ۾ ريلوي جي لائين وڇائڻ ۽ موٽروي جي روڊن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي منصوبي ۾ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن جو ڪاٿو نه لڳايو ويندو رهيو آهي. حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ (جيڪا ڪنهن دور ۾ ون يونٽ بلڊنگ سڏي ويندي هئي. ون يونٽ ۾ سنڌ جون مکيه آفيسون شهباز بلڊنگ ۾ قائم ڪيون ويون.) حيرت جي اها ڳالهه آهي ته اها سڄي عمارت برساتي ڍوري جي وهڪري تي جوڙي وئي آهي.
سنڌ ۾ ڊرينيج جا ٻه وڏا منصوبا جوڙيا ويا آهن. جن ۾ درياءَ جي کاٻي ايل بي او ڊي ۽ درياءَ جي ساڄي پاسي آر بي او ڊي جو منصوبو آهي. (آر بي او ڊي جو منصوبو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي) ياد رهي ته هي ٻئي منصوبا نهري زمينن ۾ سم جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن. پر ڏٺو ويو آهي ته برساتن ۾ ايل بي اوڊي ۽ آر بي اوڊي جي ڊرينيج ۾ برساتن جو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو رهيو آهي. ان ڪري انهن کي برساتن ۾ گهارا پوڻ، ڳوٺ ۽ علائقا ٻوڙڻ عام بنجي ويو آهي. ايل بي اوڊي ۽ آر بي اوڊي جي ميگا منصوبن ۾ پڻ ڍورن جي قديم وهڪرن جو خيال نه رکيو ويو آهي. گهڻن ئي جاين تي قديم ڍورن کي ڪٽي ڊرينيج جا منصوبا جوڙيا ويا آهن. جن ۾ پراڻ ڍورو هن وقت وڏي بحث هيٺ آيل آهي. ان ڪري ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، بدين، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ڊرينيج جي جوڙيل نالن سبب قديم ڍورن جا وهڪرا رڪجي ويا آهن. ان ڪري انهن ڍورن جو لنگهه رڪجي وڃي ٿو.
ڍورن جي صورتحال
سنڌ ۾ ڍورن ۽ دريائي لنگهن جي حوالي سان هن وقت به سڀ کان وڌيڪ زمين سنڌو درياءَ جي پيٽ، ڍورن، ڍنڍن، واهڙن ۽ ڪچي جي ايراضي ۾ اچي وڃي ٿي. جيڪا اٽڪل 20 لک 11 هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ پراڻي رڪارڊ موجب انهيءَ زمين جو 45 سيڪڙو ايراضيءَ ۾ ٻيلو هو جيڪو هاڻ 2010 جي رڪارڊ موجب زيرو پوائنٽ ٻائيتالهه سيڪڙو بچيو آهي. جڏهن ته درياءَ جي وهڪري ۾ ايندڙ زمين 6 لک ايڪڙ، 4 لک 50 هزار ايڪڙ ٻيلو ۽ 50 هزار ايڪڙن تي ڪچي جون ڍنڍون ۽ ڍورا موجود آهن.
سنڌ ۾ انگريز دور کان اڳ وارن نهري پاڻيءَ جي قديم وهڪرن کي ڍورا سڏيو وڃي ٿو. هر علائقي ۾ انهن ڍورن جا الڳ الڳ نالا آهن. دريائن تي بئراجن ٻڌجڻ کان اڳ سمورا درياءَ پنهنجا وهڪرا مختلف وقتن تي تبديل ڪندا رهيا آهن. پروفيسر شير خان سيلرو” سنڌ جا قديم ڍورا” جي نالي سان تحقيقي ڪتاب لکيو آهي. پروفيسر سيلرو پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌوءَ جي کاٻي توڙي ساڄي سمورا ڍورا دريائي ڍورا آهن. جيڪي مختلف وقتن تي درياءُ ۽ ان جي چاڙهن ۽ ڦاٽن جي صورت ۾ هئا. پروفيسر سيلرو موجب درياءَ جي ساڄي طرف مهراڻ ڍورو تي آر بي اوڊي، (رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين) ايم اين وي (مين نارا ويلي ڊرين) اولهندو نارو جي قديم وهڪري تي ۽ دادو ڪئنال، گهاڙ درياءَ جي ڍوري تي رائيس ڪئنال ۽ بيگاري ڪئنال پڻ پراڻي بيگاري ڍوري کي ريماڊلنگ ڪري جوڙيو ويو آهي. ساڳي ريت ڦليلي پڻ پراڻي دريائي ڦاٽ تي ٺاهيو ويو. جڏهن ته دريائن جو ديس ميرپورخاص ڊويزن رهيو آهي. جتي هاڪڙو، پراڻ، سرفراز واهه، ساڱرو، ولهاسو شامل آهن. پراڻ ڍوري جي ڪيٽي وارو علائقو اڄ به موجود آهي. جڏهن ته انهن ڍورن جي قديم دريائي وهڪرن ۾ ريڻي درياءُ، هاڪڙو درياءُ، سهڻي ڍورو، سرفراز ڍورو، جهم ڍورو، سائو نارو، ڪارو نارو، اولهندو نارو، پراڻ، ساڱرو، ولهاسو گونگهڙو، ڪارو گونگهڙو وغيره جا قديم وهڪرا شامل آهن. جن کي هر علائقي ۾ الڳ الڳ نالن سان سڏيو وڃي ٿو سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور ۾ درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي طرف تي واهن ۽ ڪئنالن جو ڄار وڇايو ويو. جيڪي بنان ڪنهن بئراجي سسٽم کان سواءِ آبڪلاڻيءَ ۾ درياءَ جي چاڙهه تي وهندا هئا. ڪلهوڙا دور ۾ درياءُ نصرپور وٽان وهندو هو. درياءَ جي وهڪري ۾ تبديلي اچڻ کان پوءِ ڪلهوڙا دور جو سمورو نهري نظام ناڪاره بنجي ويو. ڪيترائي محقق ڪلهوڙا دور جي خاتمي جو مکيه سبب پڻ سنڌ جو نهري نظام مفلوج بنجي وڃڻ قرار ڏين ٿا.
روينيو کاتي جي سروي ۾ هر ڍوري ۽ ڍنڍ جو نشان ۽ ان جي زمين ڏيکاريل آهي. لاڳاپيل کاتن جي ذميوارن پاران (خبر ناهي ته ڍورا آبپاشي کاتي جي ڪنٽرول ۾ ايندا يا روينيو کاتي جي ڪنٽرول ۾ آهن) ڍورن تي قبضا ڪرڻ کان روڪڻ وارو ڪم نه ڪيو ويو آهي. روينيو کاتي پاران جڏهن به ڪا شهري مقصدن لاءِ يا زرعي مقصدن لاءِ زمين کاتيدار کي ڏني ويندي آهي ته ان ۾ ڍوري جي زمين شامل نه هوندي آهي. پر مهاڳي ۾ هئڻ ڪري اها زمين مهاڳي واري زميندار جي قبضي رهندي آئي آهي. گهڻا کاتيدار وري جائز يا ناجائز طور انهن مهاڳي وارن ڍورن جي زمين جا به کاتا جوڙائيندا رهيا آهن (ڪنهن به لاڳاپيل کاتي جي اعتراض نه هجڻ سبب) ان ڪري سرڪاري ڍنڍون ۽ ڍورن تي پهرين قبضو ڪيو ويندو رهيو آهي، ان کان پوءِ انهن جا کاتا جوڙا ويا آهن. ان ڪري هر علائقي جي قدرتي ڍنڍن تي قبضا ڪري پوکي، يا شهري آبادي وارا منصوبا جوڙيا ويا آهن. ان ڪري هر شهر ۽ ڳوٺن جو برساتي پاڻيءَ جو ڪوبه نيڪاسيءَ وارو منصوبو جوڙيو نه ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ نئين جي وهڪرو بحال رکڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ندين جو ڇوڙ سمنڊ تائين بحال رکيو ويو آهي. باقي سڄي سنڌ جي ڍورن تي قبضا ڪري پوکيءَ هيٺ يا شهري آبادي هيٺ آندا ويا آهن. ساڳي ريت ڍورا جيڪي هر ٻوڏ هجي يا عام برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جو سبب بنبا رهيا آهن. پر ڍورن تي قبضن کان پوءِ ميرپور خاص، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو، نون ڪوٽ، سامارو، گرهوڙ، پيرو مل، کاهي، هنڱورنو، ڦلهڏيون، ٽنڊو الهيار، نصرپور، جهنڊو مري، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ ٻين ڪيترن ئي اهڙن شهرن کي ٻوڏ واري صورتحال ۾ ڏسي سگهجي ٿو. موسمي ماهرن موجب سنڌ ۾ هر ڏهين سال وڏي ٻوڏ اچي ٿي، ان ڪري 2011 جي برسات وارن ڏينهن ۾ ڍورن تي قبضا هٽائڻ وارو آپريشن شروع ڪرڻ وارا مطالبا زور شور سان ٿيا. فوج جي مدد سان عارضي طور تي ٽنڊو الهيار ۽ عمر ڪوٽ ۾ ڪجهه هنڌن تي ڍورن جو وهڪرو بحال ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ۾ 2010 ۾ درياءَ جي مها ٻوڏ آئي هئي ۽ 2011 ۾ ڏکڻ سنڌ ۾ ٻوڙان ٻوڙ برسات وٺي. انهن ٻنهي ٻوڏن ۾ حڪومت تي ڍورن جي بحالي وارو وڏو دٻاءَ ٿيو. سنڌ تي ان وقت به پ پ جي حڪومت هئي. سينيٽر تاج حيدر جي سربراهيءَ ۾ ڍورن جي بحاليءَ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي هئي. انهيءَ ڪميشن ۾ انجنيئر ادريس راجپوت پڻ شامل هيو. انهيءَ ڪميشن ڊگهڙي، جهڏو، ٽنڊو جان محمد، ڪنري، نئون ڪوٽ ۽ زيرو پوائنٽ تائين ڍورن جي بحالي لاءِ ڪجهه اپاءَ ورتا. پر ڍورن تي ڪيل قبضا مڪمل خالي نه ڪرايا ويا. (جن جي ڪميشن پاران نشاندهي ڪئي وئي هئي.) وري 10 سالن جي وٿيءَ کان پوءِ انهن تي ٻيهر قبضا به ٿي ويا آهن. جيڪي هن وقت هٿ ڪنگڻ کي ڪهڙي آرسي وانگر سامهون ڏسي سگهجن ٿا.