هر دور ۽ خاص طور تي اهم ۽ خاص دورن ۾ ڪجهه خاص جملا جنم وٺندا آهن. اهي جملا انهن دورن جي روح جي ترجماني ڪندا آهن. اهي جملا ان دور جي اصل حقيقت کي بيان ڪندا آهن. اهي جملا ان دور جو پوسٽ مارٽم ڪري ان دور جي ڪوڙ ۽ دوکي جا سمورا سبب ۽ اثر ظاهر ڪري ڏيکاريندا آهن. اهي جملا تاريخ ۾ سدائين ياد رکيا ويندا آهن. ڇو ته اهي جملا تاريخ جي تبديليءَ جو سبب بڻبا آهن. انهن جملن ۾ تاريخ جي ان مخصوص دور جو سمورو تت شامل هوندو آهي.
اسان وقت جي هڪ خاص دور ۾ جيئڻ جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون. ممڪن آهي ته هن دور کي سنڌ جي اتهاس ۾ “پاڻيءَ جو دور” پڪاريو وڃي. تاريخ صرف پٿر جو دور يا ڌاتوءَ جو دور يا غلاميءَ جي دور تائين محدود ڇو آهي؟ دورن جي اهڙي ورڇ ۽ ونڊ ۾ اهي دور به ته شامل ٿين، جن جا انسانن جي ته ڇا پر زندگيءَ جي هر روپ مٿان تمام بنيادي ۽ بيحد گهڻا اثر پيا. سنڌ هن وقت جنهن دور مان گذري رهي آهي، ڇا ان دور ۾ صرف انسان ڀوڳي رهيا آهن؟ ڇا سنڌ جا جانور، ڍور ڍڳا ۽ پکي پکڻ توڙي جيت جڻيا ان تڪليف مان نه ٿا گذرن؟ ڪيترا ڏاند، ڪيتريون ڳئون، مينهون، ٻڪريون ۽ ڪيتريون رڍون ٻوڏ بڻجي ويندڙ برسات جي ويرن ۾ لڙهي ويون؟ پر تاريخ تي سدائين انسانن جو قبضو رهيو آهي. تاريخ سدائين زندگيءَ جي ٻين روپن کي نظرانداز ڪري صرف انسانن کي فوڪس ڪيو آهي. هن وقت جيڪڏهن اسان ٻين سمورن جيون کي ڇڏي صرف ماڻهن جي پيڙا تي نظر وجهون ته اسان جي ديس ۾ هن مهل ماڻهو “پاڻيءَ واري دور” مان گذري رهيا آهن. ڇو ته هن دور ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. بلڪل ائين جيئن انگريز شاعر ڪولرج پنهنجي جڳ مشهور نظم Ancient Mariner يعني “قديم ناکئا” ۾ اهي لفظ لکيا آهن ته:
Water, water everywhere, nor any drop to drink
يعني: هر هنڌ هر جاءِ پاڻي پاڻي
پيئڻ لاءِ پر بوند نه ڪائي!
ڪجهه اهڙي ڪيفيت مان اسان جي وطن جي سرزمين به گذري رهي آهي. هن وقت پاڻيءَ جي لاءِ ته نه پر گهر ڪيرائڻ، ڳوٺ ٻوڙائڻ ۽ ماڻهو مارائڻ لاءِ هر هنڌ ۽ هر جاءِ پاڻي ئي پاڻي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر انسانن جي اکين ۾ به صرف پاڻي ئي پاڻي آهي. اهو پاڻي جيڪو پي نه ٿو سگهجي. اهو پاڻي جنهن ۾ تمام گهڻي پيڙا آهي.
سو! اسان هن مهل پاڻيءَ جي دور مان گذري رهيا آهيون ۽ هن دور ۾ اسان جي سياست جيڪو خاص جملو اوڳاڇي رهي آهي، اهو آهي “هي سياست جو نه پر خدمت جو وقت آهي” اهو جملو اڳ به ميڊيا جي زينت بڻيو آهي. اهو جملو هر ان مهل نانگ وانگر ٻر مان پنهنجي ڄڀ مرڪائي ٻاهر آيو آهي، جڏهن ملڪ مٿان ڪا قدرتي آفت آئي آهي. جڏهن به ڪي زلزلا يا سيلاب آيا آهن، تڏهن ان جملي پنهنجو اظهار ڪيو آهي. هن وقت اسان جنهن قدرتي آفت واري دور مان گذري رهيا آهيون، جيڪڏهن ان دور کي “آفتن جي ماءُ” جهڙو دور ڪوٺيون ته غلط نه ٿيندو. آفتن جي آفت واري هن دور ۾ ان جملي جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ خاص طور تي اهو جمل انهن حڪمرانن جي واتن مان گگ وانگر وهي رهيو آهي، جيڪي حڪمران اڄ کان ڪجهه وقت اڳ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ سهڪي رهيا هئا. جڏهن انهن کان پڇيو ٿي ويو ته اوهان ڪهڙي ڪرت ۾ آهيو؟ تڏهن انهن اهو جواب ٿي ڏنو ته اسان ملڪ ۽ عوام کي بچائڻ جي عظيم مهم ۾ مصروف آهيون. جڏهن ته هاڻي حقيقت جي ٻلي انهن جي حڪمت عملين جي ٿيلهين مان ٻاهر اچي وئي آهي.
اهي سمورا سياسي ڪردار جيڪي ٽولا ٺاهي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ۽ پنهنجيون واڇون ٽوڙي ڏندن جي مڪمل نمائش ڪندي چوندا هئا ته هو ملڪ بچائڻ نڪتا آهن، اهي سمورا سياسي ڪردار ڄڻ ته ٻوڏ جي لهرن ۾ لڙهي ويا آهن. انهن جو ڪٿي ڪو پتو نه ٿو پوي. ڪٿي آهي آصف زرداري؟ ڪٿي آهي مولانا فضل الرحمان؟ ڪٿي آهي عمران خان؟ ڪٿي آهن؟ انهن جا حواري ۽ حوالي! اڄ هو ڪا پريس بريفنگ ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن. هر ڪنهن کي صحت جي مسئلي جڪڙيو آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هڪ اڌ کي ڇڏي باقي سمورن جي وات تي اها ساڳي وائي آهي ته “هي سياست جو نه پر خدمت جو وقت آهي”
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سڀ ڪجهه ڄاڻندي ۽ انهن جي اتي پتي کي سڃاڻندي به ميڊيا ماٺ آهي. جڏهن ته اهڙي بيان بعد ميڊيا کي انهن کان پڇڻ گهرجي ته ڇا سياست ۽ خدمت ۾ فرق آهي؟ ڇا سياست ۽ خدمت ٻه متضاد لفظ آهن؟ جيڪڏهن ائين آهي ۽ يقيني طور تي ائين آهي ۽ ايئن ئي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ان ڪري ٿيو آهي جو سياست ۽ خدمت نه صرف ٻه مختلف پر ٻه متضاد لفظ بڻجي ويا آهن. جڏهن ته اهي ساڳيائي ڪردار آهن. جيڪي بقول سندن جڏهن سياست ڪندا هئا، تڏهن چوندا هئا ته هو خدمت ڪري رهيا آهن. پر هاڻي جڏهن بقول سندن هو خدمت ڪري رهيا آهن، تڏهن به هو سياست ڪري رهيا آهن. اها خدمت جي دعويٰ به سياسي آهي. ڇو ته هو اهي سانڊا آهن، جيڪي ماحول جي مطابق رنگ مٽائڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ انهن ۾ صرف اهائي صلاحيت آهي ته انهن جي وات ۾ هڪ نه ست ست زبانون آهن. هو پنهنجي مفادن لاءِ زبانون لهرائي پنهنجي مفادن جي ٻولي ٻولڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿا. انهن جي اهڙي هوشياري ۽ چالاڪي اسان جي ديس کي هن حال ۾ پهچايو آهي جو اسان جي چوگرد پاڻي ئي پاڻي آهي.
سنڌ پاڻيءَ جي لاءِ پڪاريندي رهي آهي پر ان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته پنجاب پاڻيءَ جي ڦرلٽ بند نه ڪندو ۽ آسمان پنهنجن درياهن جا دروازا کولي ڇڏيندو ۽ ايترو پاڻي ايندو جو ان ۾ صرف انسان ئي نه پر انهن جون آباديون به ڪک پن بڻجي لڙهنديون وينديون. اڄ سنڌ جو منظر تمام گهڻو مغموم آهي. ڇو ته هن ديس تي اهڙو ڪو خشڪ ٽڪرو باقي نه بچيو آهي، جنهن تي انسان سک جو ساهه کڻڻ لاءِ ويهي سگهي. هر هنڌ پاڻي آهي. ايترو پاڻي ۽ اهڙو تيز پاڻي جو ان ۾ گهرن جا گهر لڙهي رهيا آهن. پاڻيءَ جي انهن تيز ڌارائن سبب سياستدانن جي چهرن تي لڳل منافقيءَ جا سمورا ميڪ اپ لهي ويا آهن. هن برسات تمام گهڻو نقصان پهچائڻ سان گڏ جيڪي تمام ٿورا فائدا ڏنا آهن، انهن ۾ هڪ فائدو اهو به آهي ته هن برسات سبب اقتداري سياست جو اصل چهرو پڌرو ٿي پيو آهي. هن جي منهن تي مليل حب الوطني ۽ انسان دوستيءَ جو سمورو ميڪ اپ لهي چڪو آهي. عوام جنهن کي پنهنجي دل جي دوشيزه پئي سمجهيو اها اصل ۾ ڏائڻ هئي. ان ڏائڻ جي مک مٿان سمورو ليپ لهي ويو آهي. ان جا سمورا ڪرتوت پڌرا ٿي پيا آهن. هن عوامي قدمت جي نالي ۾ جيڪا لٽ مار ڪئي، ان جا سمورا ثبوت پاڻيءَ جي لهرن ۾ لڙهن ٿا. اهو پاڻي جيڪو ڪٿي گجگاٽ ڪري وهي رهيو آهي ۽ ڪٿي بيٺل آهي، اهو پاڻي آئينو به بڻجي ويو آهي ۽ ان آئيني ۾ اقتداري سياست ڪندڙ پنهنجو اصل چهرو ڏسڻ جي همت نه ٿا ڪري سگهن.
سياست جي منهن تان جڏهن نقاب لهي ويو آهي ۽ جن کي چوڪيدار سمجهيو ويو هو، جڏهن اهي چور نڪري پيا آهن، تڏهن انهن جو عوام کان ڀڄڻ ته ڏسو. هن مهل حالت اها آهي ته جيڪي ووٽ وٺڻ ۽ عوام کي ڪڏهن دلاسا ۽ ڪڏهن داٻا ڏيڻ جي لاءِ ڦرندا وتندا هئا، اهي دور دور تائين نظر نه ٿا اچن. انهن کي ايترو خوف ورائي ويو آهي جو هو ماڻهن جي سامهون اچڻ لاءِ تيار ناهن. ان حالت ۾ اهوئي ٿيندو آهي. جڏهن چوڪيدار ثبوت سميت چور نڪري پوي ته پوءِ گهر ڌڻي انهن سان جيڪو حشر ڪندا آهن، ان حشر جي خوف سبب اقتداري سياستدان پنهنجن محفوظ ٻرن ۾ لڪي ويا آهن ۽ رستن تي صرف ۽ صرف اهي گهمي رهيا آهن، جن جي دامن مٿان ڪنهن به ڪرپشن جو ڪو داغ لڳل ڪونهي.
اهو عوام جو خوف آهي. اهو عوامي احتساب جو ڊپ آهي. جنهن جي ڪري اقتداري سياست جا گولڊ ميڊل يافتا کلاڙي ميڊيا معرفت پنهنجن مخالفن کي منٿون ڪري رهيا آهن ته هي وقت سياست جو نه پر خدمت جو آهي. جيڪڏهن هي وقت خدمت جو آهي ته ان جو مطلب آهي جيڪي پويان سمورا سال هئا، انهن ۾ هو صرف ۽ صرف سياست ئي ڪري رهيا هئا ۽ اها سياست اهڙي هئي، جيڪا خدمت جي مخالف هجي. خدمت جي خلاف ٿيندڙ سياست جو اهو ئي منطقي نتيجو نڪرڻو هو، جيڪو نڪتو آهي. هن وقت اها سياست ڪنڌ کڻڻ ته ڇا پر پنهنجي مڪروهه منهن جي هڪ جهلڪ به ڏيکارڻ جي لاءِ تيار ناهي. اهي سمورا سياستدان جن “سياست ۽ خدمت” ۾ فرق پيدا ڪيو، اهي سڀ مجرمن وانگر مفرور آهن. جيڪڏهن هن دور ۾ سنڌ جي خدمت ڪرڻ وارن کي چئجي ٿو ته هو عوام جي آڏو اچن ته انهن ۾ هڪ تمام وڏو خوف پيدا ٿي پوي ٿو. هو سمورا ڏڪڻ لڳن ٿا. انهن کي انهن جا گناهه ياد اچن ٿا. انهن کي ڀئه آهي ته ڪٿي ماڻهن کي انهن جا مڪروهه ڪم ياد نه اچي وڃن. ان ڪري هو سڀ پنهنجيون سياسي مرليون بند ڪري ماٺ ٿي ويا آهن ۽ هر کڙڪي تي هو ڇرڪي ڏسن ٿا ته ڪٿي ڍڳي جا وارث پهچي ته نه ويا؟ اهو ئي ڪجهه ٿيندو آهي. جڏهن حالتون مڪروهه چهرن تان نقاب لاهي وٺنديون آهن ته اهو ئي ڪجهه ٿيندو آهي، جيڪو ڪجهه هن مهل “سياست ۽ خدمت” ۾ موجود فرق بيان ڪري رهيا آهن. انهن ڪردارن جي ڪري ئي ته ماڻهو پاڻيءَ ۾ ڇڻيل پنن وانگر تري رهيا آهن. هي دور انهن ڏوهارين جي ڪارگذارين سبب سنڌ جي تاريخ ۾ “پاڻيءَ جو دور” لکيو، پڙهيو، سوچيو، سمجهيو ۽ سڏيو ويندو.