شوبز

حرا ماني گانو ڳائي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جو شڪار

پاڪستاني اداڪارا حرا ماني پرڏيهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گانو ڳائي پاڻ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق حرا ماني پرڏيهه ۾ مشهور گيت پسوڙي گيت جا ٻول جهونگاري پاڻ تي تنقيد ڪرائي آهي. جڏهن تھ حرا ماني تي تنقيد واري سيشن ۾ ماڊل مٿيرا خان پڻ پنهنجو حصو وڌو، جنهن لکيو تھ آرگنائيزر آخر اصل فنڪارن کي شو ۾ ڇو نٿا آڻين، ٻين کان فنڪارن جو گانو ڳارائڻ ظلم آهي. هوڏانهن مداحن تنقيد ڪندي چيو تھ حرا ماني بهترين گاني کي بيڪار ۽ صفا بي سرو بڻائي ڇڏيو آهي، اها اداڪارا آهي، ڳائڻي بڻجڻ جي ڪوشش ڇو پئي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button