گذريل ڏينهن سنڌ جو سريلو شاعر امداد حسيني گذاري ويو. هن جي سار ۾ جڏهن قلم ۽ ڪاغذ کڻي ويٺس ۽ مون اهي لفظ لکيا ته “سونهن ۽ سنڌ جو شاعر امداد حسيني” تڏهن مون کي خيال آيو ته ڇا دنيا ۾ ڪو به اهڙو شاعر ٿي سگهي ٿو، جيڪو حسن ۽ وطن سان محبت نه ڪندو هجي؟
خوبصورتيءَ ۽ ڌرتيءَ سان محبت ته شاعريءَ جو بنياد آهي. اهي شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ماڻهن کي محبت سيکاريندا آهن. شاعر محبت جا سفير هوندا آهن. انهن جي معرفت اسان کي معلوم ٿيندو آهي ته محبت ڪيتري اهم ۽ ضروري هوندي آهي. جيڪڏهن شاعر نه هجن ها ته محبت جي باري ۾ اسان کي ايترو ڪجهه معلوم نه ٿي سگهي ها. ڇو ته سونهن جي ساگر ۾ تمام هيٺ لهي، اسان کي ان محبت جا موتي ميڙي ڏيڻ وارا شاعر ئي ته هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته شيخ اياز لکيو هو ته “جنهن ڏينهن تي ڌرتيءَ تي پکي ۽ شاعر نه رهندا، ان ڏينهن قيامت اچي ويندي” ڇو ته حسن ۽ محبت کان سواءِ ته هيءَ دنيا صرف ڪاروبار ۽ سرمايو آهي. سرمايو ۽ دولت جا انبار انسان کي وحشي ۽ خودغرض ته بڻائي سگهن ٿا پر اهي هن کي بهتر انسان بڻائي نه ٿا سگهن. ان ڪري اسان کي بهتر انسان ٿيڻ جي لاءِ شاعريءَ جو شعور حاصل ڪرڻو پوي ٿو.
سنڌ سان سنڌي ماڻهن جي محبت جو سبب سياست نه پر اها شاعري آهي، جيڪا لطيف جي لات کان وٺي اياز جي ڪلام ۽ امداد جي ڪويتا تائين سنڌي ماڻهن جي سماعت ۾ محبت جي موسيقي پيدا ڪندي رهي آهي. لطيف ته سنڌ جي سڃاڻ آهي. لطيف ته سنڌ جو سج آهي. لطيف کان پوءِ سچل به آهي. سامي به آهي. پر جيڪو اهاءُ اياز جي شاعريءَ ۾ آهي، اهو اسان کي لطيف جي لئه ياد ڏياري ٿو. جڏهن ته امداد حسيني جي واٽ الڳ رهي آهي. هو پنهنجي انداز جو البيلو شاعر رهيو. هن ۾ جيڪو عشق ۽ انقلاب جي ميلاپ وارو انداز هو، اهو ڪنهن ٻي شاعر جي حصي ۾ نه آيو. اهو صرف ۽ صرف امداد ۾ هو.
امداد حسيني جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي موسيقيت به هئي ۽ ان ۾ هڪ خاص قسم جي مڌرتا سدائين اسان جي دل کي پنهنجي طرف ڇڪيندي رهندي هئي. هن جڏهن به ڪو گيت لکيو ته ان ۾ عجيب قسم جي دلربائي نظر آئي. اهو ئي سبب آهي ته هن کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو مختلف ۽ اوچو مقام مليو. هن جو پهريون شعري مجموعو “امداد آهي رول” تمام گهڻو مقبول ٿيو. ڇو ته ان ۾ آزاد شاعريءَ جي منظوم انداز واري جيڪا رواني هئي، ان سنڌ ۾ هڪ نئين روايت پيدا ڪئي.
امداد حسيني جي شاعريءَ ۾ شوخي به هئي ۽ تمام گهڻي بي باڪي به هئي. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو مزاحمت جو پيغام هو، اهو تمام گهٽ شاعرن ۾ موجود رهيو آهي. هن ۾ زماني جي شڪايت به هئي پر هن ۾ زماني جي مخالف هوائن سان ٽڪرائڻ جو جيڪو جوش ۽ جذبو هو، اهو ڪنهن ٻي شاعر ۾ تلاش ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو. هن جو هڪ نظم جيڪو مون کي هن مهل تمام گهڻو ياد اچي رهيو آهي، اهو هو ته:
“مون جڏهن به ڏيئو جلايو آ
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ”
هن جي شاعريءَ کي جڏهن به ڳايو ويو، تڏهن ان مان هڪ قسم جي هٻڪار آئي. هو وطن جي محبت سان گڏ عورت جي حسن ۽ ان جي محبت ۾ به سرشار شاعريءَ جي علامت هو.
امداد جي شاعريءَ ۾ جيڪو منفرد انداز هو، اهو ڪنهن ڪنهن شاعر ۾ هوندو آهي. مثال طور تي هن جو اهو نظم جيڪو هڪ گيت جي صورت ۾ ڳاتو به ويو ۽ ان کي تمام گهڻو پسند به ڪيو ويو. اهو گيت آهي:
“سمنڊ ڪناري واريءَ جو گهر ٺاهيو سي
توکي چاهيو سي”
ان قسم جي شاعري امداد جي سڃاڻ آهي. هن جا ٻيا به ڪيترائي مٺڙا ٻول مون کي ياد اچي رهيا آهن ۽ انهن ٻولن ۾ جيڪو حسن آهي ۽ جيڪا بيتاب تمنا آهي، اهو ڪنهن ٻي جي شاعريءَ ۾ ناهي. امداد حسينيءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو اهو به هو ته هن پنهنجي دور کي تمام گهڻي ترقي پسند شاعري ڏني. هن جي شاعريءَ ۾ پراڻي سماج کان جيڪا بغاوت آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو نئين دور لاءِ پيار آهي، اهو هن کي مختلف ۽ تمام حسين شاعر بڻائڻ ۾ اهم ڪردارا ادا ڪري ٿو. اهو امداد جو ڪارنامو آهي ته هن پنهنجي دور کي شاعريءَ ۾ نه صرف موضوعن پر ٻوليءَ ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي حوالي سان به تمام گهڻو استعمال ۾ آندو. اهو امداد حسيني هو، جنهن جي شاعريءَ ۾ عجيب قسم جي سرمستي هئي. هن جي شاعريءَ ۾ محبت جو بي باڪ اظهار هن کي منفرد بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن جا اهي ٻول هن مهل به تمام گهڻا گونجي رهيا آهن ۽ خاص طور تي هن مهل سنڌ جي سوشل ميڊيا تي هن جو اهو شعر تمام گهڻو شيئر ٿي رهيو آهي ۽ ان کي ماڻهو تمام گهڻو پسند به ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ هو عجيب قسم جي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان اظهار ڪندي چوي ٿو ته:
“توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا
بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ”
ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪجهه ڳالهيون بحثن کان بلند هونديون آهن ۽ محبت به هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي بحث نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته محبت جو خيال ناهي. محبت ته هڪ جذبو آهي. جذبن کي ڪير ٿو قيد ڪري سگهي؟ جذبن کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟ اهو ئي هن نظم جو مطلب آهي. اهڙا نظم امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي تمام گهڻا ملن ٿا.
امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ جيڪا آمريت جي خلاف نفرت آهي، ان جو الڳ حصو آهي. هن سنڌ ۾ جيڪا سجاڳيءَ واري تحريڪ هلي هئي، ان ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو هو. هن پنهنجي ادب ۽ پنهنجي شاعريءَ کي تمام گهڻي بامقصد انداز سان استعمال ڪيو. هن جي ٻوليءَ سان محبت هن جي شاعريءَ مان پڌري آهي. هن کي سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌ جي سونهن سان تمام گهڻي رغبت هئي. هن هڪ هڪ موضوع کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو ۽ اهو هن جو هنر هو ته هو ڪنهن به طرح سان ڪنهن به موضوع کي شاعريءَ ۾ شامل ڪري ان کي محبت جي لائق بڻائڻ جو گر رکندو هو ۽ اها ڳالهه هن جي تخليقي سگهه جي سڃاڻ آهي. ڇو ته روايت تي وڏا شاعر نه هلندا آهن. وڏا شاعر ان ڪري وڏا شاعر هوندا آهن جو هو روايتن سان بغاوت ڪندا آهن. جهڙي ريت شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ بغاوت جي باهه ڀري، ساڳي طرح سان امداد حسيني به پراڻيون ۽ مدي خارج روايتون جاري رکڻ بدران نوان لاڙا ۽ نوان خيال پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي هڪ اهم قسم جو مقام ماڻيو آهي.
امداد حسينيءَ جي شاعري هن جي سڃاڻ هئي. هو منفرد شاعر هو. هن پنهنجي محنت ۽ محبت سان جيڪو مقام حاصل ڪيو آهي، اهو هن جي موت کان پوءِ به هن جي ملڪيت رهندو. امداد حسينيءَ جي شاعريءَ کي هن جي موت کان پوءِ به هڪ محبت ۽ هڪ مهان قسم جي عزت ملندي رهندي. ڇو ته هن جي شاعري ايتري محبت جي حقدار آهي. هن جيڪو ڪجهه به لکيو، اهو پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم لاءِ لکيو. هن کي ڪنهن به وقت جي دوران ۽ ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هو هڪ عظيم ۽ منفرد شاعر هو. اهڙا شاعر ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن. انهن کي وسارڻ تمام مشڪل هوندو آهي. هو سدائين ياد رهندا آهن. انهن جي ياد اصل ۾ حسن جي ياد هوندي آهي. محبت جي ياد هوندي آهي.