ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ ۽ سوشل ميڊيا رپورٽنگ

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

اڄوڪي دور ۾ ميڊيا رڳو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ جي شڪل تائين محدود ناهي رهي پر ان جا ٻيا به ڪيترائي ذريعا آهن، جيڪي روايتي ميڊيا کي مات ڏئي چڪا آهن. سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ جتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ رستا سوڙها ٿي ويا آهن، اتي ماڻهن کي اظهار جي آزاديءَ به وڌيڪ ملي آهي. تڏهن به سوال اهو آهي ته اسين ان ميڊيا جو استعمال ڪيتري ذميواريءَ سان ڪريون ٿا. سوشل ميڊيا تي ذاتي حملا ڪرڻ، ڪنهن اداري جي خلاف لکڻ کان وٺي پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي مواد نظر اچي ٿو. ٻه ٽي معاملا آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي عام ٿي چڪا آهن. هڪ غلط رپورٽنگ ۽ ٻيو هر معاملي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ ۽ ڪوڙ کي وري وري بيان ڪرڻ.

ا ٻوڏ کان پوءِ به اهي شيون اسان کي فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر جهڙن اهم سوشل ميڊيا جي سائيٽن تي نظر اچي رهيون آهن. ڪافي ڏينهن کان هڪ تصوير فيس بوڪ تي شيئر ٿيندي رهي، جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته اها سنڌ جي شهر ڪي اين شاهه جي تصوير آهي. ايريئل ويو جي ان تصوير ۾ ڏيکاريو ويو هو ته پورو شهر پاڻيءَ ۾ ٻه ٻڏل آهي، رڳو گهرن ۽ ٻين عمارتن جون ڇتيون نظر اچي رهيون آهن. پر حقيقت ۾ اها تصور ڪي اين شاهه جي نه هئي. اها بلوچستان جي ڪنهن شهر جي هئي.
ان کان سواءِ ڪيتريون ئي وڊيوز آهن. جيڪي سنڌ جي شهرن جون ڪري شيئر ڪيون پيون وڃن. پر اهي وڊيوز سنڌ جون ڪونه آهن. هڪ وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪو ٻارڙو گاهه کائي رهيو آهي ۽ ان تي درديلي موسيقي هلائي ان کي سنڌي ٻار طور پيش ڪيو پيو وڃي پر اها به سنڌ جي وڊيو ناهي. ان قسم جي اٻهرائي ۽ تڪڙ جي ڪري اسين ڀلي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪريون ته سنڌ ۾ هن وقت مڪمل تباهي آهي پر ان سان اهو تاثر پڻ جڙي ٿو ته اسين صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي ڪيس کي رپورٽ نه ڪري رهيا آهيون.
صحافت ۾ فيڪٽ چيڪ ان ڪري به ضروري هوندو آهي ته جيئن ڪا به مس رپورٽنگ نه ٿئي. جنهن جي ڪري معاملا خراب ٿي ويندا آهن. سوشل ميڊيا اڄوڪي دنيا جو هڪ طاقتور هٿيار آهي، ان ڪري ان جو استعمال به ذميواريءَ سان ٿيڻ گهرجي. پر هتي هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ موبائيل آهي، هر ماڻهو صحافي ٿي ويو آهي. حد ته ان وقت ٿي وئي، جڏهن برساتن جو سلسلو شروع ٿيو ته فيس بوڪ تي هر ماڻهو موسميات جو ماهر ٿي ويو. فيس بوڪ استعمال ڪندڙ ٻڌائيندا رهيا ته سنڌ ۾ ڪيتري برسات وسڻ واري آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه رپورٽ ڪوٽ ڪري ڪئي وڃي ته پوءِ ان ۾ ڪا خراب ڳالهه ناهي. ڪو عام ماڻهو جيڪو پنهنجي منهن لائيڪس وٺڻ لاءِ پنهنجي وال تي اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري ٿو ته اهو ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو هوندو آهي. هن وقت تائين جيڪي ڪجهه به فيس بوڪ تي مختلف ماڻهن پاران پوسٽ ڪيو ويو آهي، ان مان گهڻي ڀاڱي اهڙيون خبرون آهن، جيڪي هٿ ٺوڪيون آهن. جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي. نتيجي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو صحيح خبر ڏني پئي ته ان کي به عقل وارن ماڻهن شڪ جي نگاهه سان پئي ڏٺو.
جيئن ته هيءَ دور هائپر ريئلٽي جو دور آهي، تنهنڪري هر معاملي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ ۽ هر ڳالهه کي حقيقت جي ابتڙ پيش ڪرڻ عام ڳالهه آهي. جنهن ڪري اسين انهن حقيقتن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون، جيڪي ڄاڻڻ ضروري آهن. سوشل ميڊيا جتي ماڻهوءَ کي اظهار جي آزادي ڏئي، ان کي ان قابل بڻايو آهي ته هو پنهنجي اندر جون ڳالهيون جيئن چاهي ڪري سگهي. اتي ان ماڻهوءَ کي حقيقي ڳالهين، واقعن ۽ خبرن جي پرک کان پري ڪريو ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو بنا تصديق جي ڪا تصوير يا وڊيو رکي ٿو ته ڪئين فيس بوڪ استعمال ڪندڙ ماڻهو ان کي اکيون پوري شيئر ڪندا آهن. اهي به ٻين وانگر ان جي تصديق ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن.
فيس بوڪ تي ٻوڏ متاثرن جي حقيقي رپورٽنگ ان ڪري به ضروري آهي ته جيئن اهي ماڻهو رهجي نه وڃن جيڪي سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. تنهنڪري فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر جهڙا پليٽ فارم پي ٽي آءِ وانگر استعمال نه ڪرڻ گهرجن. انهن جو استعمال سنڌ جي حقيقي رپورٽنگ سان ٿيڻ گهرجي. اهو مسئلو رڳو سنڌ ۾ ناهي پر سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي. جنهن کان پوءِ ادارا به فيڪٽ چيڪ وسيلي سچائيءَ کي سامهون آڻيندا آهن ۽ تڏهن خبر پوندي آهي ته اصل معاملو ڇا هو.
ٻوڏ کان پوءِ واقعي به ماڻهن جي حالت گهڻي خراب آهي ۽ اهي هن وقت ٻوڏ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. جنهن ۾ اهي بيمارين جو شڪار ٿين پيا. پيئڻ جي پاڻيءَ کان وٺي کائڻ پيئڻ جي شين جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهي عورتون جيڪي لکن جي انگ ۾ ڳورهاريون آهن، انهن لاءِ اڳيان هلي مسئلا وڌي ويندا. ان ڪري انهن معاملن کي بلڪل سوشل ميڊيا تي رپورٽ ڪرڻ گهرجي پر چامشوري روڊ جي وڊيو ٺاهي، ان کي ٽنڊو محمد خان جو روڊ ڄاڻائڻ سان ٻوڏ متاثرن جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.
سوشل ميڊيا تي ٿيل غلط رپورٽنگ ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکيڙي سگهي ٿي ۽ ان سان ڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ لائيڪس ۽ شيئر ته وٺي سگهي ٿو پر اهو ٻڏي ويل سنڌ جي اصل ڪهاڻي ٻڌائڻ جي لائق نٿو ٿي سگهي. تنهنڪري ميڊيا جو هر پليٽ فارم ذميواريءَ سان استعمال ڪرڻ لازمي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button