حڪومت جو بنيادي ڪم ملڪ ۾ انتظامڪاري هلائڻ هوندو آهي. امن امان جي صورتحال کان وٺي عوام جي فلاح ۽ بهبود تائين سڀئي معاملا حڪومت جي ذميواري هوندا آهن. ان ڪري عملي طور حڪومت جو نظر اچڻ ضروري هوندو آهي، جيڪڏهن سڀئي معاملا عوام کي حل ڪرڻا آهن پر حڪومت ۽ حڪومت نمائندن جي هجڻ جو ڪو جواز نٿو رهي. پنهنجو تحفظ عوام کي ڪرڻو آهي، کاڌ خوراڪ جا مسئلا عوام کي حل ڪرڻا آهن ۽ ڪنهن به آفت مان نڪرڻ يا ان کي منهن ڏيڻ جو بندوبست به عوام کي ڪرڻو آهي ته پوءِ حڪومت ڪهڙي مرض جي دوا آهي. اها ڪهڙي ريت عوام جي ڀرجهلي ٿي سگهي ٿي. آفتن جي دور ۾ عوام کي وڌيڪ رليف جي ضرورت هوندي آهي. ان کي کاڌ خوراڪ کان وٺي صحت جون سهولتون توڙي تحفظ فراهم ڪرڻ انتظاميه جو ڪم هوندو آهي پر جڏهن کان سنڌ ۾ برساتن سبب تباهي ٿي آهي، ان کان پوءِ ته عوام جي حالت ويتر خراب ٿي وئي آهي. هاڻوڪين برساتن کان پوءِ هڪ پاسي ته برسات سبب ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ته ٻئي پاسي اهي آهن، جيڪي برسات کان ته بچي ويا آهن پر اهي مهانگائي سبب متاثر ٿي رهيا آهن.
سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين کانپوءِ خوراڪ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، هر طرف بک ۽ بدحالي واري صورتحال آهي، ڀاڄيون، ميوا ۽ کائڻ پيئڻ جون ٻيون شيون اڻلڀ ٿيڻ لڳيون آهن، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ موجود کائڻ پيئڻ جي شين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن، ڀاڄيون ۽ ميوا غريب جي پهچ کان پري ٿي ويا آهن. گذريل ٻن مهينن کان مسلسل پوندڙ برساتن جي ڪري ٻين فصلن جيان ڀاڄيون به سڙي ختم ٿي ويون آهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ ڀاڄين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ گودامن ۾ اسٽاڪ ڪيل ڀاڄين جا اگهه واپارين ۽ دڪاندارن چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن، سنڌ ۾ هر طرف رڳو بک، بيروزگاري، لاچاري ۽ بيوسي وارا منظر آهن، سڄي سنڌ برسات جي ڪري متاثر آهي ۽ ننڍن، وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو ٻوڏ متاثر تصور ڪري سگهجن ٿا، پر جيڪي ماڻهو شهرن ۾ محفوظ هئا ۽ ٻين جي مدد ڪري پئي سگهيا انهن ماڻهن جي پريشانين ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، ٻوڏ متاثر ماڻهو هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ به پريشان آهن، مٿان وري مهانگائي ٻوڏ متاثرن سميت سمورن شهرين کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ڀاڄين جي کوٽ جي ڪري ڀاڄين جي دڪانن تي ٽماٽا 5 سئو روپيا، پٽاٽا هڪ سئو روپيا، بصر 230 روپيا، گوبي 250 روپيا، ڀينڊي 3 سئو روپيا ۽ پالڪ 250 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، ڀاڄين ۾ سڀ کان وڌيڪ اگهه ٽماٽي جو ٿي ويو آهي. جيڪو حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 5 سئو روپيا ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، اهڙي ريت ٿوم، ادرڪ، ساوا ڌاڻا، مرچ، ڦودنو ۽ ٻيو مصالحو يا ته دڪانن تي موجود ناهي، جيڪڏهن ته موجود آهي ته ان جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عوام ۾ اهو خدشو پيدا ٿي ويو آهي ته ڀاڄين ۽ ميون جي اگهه ۾ واڌ کانپوءِ اٽي، دالين ۽ چانورن سميت کنڊ جي کوٽ وارو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ماڻهن اٽي، چانورن ۽ دالين جي خريداري وڌائي ڇڏي آهي، يوٽلٽي اسٽورن تي اٽو، داليون، گيهه، چانور ۽ کنڊ موجود ناهي، يوٽلٽي اسٽورن تان ماڻهو هٿين خالي موٽي رهيا آهن، سنڌ هن وقت خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ واري خدشي جو سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي، وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ واري معاملي کي سنجيدا ناهي ورتو.
هاڻ هن صورتحال ۾ حڪومت ڪٿي آهي. ضلعي انتظاميه ڪٿي آهي. جيڪڏهن هر واپاري پنهنجي مرضي موجب اگهه مقرر ڪري عوام کي مڏي ڪاتيءَ سان ڪهي رهيو آهي ته پوءِ انتظاميه عوام کي اهو ٻڌائي ڇڏي ته اهو پنهنجي مرضيءَ جو پاڻ مالڪ آهي، ان جي من ۾ جيڪو اچي سو ڪري ۽ واپارين جي مرضي آهي، اهي جنهن به اگهه تي ڪو اسم ڏيڻ چاهين ته ڏيندا رهن. آفت ۾ هن وقت عوام پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري رهيو آهي. عوام پنهنجي منهن برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهيو آهي پر حڪومت ڄڻ گم لڳي پئي آهي. جيڪڏهن حڪومت جي وس ۾ ڪجهه به ناهي ۽ اها عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ به نٿي چاهي ته پوءِ ان کي سڌي ريت اهو چوڻ گهرجي ته اها معاملن کي هلائي نٿي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ بنهه گهڻي ڳنڀير صورتحال آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حالتن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. واپارين جي من مانيءَ کي منهن ڏنو وڃي. انهن کي اها ڇوٽ بلڪل به نه ڏني وڃي ته اهي پنهنجي مرضي موجب شين جا اگهه مقرر ڪن. ڇا ضلعي سطح تي پرائس ڪنٽرول نٿي ٿئي جو واپارين عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن. ان ڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ حڪومت پنهنجي هجڻ جو ثبوت ڏئي ته جيئن عوام جو جيئڻ ڪجهه سولو ٿي سگهي جيڪو هن وقت آفت جي وات ۾ آهي.