
پاڪستاني اداڪارا امنا الياس چيو آهي تھ پاڪستان ۾ آئٽم گيت جو مطلب غلط ورتو وڃي ٿو ۽ اهڙو نالو سامهون ايندي ئي نامناسب تصور جوڙيو ويندو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ ماڻهو هن قسم جي گيتن ۾ ڀارتي اداڪارائن کي ساراهين ٿا ۽ اسان مٿان تنقيد ڪئي ويندي آهي، جيڪو ٻٽو معيار آهي. هن چيو تھ ماضي ۾ بابرا شريف ۽ ريشم جهڙين اداڪارائن آئٽم گيت ڪيا، ماڻهن انهن کي ساراهيو. جڏهن تھ آئٽم گيت تي ڪوبھ فنڪار رقص ڪري سگهي ٿو، ان کي نامناسب قرار ڏيڻ اجايو آهي.