شوبز

محبت ۾ انڌي هئس، دوست سان ستارا نھ مليا: نول سعيد

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا نول سعيد انڪشاف ڪيو آهي تھ مان محبت ۾ انڌي ٿي وئي هئي، پر دوست سان منهنجا ستارا ملي نھ سگهيا ۽ اسان ڌار ٿي وياسين. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ جنهن ماڻهو سان محبت ڪئي، ان بابت ماڻهو گهڻن ڪجهه ٻڌايو، خبردار بھ ڪيو، پر ڌيان ئي نھ ڏنو. هن چيو تھ مون سمجهيو تھ دوست کي تبديل ڪنديس، بدقسمتي سان ائين نھ ٿي سگهيو هو، ڇاڪاڻ تھ دوست کي سندس والدين مون کان پري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ياد رهي تھ نول سعيد ۽ ارسلان فيصل ۾ دوستي جون ڳالهيون ڪنهن کان بھ لڪل نھ رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button