ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻيهر ٻڏل شهر جو ڪيس

Editorial-Article- Ajaz Mangi

نيٺ خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويو. تمام گهڻا امڪان ۽ تمام گهڻا آسرا هئا. امڪانن ۽ آسرن ۾ هڪ جنگ هئي. مون کي پاڻ ذاتي طور تي به تشويش هئي. ان ڪري مون بار بار ڪي اين شاهه ۾ موجود دوستن کي فون ڪري معلوم ٿي ڪيو ته شهر جي حالت ڪيئن آهي؟ انهن مان اڪثريت جو خيال اهو هو ته پاڻيءَ جي دٻاءَ ۾ ايتري شدت ناهي. ان ڪري اميد اها آهي ته شهر بچي ويندو. انهن دوستن جي لفظن ۾ ئي نه پر لهجن ۾ به هڪ طرح جو اطمينان هو. پر معلوم ناهي ته ڇو مون کي ڪا اڻ تڻ هئي. ڪجهه اهڙو پئي محسوس ٿيو، جيڪو خراب هو. خطرناڪ هو. ڪجهه اهڙي ٿيڻ جو داخلي احساس هو، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي پر ٿيڻ جي طرف تيزيءَ سان وڌندو وڃي. ۽ پوءِ اهوئي ٿيو، جنهن جو دل ۾ امڪاني خوف هو. خيرپور ناٿن شاهه هڪ ڀريو تريو شهر ڏسندي ڏسندي ٻڏي ويو.
۽ شايد اهو چوڻ به مڪمل طرح سان ٺيڪ ناهي ته خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويو. جڏهن ته اهو لکڻ ۽ اهو چوڻ وڌيڪ صحيح هوندو ته خيرپور ناٿن شاهه ٻيهر ٻڏي ويو. اهو شهر جيڪو ٻارنهن سال اڳ به ٻڏو هو. ان وقت به هن شهر جي باري ۾ تمام گهڻا ليک لکيا ويا هئا. ان وقت به هن شهر جي حوالي سان احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا هئا. ان وقت به تمام گهڻو نقصان ٿيو هو. آخر هڪ شهر جي ٻڏي وڃڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن شهر پنهنجن گهرن، پنهنجين گهٽين، پنهنجين بازارين، پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجن پکين سميت پنهنجين اکين جون سموريون روشنيون وسائي پاڻيءَ ۾ هليو وڃي ۽ ڪيتري وقت تائين ان پاڻيءَ ۾ پيل هجي ته ان کان وڌيڪ هڪ شهر جو ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. اهو الميو هڪ ڀيرو نه پر هن ڀيري ٻيو ڀيرو وجود ۾ آيو آهي. ٻيو ڀيرو سنڌ جو اهم شهر پاڻيءَ جي لهرن هيٺان اچي ويو آهي.
ڇا حڪمران ڌر وٽ ان سوال جو ڪو جواب هوندو؟ هوندو ان سوال جو جواب ته هڪ شهر ٻيهر ڪيئن ٻڏو؟ جڏهن ته ان مهل به سنڌ مٿان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي. ان وقت به پيپلز پارٽيءَ جي مٿان تمام گهڻي تنقيد ٿي هئي پر ڇا ٿيو؟ ڇا پيپلز پارٽيءَ کي شهر نه بچائي سگهڻ جي ڪا سياسي سزا ملي؟ جيڪڏهن ملي ها ته شايد هن ڀيري اهو شهر محفوظ رهي ها. هن دنيا ۾ سزا ۽ جزا جو اهم ڪردار آهي. جڏهن ماڻهو پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافيءَ تي ماٺ رهن ۽ نه صرف ماٺ رهن پر هو جمهوري طرح سان پرامن ترين يعني ووٽ وجهڻ جي سلسلي ۾ به ٿوري به مزاحمت نه ڪن ته پوءِ انهن کي اهڙا ڏينهن ڏسڻا پون ٿا. اهي ڏينهن ڪي اين شاهه جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسي رهيو آهي.
خيرپور ناٿن شاهه جي ووٽرن جي سزا انهن جي ٻارن کي به ملي آهي. اڄ انهن جا ڪتاب ۽ رانديڪا به ٻوڏ جي لهرن ۾ لڙهي رهيا آهن. اڄ انهن جا ٻار به ٻري ۾ ٻري رهيا آهن. اڄ اهي عورتون به امدادي ڪيمپن جي ڪاغذي تنبن ۾ ويهڻ جي مجبور آهن، جن عورتن جو ڪڏهن پنهنجو گهر ۽ اڱڻ هو. انهن جو ان گهر ۾ مان ۽ شان هو. انهن جو ان گهر ۾ وقار هو. انهن گهرن ۾ هو ماني ٺاهينديون هيون ۽ اها ماني هو صرف پنهنجن ٻارن کي نه پر در تي آيل سوالين کي به کارائينديون هيون. اڄ اهي عورتون پاڻ سوالي ٿي ويون آهن. اڄ هو پاڻ بکيون ۽ ڏکيون آهن.
ڪاش! اسان جي حڪمرانن ۽ اسان جي حڪمرانن کان وڌيڪ اسان جي عوام کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي تنهن ٻوڏ جي صورت ۾ صرف ماڻهو گهر ۽ هن جو مال نه پر هن جو مانُ، هن جو شانُ، هن جي عزت ۽ هن جو وقار به لڙهي ويندو آهي. ماڻهن جا جهڙا به گهر هجن. پر اهي انهن جا گهر هوندا آهن. انهن ۾ انهن جي مرضي هلندي آهي. ماڻهو ان ۾ دال ماني کائي خوش رهندو آهي. جيڪڏهن دال به نه ملي ته بصر ۽ ڍوڍو کائي به سڪون سان سمهي سگهندو آهي. پر امدادي ڪيمپن جي بدبودار ماحول ۾ جيڪا برياني به ملي ٿي، اها به نڙيءَ ڪنڊن جيان هيٺ لهندي آهي. اها به انسان لاءِ هڪ طرح جو عذاب هوندي آهي. ان عذاب مان سنڌ جا ماڻهو اڳ به گذريا هئا ۽ هاڻي به گذري رهيا آهن. جڏهن ته ان عذاب جي هن ڀيري شدت وڌيڪ آهي. اڳين دفعي اڌ سنڌ ٻڏي هئي ۽ هن ڀيري پوري سنڌ مڪمل طور تي پاڻيءَ هيٺ آهي. جڏهن ته ان باري ۾ ماڻهن ۾ صرف هڪ افسوس آهي. هڪ طرح جي شڪايت آهي. انهن ۾ اها ڪاوڙ ڪونهي. اهو غصو ڪونهي، جيڪو تبديليءَ جي تصور کي عمل آڻيندو آهي. اهو غصو جيڪو تاريخ جي وهڪري کي پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي منشا سان مٽائيندو آهي. اهو غصو ڄڻ ته سنڌ مان گم ٿي ويو آهي. جڏهن ته انتظامي نااهلي ۽ نااهليءَ کان وڌيڪ انتظامي ڪرپشن سبب انهن جا گهر گهاٽ، ماڳ مڪان ۽ انهن جا شهر ٻڏي ويا آهن. انهن جي ٻڏل شهرن جا جائزا وٺڻ جي لاءِ حڪمران پوءِ به آڪڙجي اچن ٿا ۽ اهي پنهنجي آمد جو احسان جتائين ٿا. اهي حق گهرندڙ ماڻهن کي حقارت سان ڏسن ٿا. ان تي به سنڌ جي عوام کي ان طرح جو غصو نه ٿو اچي جيڪو هڪ غيور قوم کي اچڻ گهرجي. هن وقت پوري سنڌ هڪ عجيب ڪيفيت مان گذري رهي آهي. ان ڪيفيت جو اظهار سياسي طور تي ته بنهه نه ٿو ٿئي.
سنڌ جون سياسي پارٽيون، خاص طور تي اهي پارٽيون جيڪي مخالف ڌر هيون. انهن جو ٿورو گهڻو ذرو پرزو امدادي ڪردار ته نظر اچي ٿو، انهن جا ورڪر پنهنجي حال آهر امدادي ڪيمپون قائم ڪري ويٺل آهن ۽ انهن جو اهو ڪردار به پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي پاڙي ۽ پنهنجي شهر جي حوالي سان آهي پر انهن پارٽين جو هن مهل به ڪو به سياسي ڪردار نه رهيو آهي. انهن کي هن مهل جيڪا سياست ڪرڻ گهرجي، جيڪا سياسي مزاحمت ڪرڻ گهرجي، ان جو دور دور تائين ڪو اتو پتو ناهي.
سنڌ جي غيرسرڪاري سياسي پارٽين جي اهڙي غيرسياسي ڪردار کي ڏسي سنڌ جي عوام تي آيل ڪاوڙ به هڪ طرح جو افسوس ۽ ندامت محسوس ٿي رهي آهي. ڇو ته عوام جي قيادت سدائين سياسي پارٽيون ڪنديون آهن. اهي عوام کي نه صرف پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ اڳتي وٺي هلنديون آهن پر اهي انهن جي سياسي تعليم ۽ تربيت به ڪنديون آهن. سچي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي سياسي تعليم ۽ تربيت جيڪڏهن ڪئي آهي ته اها صرف ۽ صرف پيپلز پارٽيءَ ڪئي آهي. اها ئي انهن سان ويجهي رابطي ۾ رهي آهي ۽ اها ئي انهن کي سمجهائيندي ۽ سيکاريندي رهي آهي. ان جو نتيجو اڄ اسان جي اکين آڏو آهي. پيپلز پارٽيءَ ويجهو واسطو رکي سنڌ جي عوام کي جيڪا سياسي تعليم ڏني آهي ۽ انهن جي جيڪا سياسي تربيت ڪئي آهي، ان سبب سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻا سور سهي به پيپلز پارٽيءَ جي خلاف سياسي بغاوت ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن. پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي عوام مان ردعمل جي سموري سگهه لٽي ڇڏي آهي. انهن کي اها تعليم ڏني آهي ته هر حال ۾ وڏيري ۽ ڀوتار ۽ ڀوتارن جي ڀوتار جو گهر جو گولو غلام ٿي رهي ۽ انهن کي اها تربيت ڏني آهي سموري ذلت ۽ خواريءَ کي به برداشت ڪري پيپلز پارٽيءَ جي ووٽ وجهڻا آهن. سنڌ جو عوام هن ڀيانڪ ٻوڏ ۾ به پيپلز پارٽيءَ جو غلام ٿي بيٺو آهي. سنڌ جي عوام کي سر اوچو ڪرڻ جو سياسي سبق مليو هجي ته ان کان پڇاڻو به ڪجي. سنڌ جي ماڻهوءَ جي ذهن ۽ ضمير مٿان پيپلز پارٽيءَ جيڪي مهرون هڻي ڇڏيون آهن، ان سبب سنڌ جو ماڻهو پاڻ کي غلام بڻائي هلائڻ تي مجبور آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن ۾ پاڻ کي باشعور ۽ بااصول سمجهندڙ سياسي پارٽين جو ڪم ڪيل هجي ها ته خيرپور ناٿن شاهه هيڪر به نه ٻڏي ها. هي ته خيرپور ناٿن شاهه ٻيهر ٻڏي ويو آهي.
ڇا هڪ شهر جي ٻيهر ٻڏڻ جو معاملو معمولي آهي؟ هن ملڪ ۾ ڪو راڻو راڻي ناهي؟ جيڪي گذريل ڏهن سالن کان وٺي هن شهر جي انتظامي عهدن تي ويهي ٺٺ ڪندڙ ڪامورن ۽ هن شهر جي چونڊيل نمائندن جو پڇاڻو ڪن ۽ انهن کان معلوم ڪن ته هي شهر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻيءَ ۾ ڇو ٻڏو؟ اهو اسان جي سياسي پارٽين جو فرض آهي ته هڪ ٻڏل شهر جو ڪيس کڻي ڪميشن ٺهرائين، جيڪا ان جي پوري اسٽڊي ڪري ته آخر هڪ شهر ٻيهر غرقاب ڇو ٿيو؟ شهر جو ٻڏڻ ڪا معمولي ڳالهه ته ڪانهي. هن ايڏي وڏي الميي کي ”قدرتي آفت“ جي شور ۾ دفن ڪرڻ به تمام وڏي سازش آهي. ان سازش جو به ڄمي مقابلو ڪرڻ گهرجي. پر اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌ جي سياسي ڌرين ۾ ايتري سمجهه ۽ ايتري سگهه هجي ها ته هوند هڪ کلندڙ ملندڙ شهر لهرن جي لپيٽ ۾ اچي ئي نه ها.
خيرپور ناٿن شاهه جي معاملي تي عدليا جو به اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ”وڇ ڪلي آهر ڪڏندي آهي“ جيڪڏهن سماج ۾ ان قسم جي تڙپ ۽ توائي هجي ته عدليا به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ سوچي سگهي ٿي. پر جڏهن مظلوم ظلم سهڻ جي لاءِ پاڻ تيار هجي ته هن سان انصاف ڪيئن ٿيندو؟ اسان جي قانون ۾ به اها سقم موجود آهي ته جيڪڏهن فريادي پنهنجي فرياد تان هٿ کڻي ٿو ته ڏوهاريءَ تان خون جو ڪيس به معاف ٿي وڃي ٿو. جيئن ٿيندو رهيو آهي. جيئن ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن عوام فرياد ئي نه ڪندو ته انصاف جا در ڪيئن کلندا؟ جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ ڦاٿل انسان ڦٿڪندو ئي نه ته ان جي بچڻ جا امڪان ڪٿان ظاهر ٿيندا؟
شيخ اياز ڪيتري نه سچي ڳالهه ڪئي آهي
”اي ٻڏي ٻاڪار ٻانهون هڻ رڳو
پريت ڪنهن کي پار پهچائي نه ٿي“

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button