ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تاريخ ڇا آهي؟

Editorial-Article-Dr.Mubark Ali

تاريخ ڇا آهي؟ اُنهي جو آسان جواب هيءَ آهي ته “انساني سرگرمين جو ماضيءَ وارو داستان.” پر هي داستان وکريل ۽ بي ترتيب آهي ۽ تاريخدان اُن داستان کي سلسليوار ٺاهي ۽ واقعن کي هڪٻئي سان ملائي، اُن ۾ مفهوم پيدا ڪندو آهي. اُنهيءَ مرحلي ۾ هڪ ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ماضيءَ ۾ انسان جيڪي ڪجھه ڪيو، ڇا اُن جو اِهو عمل ڪنهن منصوبي جو پابند هو؟ اُهو ڪنهن نظام ۽ قانون جي تحت هو يا اُن جو عمل فقط بي ترتيبي، انتشار ۽ ڪنهن مقصد بنا هو؟
هن سوال تي اچي مفڪرَ اختلافِ راءِ جو شڪار ٿين ٿا. اُنهن مان هڪڙي جماعت جو استدلال/ دليل آهي ته انساني عمل جي پسمنظر ۾ هڪ منصوبو ۽ مقصد لڪيل رهيو آهي ۽ اُن جي عمل کي قانونن ذريعي متحرڪ رکيو ويو آهي. هيگل انهيءَ ڳالھه جي وضاحت هيئن ڪئي ته “تاريخي عمل جي پويان هڪ منصوبو هوندو آهي ۽ اُنهيءَ عمل کي ڪرڻ وارا به اُن کان ناواقف هوندا آهن. فطرت فقط انهن کان پنهنجي مقصدن جي تڪميل ڪرائيندي آهي ۽ جڏهن ھُن جا مقصد پورا ٿي ويندا آهن ته ھن جا هي ايجنٽ به پنهنجي قوت ۽ توانائي وڃائي ختم ٿي ويندا آهن.”
ويچو موجب (ويچو مغرب جو اُهو پهريون فلسفي آهي، جنهن تاريخ جي فلسفي کي هڪ ضابطي ۽ ترتيب سان پيش ڪيو.) خدا يا ڪائي پُراسرار طاقت ناهي جيڪا تاريخي عمل کي جاري رکي ٿي، پر اُن جو خالق انسان پاڻ آهي، جيڪو پنهنجي تاريخ کي پاڻ ٺاهي ٿو.
اُهي مفڪرَ جيڪي تاريخ ۾ ڪنهن منصوبي جو تعين ڪن ٿا، اُنهن تاريخ کي وسيع تناظر ۾ ڏٺو. انهن جو چوڻ آهي ته تاريخ جي وسعت تمام گهڻي آهي، ان ڪري فقط ڪنهن هڪ عهد ۽ زماني جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ تاريخي عمل ۽ ان جي قانونن کي مقرر نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري انساني تاريخ جو مڪمل ۽ وسيع مطالعو ان جي وضاحت ڪندو ته انسان ڪهڙن قانونن جي تابع آهي ۽ ھُو ڪنهن منصوبي جي تڪميل لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. جن مفڪرن تاريخ کي ان معنيٰ ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اُنهن ۾ ويچو، هرڊر، هيگل، ڪومي، ڪارل مارڪس، بڪل، اشپينگلر، ٽائن بي ۽ سورو ڪن خاص ذڪر جي لائق آهن.
تاريخ ۾ اُنهن مفڪرن پنجن قسمن جي نظامن جي نشاندگي ڪئي آهي.
جنهن ۾ هڪ گردش (Cycle) جو نظريو آهي ته انساني تاريخ هڪ دائري ۾ گردش ڪندي رهندي آهي. ان مان انسان جي مجبوري ۽ لاچاري ظاهر ٿيندي آهي ته ھُو جبر جي حالت ۾ هڪ هيٺاهين واري رستي تي هلندو رهندو آهي. اُن جي ردعمل ۾ ترقيءَ جو نظريو پيدا ٿيو ته انسان ڪنهن هڪ چڪر ۾ گردش ڪندو نٿو رهي، پر ھُو برابر اڳيان وڌي رهيو آهي ۽ ھُن جي هيءَ ترقي بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ ڏُکيائيءَ جي آهي، تاريخ جو هر دؤر ھُن جي ترقيءَ جو دؤر هوندو آهي ۽ انسان مسلسل اڳتي وڃي رهيو آهي.
ٽين نظريي ۾ ان ڳالھه جي نشاندگي ڪئي وئي آهي ته انسان ماضيءَ ۾ ڪائنات جي تڪميل ڪري ڇڏي آهي ۽ اُن مان پوءِ اڄ تائين جيڪي ڪجھه ٿي رهيو آهي، اُهو اُن تڪميل ۾ اضافو ناهي. هن نظريي کي خاص طور وڏن مذهبن جي پيروڪارن جي حمايت حاصل آهي، جيڪي هي عقيدو رکن ٿا ته انهن جي مذهب پنهنجي شروعاتي/ ابتدائي دؤر ۾ مثالي سماج قائم ڪيو هو. اُن انساني تاريخ کي مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ان ۾ ڪنهن به اضافي جي گنجائش ناهي.
اُن لحاظ کان احياءَ جون تحريڪون اُنهن مذهبن جي تاريخ جو هڪ اهم پهلو آهن، جيڪي تاريخ ۾ واپسيءَ جي نظريي جي تبليغ ڪنديون آهن ۽ ماضي ۾ پناھه وٺنديون آهن. چوٿين نظريي ۾ ان ڳالھه تي زور ڏنو ويو ته انساني فطرت نه بدلجندڙ، غير تغير پذير ۽ سدائين هڪ ئي رهڻ واري آهي. تنهنڪري انساني عمل هر زماني ۽ عهد ۾ هڪجهڙو هوندو آهي ۽ تاريخ ۾ هڪجهڙا واقعا ورجايا ويندا آهن.
پنجين نظريي موجب هيءَ دنيا زوال پذير آهي.زوال کي مذهبي ۽ مادي، ٻنهين اعتبار کان ڏٺو وڃي ٿو. مذهبي عقيدي موجب، دنيا جي ختم ٿيڻ ۽ قيامت جو هڪ ڏينهن مقرر ٿيل آهي ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو رهي ٿو ته ان جو مقرر ٿيل وقت به ويجهو ايندو ٿو وڃي. اهڙيءَ ريت ھوءَ (دنيا) برابر پنهنجي خاتمي ڏانهن وڌندي رهي آهي.
مادي اعتبار کان زوال جي تشريح هن ريت ڪئي وڃي ٿي ته انسان فطرت جي ذريعن ۽ وسيلن کي بُريءَ طرح استعمال ڪري رهيو آهي. ان جي نتيجي ۾ فطرت جي توانائي ختم ٿي رهي آهي ۽ ماحول ۾ تبديلي اچي رهي آهي. اُنهيءَ ڪري هڪ ڏينهن اُهو به ايندو، جڏهن فطرت وٽ انسان کي ڏيڻ لاءِ ڪجھه به نه رهندو ۽ هيءَ دنيا تباھه ٿي ويندي.
ان جي ابتڙ مفڪرن جي هڪ جماعت ان سان اختلاف ڪري ٿي ته تاريخ جو عمل ڪنهن منصوبي جي نظام ۽ مقصد جي تحت ٿئي ٿو يا ان عمل جي پسمنظر ۾ ڪي قانونَ هوندا آهن. اُنهن جو دليل هي آهي ته مورخ جو ڪم آهي ته اُهو اِهو ٻُڌائي ته ماضيءَ ۾ ڇا ٿيو؟ ۽ ڇو ٿيو؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن تاريخ کي صداقتن ۽ واقعن جو قانون بڻايو ويندو ته تاريخ ختم ٿي ويندي.
ڪارل پوپر چوي ٿو تہ تاريخي عمل ۾ انساني رجحانن جي ضرور خبر پوندي آهي، پر انهن رجحانن کي قانون چوڻ درست ناهي. اهڙي طرح ٻين مفڪرن وٽ تاريخ ۾ موقعي ۽ حادثي جو جيڪو عنصر آهي، ان سان هِن ڳالھہ جي نفي ٿئي ٿي تہ تاريخ ۾ ڪوئي قانون آهي ۽ تاريخ ڪنهن هڪ مخصوص رستي تي نٿي هلي. ان نقطہ نظر کي ڊِل ٿِي، جارج سي من، هائن رش، ريڪرٽ ۽ ڪروشيءَ پيش ڪيو.
جيڪي مفڪرَ تاريخ ۾ قانونن ۽ منصوبن کي تسليم ڪن ٿا، اُهي انهيءَ ذريعي تاريخي عمل ۽ ان جي راھه هموار ڪن ٿا ۽ ان جي روشنيءَ ۾ حال ۽ مستقبل جي اڳڪٿي ڪن ٿا. تنهنڪري اُنهن وٽ تاريخ جي افاديت آهي، جنهن جو مطالعو ۽ جنهن جو شعور انسان کي مستقبل جون راهون هموار ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. پر جيڪي مفڪر تاريخ ۾ قانونن کي نٿا مڃين، اُهي انهيءَ کان انڪاري آهن ته تاريخ ذريعي مستقبل جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. اُن ڪري اُنهن وٽ تاريخ جي اهميت ناهي.
تاريخ کي سمجهڻ لاءِ اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ “تاريخيت” جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو. شروع ۾ هن ڳالھه تي زور ڏنو ويو ته انساني تاريخ ۽ انسان جي عمل کي قانون ۽ معيشت ذريعي بهتر نموني سان سمجهي سگهجي ٿو. ويهين صديءَ ۾ ان ذريعي انساني فڪرن، نظرين ۽ انساني ادارن جي تبديليءَ جو مطالعو ڪيو ويو. پر تاريخ جي هِن تجربي ۾ عمومي لاڙن کي نظرانداز ڪري، انفرادي پهلوئن تي زور ڏنو ويو. جرمن جي ٻن مشهور تاريخدانن ٽروئل ٽش ۽ مائي نيڪ موجب انسان جي تاريخي عمل کي دنيا جي وسيع تناظر ۾ سمجهو وڃي.
انهن جو استدلال هيءَ آهي ته ماضي ۾ جيڪي ڪجھه ٿيو آهي، انهن کي لقائن ۽ مظهرن طور قبوليو وڃي، جنهن ذريعي انساني خواهشن ۽ جذبن جي عڪاسي ٿئي ٿي. انهن موجب تاريخ ۾ ڪي به قانونَ ناهن، تاريخ جو ڪم فقط هي آهي ته ان جي مدد سان انساني ذهن ۽ ماضي جي واقعن کي سمجهڻ جي اهليت پيدا ٿئي ٿي. ماضي ۽ حال ٻئين هڪٻئي کان مختلف هوندا آهن، ان ڪري ماضيءَ کي حال جي پيماني سان جاچي نٿو سگهجي.
هر نظريو ۽ ادارو پنهنجي جڳہه تي آزاد ۽ خودمختيار هوندو آهي، تنهنڪري ان کي ڪنهن ٻي سان ملائڻ نه گهرجي. پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ٿيوڊر لي سنگ، تاريخ کي بي مقصد قرار ڏنو ۽ چيو ته تاريخي لکڻين ذريعي فقط فرضي واقعن جي تشڪيل ڪئي وڃي ٿي. ڪارل بيڪر، چارلس بيرڊ ۽ ڪارل پاپر به تاريخ کي موضوعي قرار ڏئي ڪري چيو ته هيءَ فقط انساني عمل جو مشاهدو ڪندي آهي. ان ڪري تاريخ ڪڏهن به سائنسي علم جو درجو حاصل نٿي ڪري سگهي.
پر جڏهن تاريخ ۾ ڪوئي مقصد پيدا ٿي پوي ۽ تاريخي عمل جا قانونَ طئي ٿي پون ته اُنهن ذريعي انسان دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو، ڇو ته تاريخ جي مطالعي جي کان پوءِ اُن ۾ اهو شعور پيدا ٿيندو آهي ته تاريخ فقط واقعن جو مجموعو ناهي، پر اُنهن واقعن جي گهرائيءَ ۾ هڪ منصوبو آهي ۽ اُنهن جي پسمنظر ۾ قانونَ آهن، جيڪي برابر دنيا کي تبديل ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button