ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪي اين شاهه کي ڪنهن ٻوڙيو؟

Editorial

پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آفتن سبب آيل تباهيءَ مان ڪوبه سبق پرائڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ماضي جي ڀيٽ ۾ بنهه گهڻي تباهي آندي آهي. شهر ٻڏا آهن، ماڻهو دربدر ٿيا آهن، مال متاع مري ويو آهي ۽ انهن جا فصل به لڙهي ويا آهن پر حڪومتي سطح تي جيتري سهائتا ماڻهن جي ٿيڻ گهرجي ها سا نه ٿي سگهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو عام ماڻهو وڌيڪ پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي پر ان جي بيوسيءَ ۽ مجبوريءَ به حڪومت سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. ڪجهه ڏينهن کان ڪي اين شاهه جهڙو اهم شهر ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب ٻڏل آهي. جڏهن ته اهو شهر پهريون ڀيرو ڪونه ٻڏو آهي. ان کان اڳ 2005ع پوءِ 2010ع ۽ هاڻ وري 2022ع ۾ ٻڏو آهي.
ڪالهه جيڪي خبرون رپورٽ ٿيون آهن، انهن موجب برسات ۽ گهارن جو پاڻي ڳوٺن کي ٻوڙيندو اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪي اين شاهه جي گرڊ اسٽيشن پاڻي ۾ ٻڏي وئي آهي جڏهن ته شهر جي بجلي بند پيل آهي.شهر جي مک بازار کي به پاڻي ٻوڙي ڇڏيو آهي.
آباديون ٻڏڻ کان پوءِ ڪي اين شاهه جو شهرن سان رابطو ڪٽيل آهي جڏهن ته اڪثر ماڻهن جي لڏپلاڻ باوجود ڪيترائي ماڻهو شهر ۾ ڦاٿل آهن. ڦاٿل ماڻهن کين ريسڪيو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هيءَ حڪومت جي نا اهلي آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ۽ ان سان گڏ لاڳاپيل ادارن کي ماضي ۾ آيل ٻوڏ جو اندازو هو ۽ انهن کي خبر هئي ته جيڪڏهن ٻوڏ ايندي ته ڪي اين شاهه کي ضرور ٻوڙيندي. حمل ڍنڍ ۽ بلوچستان کان ايندڙ پاڻي شهر کي ٻوڙڻ جو سبب ٿيو آهي. هن وقت تائين ڪي اين شاهه جي ماڻهن کي اتان ڪڍڻ ۽ ان کان پوءِ انهن کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي پهچائڻ وڏو مسئلو آهي پر حڪومت ۽ انتظاميه ان لاءِ ڪابه اڳواٽ تياري نه ڪئي هئي. ڇا پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اها ماضي ۾ آيل آفتن مان سبق پرائڻ بدران انهن ساڳين غلطين کي ورجائيندي رهندي. جن سان عوام جي تباهي يقيني آهي. ڪي اين شاهه هڪ وڏي آبادي وارو شهر آهي. هيءَ رڳو شهر ناهي ٻڏو پر ان جي ڀرپاسي ۾ فصل، ماڻهن جو مال ۽ ان کان سواءِ ڳوٺ به ٻڏا آهن. ڇا انهن جي نقصان جو پورائو ڪرڻ لاءِ حڪومت سنجيده آهي. ٻه ڏينهن اڳ چيف آف آرمي اسٽاف به اهو چيو آهي ته سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي ۽ جيڪي ماڻهو ٻوڏ سبب دربدر ٿيا آهن، انهن جي بحاليءَ جو ڪم ڪيو ويندو. پر اهو ڪم تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن حڪومت ان حوالي سان سنجيده ڪوششون وٺندي. هن وقت تائين ڪي اين شاهه ۾ رڳو پاڻي داخل ٿي رهيو آهي ۽ شهري اتان نڪرڻ جون ڪوششُون ڪري رهيا آهن.
ٻوڏ دوران اها ڳالهه به نوٽ ڪئي وئي ته ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت سڀڪجهه ڪندا رهيا پر انتظاميه ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. برساتن جا الرٽ ڪافي وقت اڳ جاري ٿي چڪا هئا. جيڪڏهن ان وقت حڪومت ڪي اپاءَ وٺي ڇڏي ها ته ڪي اين شاهه کي بچائڻ ڏکيو ڪونه هو. ان کان سواءِ جڏهن هي شهر ماضي ۾ به ٻڏندو رهيو آهي ته برساتن دوران پاڻيءَ جي وهڪرن کي شهر ۾ داخل نه ٿيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن شهر کي بچائي سگهجي پر هيترا سال گذري وڃڻ کان پوءِ به حڪومت ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو ۽ هاڻ جيڪي شهري نڪري چڪا آهن. انهن لاءِ پڪ سان زندگي گلن جي سيج نه هوندي پر اهي دربدري واري زندگي گذاريندا رهن. انهن جي بحاليءَ ۾ به وقت لڳي ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ حڪومت جي نا اهلي آهي جو اها ڪي اين شاهه شهر ڪانه بچائي سگهي ۽ ڪي به اهڙا انتظام نه ڪري سگهي، جن وسيلي شهر تي آيل افت ٽري وڃي ها. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهرين کي محفوط طريقي سان شهر مان ڪڍيو وڃي. انهن جو جيترو به مالي نقصان ٿيو آهي، اهو کين ڀري ڏنو وڃي. ان کان سواءِ شهر مان پاڻي ڪڍڻ جو ترت بندوبست پڻ ڪيو وڃي. ايندڙ وقت ۾ شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ هر قسم جا بندوبست ڪيا وڃن ته جيئن ڪي اين شاهه واسي وري دربدر نه ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button