مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ مريم نواز تي هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي جيان فوٽو سيشن ڪرائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ميڊيا مطابق مريم نواز هڪ ڏينهن اڳ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن وٽ اچي ساڻن انهن سان گڏ وقت گذاريو،
جنهن دوران مريم نواز ٻوڏ متاثرن سان ملڻ وقت ڪارو وڳو پائي آئي ۽ ڏکائتو انداز بھ اختيار ڪيو، هن متاثرن کي غمگين نموني سان ڀاڪر بھ پاتا هئا. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي اداڪارا انجلينا جولي ۽ مريم نواز جي هڪ ئي انداز واريون تصويرون وائرل ڪري ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.