دنيا جي وڏن فلمي ميلن ۾ شامل وينس فلم فيسٽيول شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ اداڪارا جولياني مور ۽ ٻين اداڪارائن ريڊ ڪارپيٽ تي جلوا ڏيکاري پاڻ ملهايو آهي. ميڊيا مطابق اٽلي جي فلمي ميلي ۾ مشهور اداڪارن توڙي ماڊلز اچي ريڊ ڪارپيٽ کي سجائي ڪيٽ واڪ ڪيو،
جن ۾ گريس الزبيٿ، روڪيو مونز، ٽيسا ٿامپسن، پڪزي لاٽ، گيتا گريونگ ۽ ٻيون اداڪارائون ۽ اداڪار شامل آهن. جڏهن تھ پناهگير خاندان تي ٻڌل فلم نيزوه جي اسڪريننگ بھ رٿيل آهي. هوڏانهن اداڪارا ڪيٿرين ڊينو کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.