ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻ هُرتي عوامي مزاحمت

Editorial-Article-Asar Imam

فارسيءَ ۾ چوندا آهن: تنگ آيد، به جنگ آيد”. يعني جڏهن ڪو ماڻهو سوڙهو ٿيندو آهي، جڏهن وٽس ويڙهه سوا ٻِي ڪا واهه نه بچندي آهي، جڏهن وٽس مزاحمت کان سواءِ ڪو رستو نه بچندو آهي، جڏهن وقت جا حڪمران عوام کان ڳالهائڻ، احتجاج ڪرڻ ۽ پنهنجي دانهن کڻي اچڻ جو حق کسي وٺندا آهن، جڏهن سمورا جمهوري گسَ بند ڪيا ويندا آهن ته پوءِ عوام وٽ مزاحمت ڪرڻ کان سواءِ ٻِي ڪا واهه نه رهندي آهي. يا فيض احمد فيض صاحب جي بقول انهن مظلومن کي اها توفيق ملي ويندي آهي ته دستِ قاتل کي روڪين. اهي چوندا آهن بس، گھڻو ٿيو. هاڻي وڌيڪ ظلم برداشت نه ڪبو.
سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب کي باقاعدي ٻوڙڻ کان پوءِ مينهن ۽ ٻوڏ جو رخ خيبر پختونخواه ڏانهن مُڙي ويو ۽ اتي تباهي شروع ٿي وئي آهي. تباهيءَ جو سبب هر هنڌ ساڳيو آهي. مينهن ۽ ٻوڏ نه، خراب حڪمراني. هر هنڌ ڪرپشن ۽ بي ايمانيءَ جو راڄ هئڻ ڪري انفرا اسٽرڪچر يا ته جوڙيو ئي نه ويو آهي، روڊ، رستا، پُليون ۽ عمارتون زمين تي نه، بس ڪاغذن ۾ موجود آهن يا وري جيڪڏهن اهي زمين تي ٺاهيا ويا آهن ته اهڙا بيڪار ۽ ناقص جو مينهن ۽ ٻوڏ جي پهرئين لَڙهي ۾ ئي لُڙهي هليا ويا آهن. پاڪستاني حڪمرانن جو ايمان ڪيترو مضبوط آهي؟ اها خبر ته هڪڙي کين ٻِي سندن خدا کي پر اهي ڪيترا بي ايمان آهن؟ سو سموري دنيا ڏسي ورتو آهي. هاڻي جيڪڏهن اڃان به ڪنهن کي انهن ۾ ڪا اميد آهي ته اهي ايندڙ وقت ۾ ڀلائي ڪندا يا سڌري ويندا ته پنهنجي نصيبن کي چوي ۽ ٻئي ڀيري جڏهن عقل ورهائجي ته کيس سمهي نه پوڻ گھرجي، ننڊ نه ڪرڻ گھرجي بلڪ پنهنجي حصي جو عقل حاصل ڪرڻ لاءِ قطار ۾ اڳيان وڃي بيهڻ گھرجيس.
ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو سر وڃائي ويٺا آهن. انهن جا گهر ڊهي پيا آهن. انهن جا فصل تباهه ٿي ويا آهن. چوپايو مال مري، لُڙهي ويو آهي. ماڻهن جو روزگار تباهه ٿيو آهي. پر ان سموري تباهيءَ هوندي ڪجهه سٺيون خبرون به آهن. جيتوڻيڪ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت اڄ به اتي ئي بيٺي آهي جتي ڀٽائي بيٺو هو: حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺَ ڪجن” يعني مِينهن وسڻ فطري لقاءُ نه پر ڪنهن مافوق الفطرت هستيءَ جي حڪم جي تعميل آهي. پر سوشل ميڊيا جي مهربانيءَ سان کين اهو پتو پيو آهي ته دنيا جي ترقي يافتا ۽ آسودن ملڪن مينهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ورتو آهي. هالينڊ هجي، آمريڪي رياست مسي سپي يا پاڙيسري ملڪ چين، هر هنڌ مينهن انساني ضابطي هيٺ آهي. ايتري تائين جو هندوستاني رياست ڪيرالا ۾ جتي تمام گھڻو مينهن وسندو آهي، اتي به انهن اهڙو انفرا اسٽرڪچر جوڙيو آهي جو اهو مينهن هاڻي ايتري تباهي نه ڪندو آهي جيتري اسان وٽ ڪري رهيو آهي. جيترو اهو اسان کي لاچار بڻائي ڇڏي ٿو ۽ فطري قوتن اڳيان اُٽو ٿي بيهڻ جي تذليل سهڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. گڏوگڏ اهو ته گھٽ ۾ گھٽ نوجوان نسل اهڙين خبرن ۽ وڊيو شاهدين تي ايمان به آڻي ٿو. اهو ساڳيو نوجوان نسل، جنهن کي “گستاخ نسل” يا “بي ادب، بي شناس” نسل به سڏين ٿا. سوشل ميڊيا تي عام ڏينهن ۾ به حڪمرانن خلاف ڪروڌ جو پاڻ هرتو اظهار ڪندو رهي ٿو. ظلم جا مختلف منظر فيس بوڪ تي سڌا سنوان يا رڪارڊ ڪري هلائي ٿو ۽ موٽ ۾ عوامي ڪاوڙ ۽ مزاحمت کي هٿي وٺرائي ٿو. ان گستاخ نسل، سمارٽ فون ۽ سوشل ميڊيا جي مهربانيءَ سان ئي هاڻوڪي تباهيءَ کان پوءِ حڪمران جماعت جا نمائندا جتي به ويا آهن اتي سندن آڌرڀاءُ “شايانِ شان” طريقي سان ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اهي پنهنجي بنگلن منجهان نڪرن ئي نه ٿا. پنجاب جو وزيرِ خزانا هجي يا سنڌ جا وزير ۽ اسيمبلي ميمبر، عوام سندن سٺي “خدمت” ڪئي آهي. هر هنڌ تان سائين جن کي ڀڄي جان بچائڻي پئي آهي. ڇاڪاڻ ته تنگ آيد به جنگ آيد جيان، عوام جي پنهنجي خدمت به سٺي ٿي آهي ته ظاهر آهي اهي اهو بار ڪيستائين پنهنجي ڪلهن تي کڻي گھمائين. مالڪ جتي ملن ٿا، عوام پنهنجا ڪلها آجا ڪريو ڇڏي.
سٺي خبر اها به آهي ته عوام مزاحمت جو گسُ ورتو آهي ۽ پنهنجو پاڻ ورتو آهي. جهڙي نموني انقلابي اڳواڻن چيو هو ته عوام کي حالتون به سبق سيکارينديون آهن. پنهنجي محدود سمجهه باوجود عوام جتي مالڪ اڳيان گوڏا کوڙيون، هٿ ٻڌيون بيٺو آهي، اتي اهو ان سموري تباهيءَ جو ذميوار چونڊيل عوامي نمائندن ۽ حڪمران سياسي جماعت کي به سمجهي ٿو جنهن ڪري ڪنهن به سياسي جماعت جي هدايت يا رهبريءَ کان سواءِ پنهنجي ليکي روڊ رستا بند ڪرڻ، مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ روڊ رستا ٽوڙڻ يا وري ڪٿي روڊ رستا ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو آهي. بجليءَ جي لاڳيتي بندش جي خلاف ماڻهو پاڻمرادو روڊن تي نڪري اچن ٿا. حڪمرانن ۽ بجليءَ جي اختيار ڌڻين تي لعن طعن ڪري پنهنجو ڪروڌ اظهارين ٿا. اهڙي ڪنهن به سرگرميءَ ۾ ملوث ماڻهو اڻ اعلانيا طور تي اهو قبولي ٿو ته جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي سو سندس نصيب يا مقدر ڪونهي. اهو مڃي ٿو ته انساني جدوجهد ذريعي ان صورتحال کي تبديل به ڪري سگهجي ٿو. اهڙي جدوجهد ذخيره اندوزن ۽ پرماري سوچ رکندڙن خلاف به ٿي رهي آهي. بس کوٽ ان ڳالهه جي آهي ته اها جدوجهد منظم ڪانهي. ان جي پٺيان ڪا سياسي ڏاهپ ڪانهي. ان جدوجهد ۽ مزاحمت کي نيٺ ڪهڙي رخ ۾ وٺي وڃڻو آهي؟ اها خبر ڪانهي. جيڪڏهن اها کوٽ نه هجي ته هوند سڀ ٿڪَ لهي وڃن.
ٻئي پاسي حڪومت آهي جيڪا هميشه وانگر وقت گذاري اڳتي وڌڻ جي موڊ ۾ آهي. جيڪا مسئلي جو حل نه پر ان کان ڪنڌ ڪڍائڻ چاهي ٿي. جيڪا ان سموري تباهيءَ کي قسمت جو کيل، عملن جي شامت يا عذاب ثابت ڪري پنهنجو پاڻ کي ذميوارين کان آجو ڪرڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهي. 75 سال گذري ويا آهن پر اڄ تائين هنگامي حالتن ۾ عوام کي بچائڻ لاءِ، سندن مدد ڪرڻ لاءِ ڪوئي ادارو موجود ڪونهي. اهڙي وقت تي اسان هريل آهيون ته فوج اچي اسان کي سهارو ڏئي. يا اسان کي اهو سيکاريو ويو آهي ته بابا هر ڏکئي وقت ۾ اوهان جو ڀرجهلو بس هڪڙو ئي ادارو آهي. پري نه ٿا وڃون، رڳو هندوستان کي ئي ڏسون ته اتي 1950ع کان وٺي اهڙا ادارا جوڙڻ جي شروعات ڪئي وئي هئي ۽ اڄ جيڪڏهن مينهن، ٻوڏ يا زلزلو اچي وڃي ته ڊزاسٽر مينيجمينٽ جو ادارو ۽ ان جا باوردي اهلڪار هر هنڌ ڪم ڪندي نظر ايندا. جڏهن ته اسان وٽ اهڙي وقت تي باوردي اهلڪار ته نظر ايندا آهن پر اهي ڊزاسٽر مينيجمينٽ واري اداري جا اهلڪار نه هوندا آهن.
سنڌ حڪومت مينهن متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم نه ڪري سگهي نه وري متاثرن کي ڀوتارن جي اوطاقن، فارم هائوسن، سرڪٽ هائوسن، ڊي سي، اي سي هائوسن توڙي ٻين سرڪاري عمارتن يا وري مذهبي پيشوائن جي درگاهن ۽ خانقاهن ۾ ترسائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ايتري تائين جو نجي تعليمي ادارن جي مالڪن کي پڻ پابند نه ڪيو ويو ته هن ڏکي گھڙيءَ ۾ ڪجهه بار توهان به کڻو. هر طبقاتي سماج وانگر اسان جي سماج ۾ به نجي ملڪيت هڪڙي مقدس ڳئون آهي. ان ڪري سمورو نزلو وڃي سرڪاري اسڪولن تي ڪريو. هاڻي هڪڙي پاسي سنڌ جي تعليم ڪورونا ۽ ڪاپي ڪلچر جي ڪري اڳ ئي تمام گھڻي پٺتي پيل آهي ته ٻئي پاسي وري هن آفت سبب اسڪولن کي اڻ ڄاتل مدي تائين مينهن متاثرن جون رليف ڪيمپون بڻائي ستياناس ڪيو ويو آهي. پر جيئن ته انهن اسڪولن ۾ غريبن جا ٻار ئي پڙهندا آهن ان ڪري حڪومت کي ڪا پرواه ڪانهي ته انهن جي تعليم جو ڇا ٿيندو؟ اميرن جا ٻار نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهن ٿا جيڪي کلي ويا آهن. حڪومت انهن متاثرن جي ڪا به واهر ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه ٿي اچي ۽ متاثر وري سمجهن ٿا ته جيڪڏهن هيڪر اهي اسڪولن منجهان نڪري هليا ويا ته پوءِ کين ڪا به امداد ڪانه ملندي. ان ڪري انهن جو مفاد به اسڪولن تي قبضو قائم رکڻ ۾ آهي. متاثر پنهنجي سموري ڪاوڙ اسڪولي عمارتن، رڪارڊ ۽ فرنيچر تي هاري رهيا آهن. ڪجهه هنڌن تان ته متاثرن پاران هڪ ٻئي جو سامان چورائي وڪرو ڪري ڇڏڻ جون خبرون به اچي رهيون آهن. حڪومت عالمي ادارن کان امداد وٺي هڙپ ڪري ويندي جيئن اها هميشه ڪندي رهي آهي. حڪومت بجليءَ ۽ گيس وغيره جا بل ته ٺهيو، انهن تي ٽيڪس به معاف ڪانه ڪئي. نجي بينڪن کي ته ڇڏيو پر حڪومت نيشنل بينڪ کي به پابند نه بڻايو ته ماڻهن ڏانهن رهيل قرض معاف نه رڳو ملتوي ئي ڪري. مٿان وري سرڪاري ملازمن جي پگهارن منجهان جبري طور تي ڪٽوتي ڪري ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي. حڪومت جڏهن ملازمن جي پگهار وڌائيندي آهي ته بنيادي پگهار تي وڌائيندي آهي پر جڏهن ڪٽڻ تي آئي آهي ته نيٽ پگهار منجهان پنج ڏهاڙيون پئي ڪٽي. جڏهن ته سرڪاري ملازم به ٻين سڀني جيان متاثر ٿيا آهن پر انهن کي کرب پتي سمجهي ڪٽوتيون ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button