
پاڪستاني اداڪارا اشنا شاهه ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي کي شاندار انسان قرار ڏيڻ سان گڏ کائنس نفرت جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ تي اشنا شاهه ويرات ڪوهلي کي تنقيد جو نشانو بڻائي کيس ساراهيو بھ آهي. هن شيئر ڪيل پوسٽ ۾ لکيو تھ، ڪوهلي تون شاندار انسان آهن، پر اسين توکان نفرت ڪيون ٿا. هوڏانهن مداح اشنا شاهه جي ان رائي کي پاڪستاني شهرين جي سوچ قرار ڏئي رهيا آهن.