
مذهبي اسڪالر عامر لياقت جي پهرين اڳوڻي زال ۽ ٽي وي ميزبان بشرا اقبال قوم مٿان ٻوڏ جي مصيبت کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو آهي تھ هتي شديد برساتون ۽ ٻوڏ صحيح اچي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن شديد برساتن ۽ ٻوڏ کي الله جي پڪڙ بھ سڏيو. بشرا اقبال چيو تھ معصوم ٻارڙن سان جانورن جو سلوڪ ڪندڙن کي ڦاهي نھ ملي تھ آفتون ئي اينديون آهن.