برسات جون تباهيون ڪنهن کان به ڳجهيون ڪونه آھن ۽ هنن برساتن سبب وچولي سنڌ تباهه ۽ برباد ٿي وئي آھي. ماڻهو بي گهر ٿي ويا آھن. لکين خاندان روڊن تي پهچي ويا آھن، جن جي ڪنهن به سار نه لڌي آھي ۽ سنڌ واسي بي يارو مددگار ڪنهن غيبي طاقت جا منتظر بڻيل آھن. حڪومت پاران بي گهر ٿيل برسات متاثرن لاءِ موڪليل تنبو ۽ راشن ڊي سي آفيسن ۾ پهچڻ کان پوءِ ائين غائب ٿي ويو جيئن ڳئون جا مٿيان ڏند.
هڪ ته سنڌ ۾ برسات جي تباهڪارين سبب ڪيترائي گهر ڪري پٽ ٿي ويا آھن ته ڪيترائي زبون حال ٿي ويا آھن. ٻيو ته قھر اهو آھي جو شھرن ۾ مقرر ميونسپل عملدارن ۽ ٽائون عملي شھرين جي ڪابه واهر ڪانه ڪئي آھي. شهرن ۾ پاڻي تلائن جو ڏيک ڏئي رهيو آھي ۽ ٽائون عملدارن پنهنجو روايتي ونگاري ڪردار نڀائيندي شھر جي سار سنڀار لاءِ ورتل جهٽا ۽ جرنيٽر بااثر ڀوتارن کي پنهنجي زمينن مان برسات جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا آھن. ظلم جي انتها وري اها آھي جو اهو پاڻي سم نالن بدران شاخن ۽ واهن ۾ لوڙھيو ويو آھي. سنڌ ته سموري سورن ۾ آھي پر ساهتي پرڳڻي طور مشهور سنڌ جي مرڪز نوشھروفيروز ضلعي ۾ ته ڀوتارڪي لڏي انتها ڪري ڇڏي آھي. ڪنڊيارو جي بااثرن درٻيلي، مڃٺ جي بااثرن پنهنجا فصل بچائڻ خاطر برساتي پاڻي جهٽن ۽ ٽينڪرن وسيلي سم نالن ۽ سهڙا مائينر ۽ درٻيلو مائينر ۾ ڇوڙ ڪيو جنهن سبب پڇڙيءَ جي آبادگارن پنهنجا ڳوٺ بچائڻ لاءِ شاخن کي ٻنڍا ڏئي هٿيار کڻي سنڀار تي ويهي رهيا. جن کان جڏهن ڊي سي نوشھرو فيروز ٻنڍا کولڻ جو چيو ته ڳوٺاڻن ٻوڏ ۽ نقصان جو جواز ڄاڻائي چيو ته فصلن جا جهٽا بند ڪري آبادين جو پاڻي ڀلي نيڪال ڪريو جنهن سان گهڻو نقصان نه ٿيندو. جڏهن ڊي نوشھرو فيروز اهي زمينداري جهٽا بند ڪرائڻ لاءِ نڪري پيو ته کيس موبائيل تي ڪال آھي جنهن کان پوءِ ڊي سي نوشھرو فيروز ساهتي پرڳڻي ٺاروشاهه شھر کي وساري گم ٿي ويو جنهن کي ٻيون هفتو هلي رهيو آھي پر شھر جو پاڻي نيڪال نه ٿيو آھي.
ڪنڊيارو، درٻيلو ۽ مڃٺ جو برساتي پاڻي سم نالن ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پوءِ سم نالن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، جنهن لاءِ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سم نالا هٿ وٺي هٿيارن جي زور تي بااثرن ٽوڙائي ڇڏيا آھن. جيڪو پاڻي پنهنجا رستا ٺاهيندو وڌندو اڇي مسجد، جمال اڄڻ، پيربخش اڄڻ، کاهه جاگير، دالي، اڄڻ جا ڳوٺ، ڦلوءَ جو واهڻ، ڳوٺ قادر بخش ساند، ور موري، جروار، لاڙڪ، ڪوٽائي پير، الهرکيو راڄپر، الهڏتو راڄپر، لوهاچ، تڳياڻي ماڇي، هني واهڻ، لاشاري، چاچڙ، کاهي ممن، لڙھي، ذونقي ڪلهوڙو، لنگيا، پير پانڌي سميت سوين ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو آھي، جيڪو برسات ختم ٿيڻ باوجود ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي ۽ پاڻي روڪڻ ڳوٺاڻن جي وس کان وڌي ويو آھي. جڏهن ته هڪ ڀاڱي ٽي گهر برسات سبب ڪري پيا هئا. باقي رهيل گهر پاڻي لوڙھي ۽ ڪيرائي رهيو آھي جڏهن ته ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. پر ضلعي نوشھرو فيروز جي انتظاميا وڌندڙ پاڻي نيڪال ته ناهي ڪيو پر ان کي روڪڻ ۾ ناڪام ويا آھن. جيڪڏهن ضلعي انتظاميا تحرڪ وٺي ۽ نيڪ نيتي سان اڳبرائي ڪري ٿي ته وڌندڙ پاڻيءَ کي ٻنجو اچي سگهي ٿو جنهن سان هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۽ لکين انسان ذات جو ڀلو ٿي سگهي ٿو.
ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آھي ته برساتي اسڪيل کان پوءِ لڳاتار وڌندڙ پاڻي ڄاڻي واڻي چونڊيل نمائندن، انهن جي رشتيدارن ۽ پارٽي عهديدارن ڇوڙ ڪرايو آھي جنهن کان پڇاڻو ڪرڻ جي ڪنهن کي مجال نه آھي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت تر جيتري به سنجيده آھي ته وڌندڙ پاڻي روڪجي ۽ شھرن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪيو وڃي يا ته پاڻ سنڌ حڪومت تحرڪ وٺي. ٻي صورت ۾ مدد لاءِ آرمي کي گهرائي ان جي مدد سان وڌندڙ پاڻي روڪرائي ۽ شھرن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. باقي چونڊيل نمائندن توڙي حڪمرانن سستي ۽ نا اهليءَ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. شھيد ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺندڙن کي خيال ڪرڻ گهرجي ته ووٽر هوندا ته ووٽ به ڏيندا ۽ حڪمرانيءَ جا مزا به ماڻيندا ۽ ووٽر ئي نه هوندا ته هو ڪنهن جي ووٽ تي ڪامياب ٿي چونڊبا ۽ غريبن جا حق کائي عياشيون ڪندا؟
ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته حڪمرانن کي جيئن موسميات کاتي پاران آگاهه ڪيو ويو هو ته تيز برساتي سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿيندو ۽ خبر هوندي سوندي حڪمرانن ان مسئلي کي سنجيده نه ورتو ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌ تباهه ٿي وئي. جيڪڏهن حڪمران توڙي انتظاميا اڳواٽ الرٽ جاري ٿيڻ شرط هوش کان ڪم وٺن ها ۽ لاغرضي کان ڪناره ڪشي ڪري ميدان عمل ۾ اچن ها ته ايترو نقصان نه ٿئي ها.
ڏٺو وڃي ته هڪ پاسي سنڌ ٻڏي رهي هئي، ٻئي پاسي حڪمران توڙي اردو ميڊيا فقط شھباز گل تائين محدود هئا. ڪروڙين ماڻھن کي نظر انداز ڪري فقط شھباز گل تي فوڪس ڪرڻ تي سنڌ جي تاريخ اردو ميڊيا کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ڇاڪاڻ ته سنڌ لڙھي رهي هئي ۽ اردو ميڊيا شھباز گل تائين محدود هئي. وقت جا وهڪرا گذري ويندا پر سنڌ سان ناروا سلوڪ ضرور ياد رکيو ويندو.
هڪ حڪومتي نمائندي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي جنهن ۾ اها شخصيت برسات متاثرن ۾ پنجاهه روپيا ورهائي رهي آھي. عجيب ڳالهه آهي ته هن افت جي دور ۾ پنجاهه روپين جو ڪهڙُو ملهه آهي، اهو اڳواڻ هيترو پنڌ ڪري آيو هوندو ته ڀاڙو ئي هزار کان مٿي آيو هوندو پر جنهن شخصيت فراخ دليءَ جو مظاهرو ڪندي پنجاهه روپيا في برسات متاثرن کي ڏنا. ان اڳواڻ پنهنجي حيثيت عوام آڏو وائکي ڪرائي آھي ته هو پنجاهه روپين کان وڌيڪ نٿو ڏئي سگهي پر انهن کان هڪ سوال آھي ته اها ملڪيت آخر ڪنهن لاءِ گڏ ڪري رهيا آھن؟
دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ برساتن کي ماڻهو انجواءِ ڪندا آھن ۽ سنڌ ۾ برساتن دوران ماڻھو پنهنجن جا لاشا کڻندا آھن. ڪريل گهرن تي ويهي روئندا آھن. اها آھي ناقص حڪمراني جي نشاني. ڪرپشن جي ماهرن جي حڪمراني، حڪمرانن جي ڪرپشن سنڌ کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي. حد ٿي وئي جو برسات دوران جيڪي حڪمران ڪجھه نٿا ڪري سگهن ته ڪنهن وڏي آفت کي ڪيئن منهن ڏيندا؟ حڪمرانن جي لاپرواهي سنڌ جو عوام ڪڏهن به وساري ڪونه سگهندو.