ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي زميندارن کي اپيل

Editorial

سنڌ هن وقت تباهه حال آهي، ماڻهو دربدر آهن ۽ سنڌ جي معاشي حالت بنهه گهڻي خراب آهي. هڪ پاسي آبادگار فصل لڙهي وڃڻ ڪري تباهه ٿي ويا آهن ته ٻئي پاسي ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جا ماڻهو امداد جي آسري ۾ آهن ۽ ان کان سواءِ اهي حڪومت ڏانهن واجهائي رهيا آهن ته اها سندن هر حوالي سان مدد ڪري. سنڌ جي زرعي معيشت هاڻوڪي برسات ۾ سخت متاثر ٿي آهي. ان ڪري ننڍا زميندار ۽ آبادگار سخت پريشان لڳا پيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن انهن ماڻهن جي مدد نه ڪئي وئي ته انهن جي معاشي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿي ويندي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عالمي ادارن ۽ پرڏيهي ملڪن ٻوڏ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي پر ان امداد جي رسائي به ايمانداريءَ سان ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اها امداد حقدار تائين نٿي پهچي ته پوءِ ڪنهن به ريت انهن ماڻهن جي مدد نه ٿي سگهندي. تازو اسٽيٽ بئنڪ ٻوڏ متاثر هارين کي واڌو قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن ڀيري ٻوڏ متاثر هارين کي واڌو قرض ڏنو ويندو، هارين کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 381 ارب روپين جا واڌو قرض ڏنا ويندا. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته موجوده سال 1800 ارب روپين جي زرعي قرضن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي فصل لاءِ 140 ارب، ٽريڪٽر فنانسنگ لاءِ 45 ارب روپين جا قرض ڏنا ويندا. اسٽيٽ بئنڪ موجب هارويسٽرز سميت فارم مشينري لاءِ 20 ارب روپيا فراهمي جو هدف مقرر ڪيو آهي، غذائي تحفظ لاءِ قرض جي علامتي حد 60 هزارن مان وڌائي هڪ لک ڪئي وئي آهي، آبادگار بهتر فصلن لاءِ معياري ڪچو تيل استعمال ڪري سگهندا.
سنڌ ۾ اڳ ئي لکين آبادگار آهن، جيڪي قرض وٺي پنهنجا فصل اپائيندا رهيا آهن. هاڻ جيڪڏهن انهن کي وڌيڪ قرض ڏنو ويو ته اهي اهو قرض ڪهڙي ريت ادا ڪري سگهندا. تنهنڪري پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جا زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. ان کان سواءِ جيڪي وڏا زميندار آهن. جيڪي سياست ۾ سرگرم آهن ۽ اهي وزير مشير آهن. انهن کي به پنهنجن هارين جا قرض معاف ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته فصل ٻڏي وڃڻ کان پوءِ انهن هارين لاءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته اهي اهو قرض زميندار کي ڀري ڏئي سگهن. تنهنڪري سنڌ ۾ جيڪي به وڏا وڏا زميندار آهن، انهن تي اهو فرض ٿو بڻجي ته هارين جا قرض معاف ڪري سندن مدد ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ هاري هن وقت وڏي مصيبت ۾ آهن ۽ ان مصيبت مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن جو معاشي بار گهٽايو وڃي. معاشي بار گهٽائڻ لاءِ اهم ڪردار زميندار ادا ڪري سگهن ٿا ته ٻئي پاسي زرعي بينڪون ۽ ٻيا ادارا جيڪي هارين کي وياج تي قرض ڏيندا رهيا آهن. اهي به هارين جا قرض معاف ڪري کين ڪجهه رليف فراهم ڪن. هن وقت سنڌ جي هارين جي حالت اهڙي ناهي جو اهي قرض ڏئي سگهن. پر اهي ته ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳا پيا آهن. تنهنڪري اسٽيٽ بينڪ کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هاري يا آبادگار نه اڳوڻو قرض به ادا نه ڪري سگهندا ته جيڪڏهن انهن کي وڌيڪ قرض ڏنو ويو ته اهو قرض اهي ڪهڙي ريت ڏئي سگهندا.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي آفت جي وقت ۾ سنڌ جي زميندار تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي سنڌ جي هارين سان هن مهل تي وهنوار ڪن. انهن کي گهرجي ته هارين جي مدد لاءِ انهن کان جيترو ٿي سگهي مدد ڪرڻ کان نه ڪيٻائين. ڇاڪاڻ ته هيءَ ڪا ننڍي مصيبت ناهي. پر هاڻوڪي مصيبت مان نڪرڻ لاءِ وڏو وقت لڳي سگهي ٿو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هارين جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري کين حوصلو ڏنو وڃي.
ا

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button