ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀٽن منجهھ ڀونچال – X

Editorial-Article-Noor Muhammad Bajeer

ٿر ۾ کنوڻ جا ڀونچال:
ٿر ۾ اھا چوڻي مشھور آھي تھ “وٺو تھ ٿر نھ تھ بر”. ائين کڻي چئجي تھ ٿر جي ماڻھن لاءِ برسات سڀ ڪجھه آھي. اڀ ۾ ڪڪرن کي پسي اندر ۾ سرھائي محسوس ٿيندي آھي. ھوائن جي رخ مان ۽ بادلن جي بيھڪ مان برسات جي وڌ يا گهٽ ھجڻ جو اندازو لڳائي سگھندا آھن. ھر پاسي کان ايندڙ برسات جي خاصيتن، جٽاءُ ۽ اثرن جو چڱي ريت ڪاٿو ھوندو آھي. اتر جي ھوا برسات جي نويد آڻيندي آھي ۽ اوڀر جي ھوا برسات جي ٺھيل مانڊاڻ کي گهڙي پل ۾ ختم ڪري ڇڏيندي آھي. چوماسي جي رت ۾ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ جي ھوا کي گهڻو ڪري ڏڪار جي ھوا سمجھيو ويندو آھي. ڏکڻ جو ھوا لڳڻ سان برسات گهٽ وسندي آھي پر جيڪڏھن برسات وسي تھ پوءِ لڳاتار يعني 5 کان 7 ڏينھن تائين وسندي آھي.
آسمان تي ھلڪي پڇ پکين پرن يا مڇي جي ڇلر وانگر ھوندي آھي تھ ان کي تتر کرڙي چئبو آھي. يعني تتر جي پرن تي جيڪا قدرتي ڊزائين ھوندي آھي، انھيءَ سان مشابهت ڏيندا آھن. انھيءَ تتر کرڙيءَ کي ڏسي برسات جي حوالي سان ٺھندڙ موسمي موڊ يعني آگم جي اچڻ جو اندازو لڳائيندا آھن. اھڙي طريقي سان چنڊ ۽ سج جي چوڌاري ھڪ گول دائرو نظر ايندو آھي، انھيءَ کي ڪونڊو سڏبو آھي ۽ انھيءَ قدرتي ٺھيل ڪونڊي مان پڻ برسات جو پتو لڳايو ويندو آھي.
کنوڻ جي تجلي ۽ گوڙ جي آواز مان برسات جي ويجهو يا پري ھجڻ جو اندازو لڳائي سگھندا آھن، کنوڻ جا آسمان تي منظر ڏاڍا پيارا ھوندا آھن ۽ انھن جو رخ جيڪڏهن ھيٺ زمين ڏانهن ھوندو آھي تھ انھيءَ کي وڄ چئبو آھي. جنھن جي روشني اکين جي سھپ کان مٿي ھوندي آھي ۽ ڪجهه سيڪنڊن کان پوءِ ڪڙڪاٽ دل ڏھڪائيندڙ ھوندا آھن. ٿر جي لوڪ ڏاھپ مطابق وڄ گهڻو ڪري ڪاري رنگ واري جانور، چندن گوهه، انسان، ڊگهي وڻ ۽ ڪانجھي (ڪانسي) سان ٺھيل ٿانو تي ڪرندي آھي. کنوڻ کان بچڻ لاءِ عام طور تي اڪ جي ٽاريءَ کي گھر جي مٿان رکبو آھي پر اھي سمورا ٽوٽڪا غير سائنسي ۽ غير منطقي آھن. انھن ٽوٽڪن سان فقط دل کي ٿوري گهڻي تسلي ملندي آھي.
کنوڻ ٿيڻ ۽ ڪِرڻ ھڪ قدرتي عمل آھي پر ٿر ۾ گذريل ڪجھه سالن کان وڄ ڪرڻ جا واقعا غيرمعمولي ٿيا آھن ۽ جاني توڙي مالي نقصان تمام گهڻو ٿيو آھي. گذريل ٻن سالن جا انگ اکر ڏسجن تھ چوپايو مال خاص طور تي ڳئون، اٺ ۽ ٻڪرين جا ڌڻ مري ويا آھن. تازو ٿر ۾ ھڪ ئي واقعي ۾ 200 ٻڪريون مري ويون. جانورن سان گڏ ٿر ۾ انسانن خاص طور عورتن تي وڄ ڪرڻ جا واقعا وڌيڪ ٿيا آھن. 2019ع ۾ ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب 17 ڳوٺاڻا فوت ٿيا جنھن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل ھئا.
انھيءَ ڏس ۾ ھڪ تھ کنوڻ ڪرڻ جي سائنس کي سمجھڻ جي ضرورت آھي ۽ ٻيو انھيءَ جي بچاءُ لاءِ عوامي ۽ حڪومتي سطح تي ڪجھه اپاءُ وٺڻ گهرجن. کنوڻ حقيقت ۾ اليڪٽريڪل ڊسچارج آھي. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي تھ کنوڻ، اليڪٽرڪ ڪرنٽ جو ڪڪر جي هڪ حصي کان ٻئي حصي يا هڪ بادل کان ٻئي بادل يا بادل کان ڌرتي ڏانهن وِھڻ کي چئبو آھي. ڪڪرن تي ڪاٽو ۽ واڌو چارجز گاٺِ يعني فِرڪشن جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. بادل پنهنجو پاڻ سان ۽ ھوا سان ٽڪرائجندا رهن ٿا. گاٺ جي نتيجي ۾ ساڳئي ڪڪر جي هڪ حصي تي ڪاٽو ۽ هڪ حصي تي واڌو چارجز يا هڪ بادل تي ڪاٽو ۽ ٻئي تي واڌو چارجز جمع ٿي پون ٿيون، پوءَ اهي چارجون، ڪاٽو کان واڌو ڏانهن وهڻ شروع ڪن ٿيون. جڏھن وهن ٿيون تڏهن روشني پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي کنوڻ چئبو آھي. جڏهن اهي اليڪٽريڪل چارجز هوا مان وهن ٿيون، تڏھن هوا ۾ موجود گئسن جي ماليڪيولن جا ائٽم گرم ٿي آيونائيز ٿي وڃن ٿا، جنهنڪري چارجن کي اڳتي وهڻ جو وسيلو ملندو رهي ٿو ۽ انهيءَ عمل دوران آواز پيدا ٿئي ٿو جنهن کي گاج يا گوڙ چئون ٿا.
بادل جي مٿئين سطح تي واڌو ۽ ھيٺئين يعني ڌرتي واري پاسي ڪاٽو چارج گڏ ٿين ٿيون. بادل جي ڌرتي واري پاسي واريون ڪاٽو چارجز، ڌرتيءَ تي واڌو چارجز گڏ ڪن ٿيون. نتيجي ۾ بادل کان چارجز ڪرنٽ جي شڪل ۾ ڌرتي ڏانهن وهڻ لڳن ٿيون. جنهن کي کنوڻ جو ڪِرڻ يعني وڄ چئبو آھي.
عام طور تي کنوڻ صحرائي علائقن ۾ گهڻو ڪري ٿي، مثال طور دنيا ۾ وچ آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ وڄن جي ڪرڻ جا انگ اکر وڌيڪ رھيا آھن. موسمياتي تبديلين جي ڪري ھڪ تحقيق مطابق 2100ع تائين کنوڻ ڪرڻ جا واقعا پنجاهه سيڪڙو وڌي ويندا. ڌرتيءَ جو گرمي پد وڌڻ سان گڏ کنوڻ جي ڪِرڻ جي شرح وڌي آھي.
ھتي کنوڻ کان بچاءُ جون ڪجهھ تجويزون عرض رکجن ٿيون:
1-برسات دوران موسم جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ٻاھر نڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن گهڻي کنوڻ واري موسم ھجي تھ کليل جاءِ تي ڦرڻ يا ويھڻ کان پاسو ڪجي.
2-کنوڻ واري برسات ۾ ڪمري، ڪار يا گاڏيءَ جا دروازا بند رکجن، بند ڪمرو يا بند گھر سڀني کان وڌيڪ محفوظ جڳھه آھي.
3-کنوڻ گهڻو ڪري وڏن ۽ ڊگهن وڻن تي ڪري آھي، انھيءَ ڪري برسات ۾ وڻن ھيٺ ويھڻ کان پاسو ڪجي.
4-دنيا ۾ ٻئي نمبر تي سڀ کان گهڻو کنوڻ پاڻيءَ تي ڪري آھي. انھيءَ ڪري پاڻيءَ جي تلائڻ يا ٽوڀن جي ڀر سان چوپائي مال کي نھ ڇڏجي ۽ نھ ئي پاڻ کي اتي وڃڻ گهرجي.
5-بجليءَ جي ٿنڀن ۽ ٽرانسفارمرس تي کنوڻ جي ڪرڻ جا واقعا وڌيا آھن، انھيءَ ڪري اھڙي جڳھه کان پڻ پاسو ڪجي.
6-مينھون، ٻڪريون ۽ ٻئي چوپايو مال کي ڪنھن محفوظ ۽ بند گهر يا واڙي ۾ بند ڪرڻ گهرجي.
7-ٽيليفون، موبائيل ۽ سولر سسٽم وغيره کي استعمال نھ ڪجي ۽ حفاظت سان ڪمري اندر رکڻ گهرجي.
8-عمارت جي ڇت تي پتل يا ٽامي جي لٺ ۾ بجلي يا ٽيليفون جي تار ٻڌي سندس ڇيڙي کي زمين ۾ پوري ڇڏجي، جنھن سان وڄ جو سمورو ڪرنٽ وائر وسيلي زمين ۾ جذب ٿي ويندو ۽ نقصان جو انديشو نھ رهندو.
9-حڪومت کي بجلي واري لٺ يعني لائيٽننگ راڊ ٿر جي مختلف ھندن تي وڏن وڻن ۽ جڳھين تي لڳائڻ ۾ ڳوٺاڻن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
10-کنوڻ ڪرڻ جي باري ۾ سائنسي معلومات جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آگاھي مھم شروع ڪجي ۽ اڳواٽ اپاءَ وٺڻ لاءِ ڳوٺاڻن کي تيار ڪجي.
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button