سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جي ڪري سنڌي ماڻھو سدائين مصيبتن جي منھن ۾ رھيا آھن. سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ۽ سنڌي ماڻھن جي ووٽن جو کٽيو کائيندڙ پارٽي سنڌي ماڻھن جو ڀرجھلو ٿيڻ انھن جا سُک سور گھٽائڻ، سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي بدران سنڌي عوام جي ڏکن، تڪليفن، ايذائن ۽ بربادين جو سبب ٿيڻ سان گڏوگڏ سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري سنڌ کي ويران ڪري ڇڏڻ جو ذميوار پڻ رھي آھي.
ھڪ پاسي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري تمام گھڻي وڌي رھي آھي، جنهن سنڌي عوام جي گذر سفر جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي اھم ڪاروباري شھرن تي قبضو ڄمائي ورتو آھي. جنھن سبب انھن شھرن ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو مصيبتن جي منھن ۾ ھوندا آھن، جنھن جو تازو مثال افغاني پٺاڻن جو سنڌي ماڻھن کي قتل ڪرڻ جا واقعا آھن. ٻئي پاسي وري ان ڌاري آبادڪاريءَ جو سنڌ ۾ مذھب جو ناجائز استعمال ڪري سنڌ ۾ بنياد پرستيءَ کي وڌائڻ ۽ سنڌ ۾ رھندڙ ھندن کي سنڌ مان لڏائڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن. جيتوڻيڪ سنڌ لطيف، سچل، سامي، شيخ اياز، جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، امرجليل، سراج، نجم عباسي، رشيد ڀٽي، استاد بخاري، امداد حسيني ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن جي سيڪيولر ۽ روشن خيال فڪر جي ھئڻ ڪري سدائين بنيادي پرستيءَ کي رد ڪيو آھي ۽ سيڪيولر سنڌ جو درس ڏنو آھي. جنھن ڪري دشمن جون اھي سازشون ناڪام ٿينديون رھن ٿيون.
تازو سنڌ جي خراب حڪمراني ۽ حڪومتي لاپرواھي سبب سنڌ ۾ برساتون وسڻ ڪري جيڪا ٻوڏ آئي آھي جنھن سنڌ جا ڳوٺ، وستيون ۽ شھر تباهه ڪري ڇڏيا آھن. سوين جانيون ضايع ٿيون آھن، لکين گھر تباهه ۽ برباد ٿي ويا آھن. تازين آيل رپورٽن موجب سنڌ ۾ ھڪ ڪروڙ ماڻھو متاثر ٿيا آھن ۽ پندرھن لک گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن ۽ 50 عرب رپين جو نقصان ٿي چڪو آھي ۽ ايندڙ ڏينھن ۾ ان جو انگ وڌي رھيو آھي ۽ مختلف شھرن کي گھارا لڳي رھيا ۽ ڪٿي ھٿ سان واھن، شاخن ۽ نالن کي ڪٽ ڏيئي ڳوٺن کي ٻوڙيو پيو وڃي. ڪجھه ڏينھن جي اخباري رپورٽن موجب سانگھڙ، مقصودو رند، ڏيئي، ميرپور ٻرڙو، ميھڙ، جوھي، بدين، جھڏو ۽ ٻين شھرن ۾ گھارا لڳڻ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن ۽ ماڻھو پنھنجا اجھا ڇڏي شھرن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن، جيڪا تمام اذيتناڪ ۽ جيءُ جهوريندڙ صورتحال آھي. جنھن جو ذميوار سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ اھا پارٽي ئي آھي جنھن جو نعرو اٽو، لٽو ۽ اجھو آھي ۽ ان اٽو، لٽو ۽ اجھو ڏيڻ بدران سدائين سنڌي عوام کان کسيو آھي ۽ انھن ڪرپشن ڪري پنھنجا محل ٺاھيا آھن ۽ بئنڪ بيلنس ته وڌايو آھي پر انھن سنڌ جا ڳوٺ ۽ انھن جا اسڪول تباهه ڪيا آھن. جڏھن ته 2010ع ۾ به ٻوڏ آئي ھئي، تڏھن به لکين سنڌي دربدر ٿيا ھئا، جنھن جو اڄ ڏينھن تائين ازالو ناھي ٿي سگھيو.
مٿان وري هيءَ مصيبت اچي ڪڙڪي آھي. جيتوڻيڪ موسمي تبديلين تي نظر رکندڙ سائنسدان ۽ ڄاڻو بار بار اسان کي خبردار ڪندا رھيا آھن ته موسمي تبديليءَ سبب دنيا ۾ برساتون تمام گھڻيون پونديون ۽ ٻوڏون بار بار اينديون رھنديون. تنھنڪري اسان کي مسقبل بنيادن تي پلاننگ ڪرڻ گھرجي ته جيئن ايندڙ مصيبتن کي منھن ڏيئي سگھجي پر ان حوالي سان نه رياست ڪا اڳڀرائي ڪئي ۽ نه ئي سنڌ تي سدائين حڪمراني ڪندڙ پارٽي ان تجربي مان ڪجھه سکيو ۽ ڪابه اڳواٽ تياري نه ڪئي وئي، جنھن جو نتيجو سنڌ جي تازي صورتحال آھي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ِآيل ٻوڏ تباھي مچائي ڇڏي آھي. سنڌ جا ڳوٺ ۽ ويڙھا ويران ٿي ويا آھن. جنھن تي شاعر اشفاق آذر جي به دل اُٿلي پئي ۽ چيائين:
اُتي ئي ڪٿي ڳوٺ منھنجو ھيو!
پري تائين ساوڪ، وڏا وڻ ھيا
پکي ھا، پرين ھو، ڀلا ڌڻ ھا
اُتي ئي ڪٿي شاخ ھئي ۽ ڪپر
سڄو ڳوٺ ھو ۽ ڇانورو ۽ ڇپر،
ننڍي لئہ جا سنگتي پراڻا ھا
چريا چار ۽ چار سياڻا ھئا
قلندر تان ورتل ڪا ڳاني ھئي
پليءَ سان ٻاجھر جي ماني ھئي
ھئي بنسري ساڻ ڇيلا ھئا
اڪيلائي ھوندي به ميلا ھئا
اُتي ئي ڪٿي سرنھن ڦولار ھئي
سدا ساهه ۾ جنھن جي ھٻڪار ھئي،
پريان جھوني مسجد جو محراب ھو
لڳي ٿو سمورو ئي ڄڻ خواب ھو،
رڳو ياد آھي ته اُن رات ۾
بنهھ تيز طوفاني برسات ۾
ڪچي جاءِ ڦھڪو ڏيئي پٽ پئي
اسان جي عمر جي ڪمائي وئي
صبح جو ڏٺوسين ته پاڻي ھيو
اھو ڳوٺ ڄڻ ڪا ڪھاڻي ھيو
نه نالو جنھن جو نشان ڪو ھيو
اُتي ئي ڪٿي ڳوٺ منھنجو ھيو!!
ھي درد جيڪو اشفاق آذر پنھنجن لفظن ۾ پيش ڪيو اھو پوري سنڌي عوام جو درد آھي ۽ ان درد جي ذميوار ھي رياست ۽ سنڌ تي سدائين حڪومت ڪندڙ پارٽي آھي. جنھن سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري حڪومتون ته ورتيون آھن پر سنڌ کي سنوارڻ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو آھي بلڪه انھن سنڌ وسيلن تي سودا ڪيا آھن ۽ سنڌ ۾ ھٿرادو ٻوڏون آڻي انھن جي نالي تي ڪروڙين رپين جو گهوٻيون ھيون ۽ سنڌي عوام جي ڏکن تي ٺٺوليون ڪيون آھن. ھڪ پاسي حڪومتي ڌُر جو اھو رويو آھي ته ٻئي پاسي سدائين جيان سنڌ جي قومپرستن، ترقي پسند، سياسي ڪارڪن، شاگرد، اديب ۽ نوجوان طبقو سنڌي عوام جو ڀرجھلو ٿيو آھي. انھن پنھنجي ھڙان وڙان ڪري ماڻھن جي گھرن تائين راشن ۽ امداد پھچائي آھي. جيڪو تمام گھڻو ساراهه جوڳو عمل آھي. باقي حڪومتي پارٽين ۽ وڏيرن جو رويو انتھائي شرمناڪ آھي. انھن عوام جي مدد جي نالي تي انھن تي ٺٺول ڪئي آھي. جيئن ھڪ وزير تقرير ڪندي چيو ته ھن تباھيءَ جا ذميوار اسان آھيون. تنھنڪري اسان تي خدا جو عذاب آيو آھي. تنھنڪري توھان سڌرو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
ان کان سواءِ ھڪ ٻئي وڏيري پنھنجي تڪ جي ماڻھن کي پنجاهه پنجاهه روپيا امداد طور خرچي ڏني ته وري ھڪ ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظمه ماڻھن کي سئو سئو رپيا ڏيئي پنھنجي جان ڇڏائي. اھو رويو انتھائي نامناسب آھي. جتي ماڻھن جا گھر، ڪاروبار، ٻنيون ٻارا سڀ تباهه ٿي ويا. ماڻھن وٽ ھڪ ويلي جي ماني ناھي. رھڻ لاءِ اجھو ناھي. اُتي انھن سان اھڙي قسم جا مذاق ڪيا پيا وڃن.
تنھنڪري سنڌي عوام کي اھو سمجھڻ گھرجي ته حڪومت يا وڏيرا ۽ پير اسان جا سڄڻ ڪڏھن به نٿا ٿي سگھن. ھنن کي فقط اسان جي ووٽ ۽ ڪرسيءَ سان مطلب آھي تنھنڪري اسان کي پاڻ کي مڙسي ڪرڻي پوندي ۽ ھن مصيبت مان نڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ اسان کي سنڌ وڏن شھرن ڏانھن رخ ڪرڻو پوندو. جنھن لاءِ سنڌ جي قومپرستن، ترقي پسند ڪارڪنن ۽ سنڌ جي گھڻگھرن کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ ان کان سواءِ سنڌ ۾ ھڪ ڀرپور تحريڪ پڻ اٿڻ گھرجي جنھن ۾ گھر اھا ھجڻ گھرجي ته مستقل بنيادن تي سنڌ جي ڊرينيج سسٽم جو بندوبست ڪيو وڃي جنھن سان پاڻيءَ جي وھڪرن ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ٿئي ۽ برساتون تباهيءَ جو ڪارڻ نه ٿين.